
سنڌ جي معلومات
سنڌ جي معلومات (ڪتاب): سنڌ جي تاريخ بابت سوالن جوابن جي صورت ۾ هي ڪتاب محمد صالح کهڙي جو لکيل آهي. ڪتاب جي ارپنا سخي انسان الحاج محمد طاهر کهڙي کي ڪيل آهي. هن ڪتاب ۾ پنھنجي پاران مصنف جو لکيل ۽ مهاڳ غلام مصطفيٰ ’مشتاق‘ ميمڻ جو لکيل آهي. ڪتاب موضوع جي لحاظ کان پنجويھہ بابن ۾ ورهايل آهي. هي ڪتاب معلومات جي حوالي سان انتهائي اهم آهي ۽ ڪميشن جي تياري ڪندڙن لاءِ تمام ڪارائتو آهن. ڊيمي سائيز، رنگين ٽائيٽل سان هي ڪتاب روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو پاران 2018ع ۾ ڇپيو. 264 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 250 رپيا ڄاڻايل آهي.