سنڌ سماچار (اخبار): ديو ناگريءَ ۾ شايع ٿيندڙ هيءَ اخبار پنڊت ميور شرما ۽ پنڊت سو ديشور طوطارام جي نگراني ۽ ادارت ۾ 28 جولاءِ 1920ع کان شايع ٿيڻ لڳي. هيءَ اخبار پهرين هفتيوار ۽ بعد ۾ روزاني اخبار طور شايع ٿيندي هئي. هن اخبار ۾ تعليمي ۽ اخلاقي مضمون شايع ٿيندا هئا. اخبار ’سنڌ سماچار‘ شڪارپور پرنٽنگ پريس مان ڇپجي، پريم ڌرم سڀا هاءِ اسڪول شڪارپور مان پڌري ٿيندي هئي. هيءَ اخبار 1939ع تائين باقائده شايع ٿيندي رهي بعد ۾ بند ٿي وئي.