سنڌ ورقي/ورڪي: سنڌ ورقي جو اسم 1843ع کانپوءِ وجود ۾ آيو، جڏهن انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو تڏهن سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ حيدرآباد هو، جنهن ڪري حيدرآباد سنڌ جي ڪاريگرن جو مکيه شهر هو. انهيءَ وقت ڪي واپاري سنڌ جون ٺهيل ثقافتي شيون انگريزن وٽ وڪڻڻ لاءِ ويندا هئا ۽ انگريز اهي شيون وڏي چاهه سان خريد ڪري پنهنجي مٽن مائٽن کي موڪليندا هئا. وٺڻ وقت گهڻو ڪري پڇندا هئا ته (Is this Sindh Work?) ڇا هي سنڌ جي ٺهيل آهي؟ اهو ڏسي واپاري به پهچڻ شرط پڇندا هئا You want to see Sindh work? توهان ڪجهه سنڌ جو ڪم ڏسندؤ؟ سنڌ ورڪ گهڻو استعمال ٿيڻ لڳو جنهن بعد اهي واپاري سنڌ ورقي جي لقب سان مشهور ٿي ويا. سنڌ ورق جي واپارين کي انگريزن مان چڱي آمدني ٿيندو ڏسي گهڻن ماڻهن جو رخ انهيءَ قسم جي ڌنڌي ڏانهن ٿيو ۽ انهي ئي وقت ڪي واپاري سنڌ جو ثقافتي مال کڻي سنڌ کان ٻاهر انهن ملڪن ڏانهن روانا ٿيا، جتي خبر پين ته انگريز گهڻا ٿا رهن. بمبئيءَ ۾ هنن جي واپار چڱي ترقي ڪئي. انهيءَ وقت سنڌ بمبئيءَ جو حصو هئي. واپارين ترقي ڪرڻ کانپوءِ پاڻ وٽ نوڪر رکي، انهن کان ڦيري ڪرائڻ لڳا ۽ پاڻ سيٺ ٿي ويٺا.
سڀ کان پهرين سنڌ ورقي جيڪي سنڌ ۽ هند کان ٻاهر ويا ۽ جن جا ڪارخانا اڄ به اتي موجود آهن، سي ڀائي پوهومل ۽ ڀائي وسيومل هئا. ڀائي پوهومل مصر ۽ ڀائي وسيومل Strait Settlement ڏانهن ويو، جتان آهستي آهستي هو نوڪرن کي گهرائيندا ڪم کي وڌائيندا ويا. هن وقت سنڌ ورقي وارن جا دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڪارخانا آهن.
سنڌو سڀيتا جي قديم تهذيب دوران ۽ پوءِ وارن دورن ۾ سنڌ جا وڻجارا ۽ سنڌ ورڪي جاوا، سماترا، لنڪا، عدن ۽ ٻين ديساور جي ملڪن ۾ پنهنجي واپار ذريعي نه صرف پاڻ کي بلڪه هند سنڌ ۽ پنهنجي شهرن ۽ ملڪ کي شاهوڪار بڻائيندا رهيا آهن. هن وقت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ جيڪي ڪامياب سنڌي هندو واپاري بلنديءَ تي آهن انهن جو ٿورو وچور هتي ڏجي ٿو.
(1) يورپ ۾ سنڌين جي ڪامياب ترين ڪٽنب جو نالو آهي ’هندو جا ڪٽنب‘ جيڪو لنڊن ۾ رهي ٿو ۽ ارب پتي آهي. سندن واپار ناڻي، تيل ۽ ٽيليڪميونيڪيشن جي شعبن ۾ ٿيندو آهي. هنن پنهنجي واپار جي شروعات تهران کان ڪئي، پوءِ لنڊن منتقل ٿيا. هن ڪٽنب پنهنجي واپار مفادن سان گڏ سماجي خدمت ۾ به نمايان ڪم ڪيو آهي ۽ سندن قائم ڪيل هندوجا ٽرسٽ ذريعي ڪيئي اسپتالون ۽ تعليمي ادارا سڄي هندستان ۾ پکڙيل آهنا. سندن وڏو ڏاڏو شڪارپور جو هو، جنهن جو نالو پرمانند ديپچند هندوجا هو.
