سنڌ اخبار

سنڌ اخبار

سنڌ روزاني اخبار

سِنڌ (روزاني اخبار): سنڌ اخبار جي. او. آر ڪالوني حيدرآباد مان شايع ٿئي ٿي ۽ سنڌ جي سمورن ننڍن وڏن شهرن ۾ پهچي ٿي. ان کانسواءِ اسلام آباد، لاهور، ڪوئيٽا ۽ صادق آباد ۾ بہ وڃي ٿي. روزاني سنڌ جي باقاعدي اشاعت 5 نومبر 1995ع کان شروع ٿي، ان جو پهريون ايڊيٽر رشيد راڄڙ، نيوز ايڊيٽر رزاق سروهي ۽ ايڊيٽوريل صفحي جو انچارج اعجاز منگي هو، جڏهن تہ ان جو چيف ايڊيٽر غلام رسول سھتو هو ۽ هن وقت چيف ايڊيٽر مهيش ڪمار آهي. هن اخبار جو پبلشر منير احمد ميمڻ آهي. روزاني سنڌ جي ايڊيٽر طور لالا رحمان سمو 1997ع کان 1998ع تائين، اعجاز منگي 1999ع تائين، سھيل سانگي 2000ع تائين، صالح بِلو 2004ع تائين ذميواريون ادا ڪري چڪا آهن. هن وقت روزاني ’سنڌ‘ جو ايڊيٽر (فبروري 2004ع کان) جعفر ميمڻ آهي، جڏهن تہ هن وقت نيوز ايڊيٽر رُڪ سنڌي آهي. هن اخبار جي سرڪيوليشن ۽ اشتهارن واري شعبي جو سربراھہ مظهر علي چانڊيو آهي، جڏهن تہ سينئر صحافي لائق سنڌي، جئہ پرڪاش، عبدالله پنهور، مختيار ميمڻ، نذير لغاري ۽ ممتاز ميمڻ روزاني ’سنڌ‘ جي نيوز ايڊيٽر طور ڪم ڪري چڪا آهن. ان کانسواءِ قاضي شاھہ محمد ۽ يونس مھر مختلف وقتن تي روزاني سنڌ جا چيف ايڊيٽر رهي چڪا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1995.11.05  عيسوي

روزاني سنڌ اخبار جي باقاعدي اشاعت 5 نومبر 1995ع کان شروع ٿي



اخبارون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ستياوادي پکشڪ
شڪارپور سماچار
سنڌ ايڊووڪيٽ
سنڌ ٽائيمز
سنڌو روزاني اخبار
سنڌ زميندار
شاهين اخبار
شيوڪ اخبار
جاڳرتا
سنڌ قاصد
اخبارون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون