سنڌ زميندار (اخبار): سنڌ زميندار اخبار، 1922ع ۾ سکر مان نڪتي. هيءَ اخبار پهرين اخبار وڏي سائيز ۾ ٽه روزه نڪرندي هئي ۽ سالن تائين سنڌ جي مسلمانن جي سماجي، علمي ۽ سياسي خدمت ڪيائين.
’سنڌ زميندار‘ اخبار ڪڍڻ ۾، سنڌ محمدن ائسوسيئيشن جو هٿ هو. هن جا ايڊيٽر ماستر عبدالوهاب، علي احمد عليگ، پير علي محمد راشدي، پير حسام الدين راشدي، آغا نظر علي، مولوي عبدالغفور سيتائي، در محمد اويسي ۽ حافظ خير محمد اوحدي رهيا.
هـن اخبار جي اجراء جو مقصد ڄاڻائيندي پير علي محمد راشدي لکي ٿو ته: ”خلافت ۽ ڪانگريس تحريڪن جي اثر کان سواءِ، پڙهيل لکيل عوام ۾ آزاديءَ جو جـذبو جـاڳي چڪـو هـو ۽ انگـريـز مجبور ٿي پيا هـئـا ته مـسلمـانـن، خاص ڪري زميندارن تي هٿ رکن، کانئن اخبارون ڪڍرائين، ’امن سڀا‘ ۽ ’سنڌ محمدن ائسوسيئيشن‘ جهڙيون وفـادار ۽ فـقـط نوڪريون گهرندڙ جماعتون قائم ڪرائيـن ۽ حڪومت سان وفاداريءَ جي وسامندڙ ڏيئي کي هوا ڏيـاري، ان کي قائم ۽ روشن رکن.
’سنڌ زميندار‘ اخبار جو جاري ٿيڻ عين ان پاليسيءَ پٽاندڙ هو ۽ ماستر عبدالوهاب صاحب پنهنجا فرائض بلڪل بجا آندا، سندس انتقال کانپوءِ مسٽر احمد علي عليگ ايڊيٽر ٿيو، ۽ مئي 1929ع ۾، مون پاڻ وڃي مسٽر احمد عليءَ جي ڇڏيل ڪرسي سنڀالي. منهنجي ڏينهن ۾ اخبار جي پاليسي بلڪل ڦري وئي . . . اصلوڪا ڊائريڪٽر مري کپي چڪا هئا. پريس جو سارو انتظام خانبهادر محمد ايوب کهڙي جي قبضي ۾ اچي ويو هو . . . . ايڊيٽر جي ڪم ۾ ڪا به دست اندازي ڪانه ڪندو هو. ساڳئي وقت عام حالتن ۾ به تبديلي اچي وئي هئي، تنهنڪري اخبار جي تحريرن کي تيز ڪندي، منهنجي رستي ۾ ڪا به رڪاوٽ نه هئي، البت ڪيترا ڀيرا وقت جا عملدار ناراض ٿي پيا. . . 1933ع تائين آءٌ پنهنجي جاءِ تي بحال رهيس.“
’سنڌ زميندار‘ اخبار جو مئنيجر ڪجهه وقت آغا نظر علي خان هو، جيڪو ٿورو عرصو اخبار جو ايڊيٽر به ٿيو. آغا ظفر عليءَ بابت پير علي محمد راشدي لکي ٿو ته، ”نظر علي خان جي حياتيءَ جا اصول هئا: مالڪ پريس (مسٽر کهڙي) جي ذات سان وفاداري، خرچ جي معاملي ۾ ڪفايت شعاري، بني نوع انسان تي بي اعتباري، هندو ذات کان بيزاري، اڇي چمڙي (يعني انگريز) اڳيان نيزاري، مسلمان نالي ۾ مستقل آه و زاري، صحت جي معاملي ۾ خبرداري، مفت جي ماني ملي ته پيٽ کي پورن آزادي. . . صورت رعبدار، آواز گرجدار، يارن جو يار ۽ مذاق بذله سنج. . .“
حافظ خير محمد اوحديءَ جي خيال ۾، 1936ع ۾، هيءَ اخبار مالڪن جي بي توجهيءَ سبب، ۽ اهڙن هٿن ۾ وڃڻ سبب، جي سندس ادارتي ذميداريون سنڀالي سگهڻ جهڙا نه هئا، پنهنجو وقار وڃائي ويٺي ۽ هوريان هوريان ختم ٿي وئي. ڊاڪٽر عزيزالرحمان ٻگهئي جو خيال آهي ته هيءَ اخبار وچ تي 7 سالن جي وقفي کانپوءِ 1950ع تائين جاري رهي.