
سنڌ شناسي
سنڌ شناسي (ڪتاب): ليکڪ جيئل اوڏ جو هي ڪتاب سندس تحقيقي مضمونن ۽ مقالن تي مشتمل آهي، جنهن جو مهاڳ ڊاڪٽر غلام نبي سڌائي لکيو آهي. ان کانسواءِ ڪتاب تي غلام محمد لاکي، ڊاڪـٽـر راءِ محـمـد بروهـي، پروفيـسر عطاءُ ﷲ ابـڙي، مخـتـيـار سـمــي، امام راشدي، راءِ قاضي، عنايت ميمڻ ۽ ٻين جا مختصر نوٽ شامل آهن. هن ڪتاب ۾ جيئل اوڏ جا هي مضمون ۽ مقالا شامل آهن: ٿرڙي جي جنگ، سنڌوءَ جو سفر، سنڌ جا گاھہ: هڪ تحقيقي جائزو، حال احوال جي رسم، سنڌي دائي لوڪ علاج، وڻ ٻوٽا، مذهب ۽ حڪمت، لاڙڪاڻي جا خفتي ۽ گوئر، ٻيلن جو تاريخي پسمنظر، اوڏ، ۽ سندن رسمون وغيرہ.
ڊيمي سائيز جي 237 صفحن جي هن ڪتاب ۾ ليکڪ پنھنجي خاندان ۽ واسطيدارن جون رنگين تصويرون بہ ڏنيون آهن. هي ڪتاب اتم پبليڪيشن لاڙڪاڻي، 2010ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ان جي قيمت 300 روپيا آهي.