سنڌ راڻي: سنڌ جي تاريخ ۾ سنڌ راڻيءَ جي خطاب سان ٻہ عورتون مشھور آهن. سڀ کان پهرين ’سنڌ راڻيءَ‘ جو خطاب ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي، ڪڇ فتح ڪرڻ کانپوءِ راءِ لاکي جي سؤٽ جي ڌيءَ سان شادي ڪري، اُن کي ڏنو هو.
سنڌ جي تاريخ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تہ ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي کي ڪڇ جي حاڪم راءِ لاکي صلح جو پيغام موڪليو. صلح کانپوءِ راءِ لاکي پنھنجي ڀيڻ ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي کي ڏيڻ جو واعدو ڪيو، پر اڳتي هلي راءِ لاکي پنھنجي ڌيءَ ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي جي نڪاح ۾ ڏني، اها راءِ محقق پوسٽنز جي آهي. باقي سمورا محقق ۽ تاريخدان انهيءَ ڳالـهـه تي متـفـق آهـن تہ صلـح کان پوءِ راءِ لاکـي پنھنجي ڀيڻ، ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي کي ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو، پر اڳتي هلي هن پنھنجي سؤٽ جي ڌيءَ سندس نڪاح ۾ ڏني. تـاريـخ مان ڄاڻ پوي ٿي تہ اهـا شـادي وڏي شـان شـوڪـت سان ٿي هئـي، شـاديءَ کان پوءِ ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي پنھنجي گهر واريءَ کي ’سنڌ راڻيءَ‘ جي خطاب ڏيڻ جو فرمان جاري ڪيو. هي واقعو 28 شعبان 1177 ھہ/ 2 مارچ 1764ع ۾ ٿيو.
ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي جي فرزند ميان سرفراز خان ڪلهوڙي هن شاديءَ بابت فارسيءَ ۾ هڪ طويل قطع تاريخ چئي آهي، جنهن جو آخري شعر هن ريت آهي:
لاجرم گشت سال تاريخش،
”بہ بود اين قران شمس و قمر“
1177 ھہ
ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي کانپوءِ ’سنڌ راڻيءَ‘ جو ٻيو خطاب ’سونيتيءَ‘ کي مليو هو (تفصيل لاءِ ڏسو: سونيتي).