(2) اوڀر ايشيا ۾ هانگ ڪانگ جو ڪامياب ترين سنڌي واپاري ڪٽنب ’هيرالال‘ نالي آهي، جيڪي اصل ۾ حيدرآباد سنڌ جا آهن. ليلارام هيرالال کي ڇهه پٽ هئا، جن انهيءَ واپار کي پکڙيو آهي. سندن واپار جو ميدان اليڪٽرانڪس، سافٽ ويئر ۽ جائداد جي خريد و فروخت آهن. ڪجهه وقت کانپوءِ هنن هوٽلن جو ڪاروبار شروع ڪيو ۽ هانگ ڪانگ جي امپيريل هوٽل، 650 ڪمرن واري هاليڊي اِن گولڊن مائيل ٺهرايون. ان کانسواءِ هن وقت دنيا جي مختلف شهرن ۾ سندن هوٽلون موجود آهن، جن مان سنگاپور ۽ پينانگ ۾ هاليڊي اِن، لنڊن ۾ شيريٽن بيلگريويا، مانٽريال (ڪئناڊا) ۾ ڪواليٽي هوٽل، مڪائو ۾ ويسٽن رزارٽ، سڊنيءَ ۾ ڊبليو هوٽل، هانگ ڪانگ ۾ انٽرڪانٽينينٽل هوٽل، ان کانسواءِ سنگاپور ۽ بئنڪاڪ جي هوائي اڏن تي پڻ سندن هوٽلون آهن.
هن خاندان جو سمورو واپار گڏيل آهي ۽ اهي سمورا ڇهن ڀائرن جو اولاد ۽ سندن ڪٽنب گڏجي هانگ ڪانگ جي شهر ڪولون ۾ هڪ وڏي خانداني گهر ۾ رهن ٿا، جنهن ۾ 90 ڪمرا ۽ 30 گاڏين جي بيهارڻ لاءِ جاءِ آهي.
(3) سنگاپور ۾ هڪ سنڌي ڪٽنب جا ٻه ڀائر اشوڪ ڪمار ۽ راج وڏا واپاري آهن، پر هو هڪ بئنڪر کي 1997ع ۾ رشوت ڏيڻ جي ڏوهه ۾ اهڙا ڦاٿا جو هاڻي اهو اوج ڪونه رهيو اٿن. هنن جو ڪاروبار پڻ هوٽلن جو هو. سندن پيءُ 1947ع ۾ سنڌ مان لڏي وڃي سنگاپور ۾ ويٺو، جتي هن ريشم جو ڪاروبار ڪيو، جنهن جا ڪيترائي دڪان سڄي ملڪ ۾ قائم ڪيائين. هنن بعد ۾ آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ ۾ هوٽلون، سنگاپور ۾ 400 دڪان ۽ ممبئي ۾ سيراڪ هوٽل ۾ پئسو سيڙايو ۽ وڏو نالو ڪمايو.
(4) سنگاپور ۾ هڪ ٻيو اهم سنڌي واپاري ڪٽنب ميلواڻين جو آهي، جيڪي اتي ڪيترائي ريسٽورنٽ کوليو ويٺا آهن. اهي ملائيشيا جي ميليم گروپ سان به ڪاروباري شريڪ آهن، جن جو ڪم فيشن جي دنيا سان آهي.
سنڌين جي ڪاروبار ۾ ڪاميابيءَ کي ڏسندي هڪ سرائڪي چوڻي آهي ته ”جو وڃي جاوي، سو ڦر نه آوي، جي آوي ته پٽ پوٽا ڍاوي.“