
سنڌ پوليس
سنڌ پوليس: سنڌ پوليس فورس جو بنياد، انگريز دور ۾ سر چارلس نيپئر وڌو. ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ڊائريڪٽرن جي مشوري تي هن اداري جو بنيادي ڍانچو آئرش ڪالونيل پوليس تنظيم جي طرز تي جوڙيو ويو هو. انگريز دور ۾ هيءُ ادارو برطانوي آرمي آفيسرن جي هٿ هيٺ انتهائي منظم، مؤثر ۽ رشوت کان پاڪ اداري جي حيثيت ۾ ڪم ڪندو رهيو. اداري جي انتظامي معاملن لاءِ برطانوي حڪومت پوليس ڪميشن قائم ڪئي، جنهن جو سربراھہ ايڇ.ايم ڪورٽ مقرر ٿيو.
1860ع ڌاري پوليس ڪميشن طرفان، اداري جي ڪارگذارين لاءِ هڪ قانون جوڙيو ويو، جنهن جو اهم نقطو هن ريت هو تہ: ”پوليس جا فرض شھري تحفظ ۽ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ هوندا، ان ۾ رياستي ادارن ۽ ماڻهن جو عمل دخل نہ هوندو. هن اداري جا اصول ۽ ضابطا فوجي اداري جي اصولن مطابق قائم ڪيا ويندا.
سنڌ اندر موجودہ پوليس نظام، مٿئين چارٽر تحت ڪم ڪري رهيو آهي. هي ادارو سنڌ ۾ منشيات فروشي، انساني اغوائن، قتل جي وارداتن، ٽارگيٽ ڪلنگ، دهشتگردي، گروهي ۽ قبيلائي جهيڙن، چورين، ڦرن، ڌاڙن ۽ ٻين سنگين ڏوهن جي خاتمي، امن امان جي صورتحال تي ضابطي آڻڻ ۽ مختلف ڏوهن ۾ ملوث جوابدارن کي قانوني طريقن سان گرفتار ڪرڻ جا اختيار رکي ٿو.
سنڌ پوليس جي هٿ هيٺ هيٺيان مرڪز اچي وڃن ٿا: اسپيشل برانچ، سنڌ ريزرو پوليس، ٽريننگ برانچ، ريسرچ، ڊيولپمينٽ ائنڊ انسپيڪشن، ٽيڪنيڪل ائنڊ ٽرانسپورٽ، ريپڊ ريسپانس فورس، ڪرائيم انويسٽيگيشن ڊپارٽمينٽ، ڪرائيم برانچ سنڌ ۽ ٽريفڪ پوليس سنڌ.
هن اداري جون مکيہ آفيسون سينٽرل پوليس آفيس (CPO) ڪراچي، سکر، لاڙڪاڻي، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ۾ قائم آهن.
موجودہ وقت ۾ ڪراچيءَ ۾ وڌندڙ ڏوهن ۽ امن و امان جي خراب صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ ’ڪراچي ڪيپيٽل سٽي پوليس‘ آفيس قائم ڪئي آهي، جيڪا ٽن حدن (Zones) ۾ ورهايل آهي، جيڪي هن ريت آهن:
(1) ويسٽ زون: هن ۾ ٽيھہ پوليس اسٽيشنون اچي وڃن ٿيون، جن جي حد ۾ سائيٽ ٽائون، نيو ڪراچي ٽائون، نارٿ ناظم آباد ٽائون، گلبرگ ٽائون، لياقت آباد ٽائون، اورنگي ٽائون ۽ بلديہ ٽائون جا علائقا اچي وڃن ٿا.
(2) ايسٽ زون: هن زون ۾ مجموعي طور 34 پوليس اسٽيشنون شامل آهن، جن جي حد ۾ گلشن ٽائون، شاھہ فيصل ٽائون، لانڍي ٽائون، ڪورنگي ٽائون، بن قاسم ٽائون، ملير ٽائون ۽ گڏاپ ٽائون جا علائقا اچي وڃن ٿا.
(3) ساؤٿ زون: 32 پوليس اسٽيشنن تي مشتمل هن زون ۾ ڪياماڙي ٽائون، ڪلفٽن، صدر ٽائون، جمشيد ٽائون ۽ لياري ٽائون جا علائقا شامل آهن.
هن وقت ڪراچيءَ جو ايڊيشنل آءِ. جي شاهد حيات، ڊي. آءِ. جي جاويد اوڍو (ويسٽ/ اولھہ)، عبدالخالق (سائوٿ/ ڏکڻ) ۽ منير شيخ (ايسٽ/ اوڀر) شامل آهن.
سنڌ پوليس جي مکيہ آفيسرن ۾ عارف حنيف، ڊي. آءِ. جي سکر، شرجيل کرل (ڊي. آءِ. جي لاڙڪاڻو)، غلام سرور جمالي (ڊي. آءِ. جي ڪرائيم برانچ حيدرآباد)، ثناءُ ﷲ عباسي (ڊي. آءِ. جي اسپيشل برانچ حيدرآباد)، مشتاق مھر (ڊي. آءِ. جي هيڊ ڪوارٽرز)، غلام قادر ٿيٻو (ايڊيشنل آءِ. جي ٽريفڪ)، ذاڪر حسين (ايڊيشنل آءِ. جي اسپيشل برانچ) شامل آهن.
سنڌ حڪومت هن اداري کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ لاءِ جديد سهولتن سان پڻ روشناس ڪري رهي آهي. تازو 2010ع ۾ سنڌ پوليس کي ’فون ٽريڪنگ‘ جي جديد سهولت سان آراستہ ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، جنهن ذريعي بروقت ڏوهن تي ضابطو آڻي سگهبو.
سنڌ جا اسلامي درسگاھہ: سنڌ قديم دور کان علم ۽ ادب جو مرڪز رهي آهي. هتان جا جيد عالم ۽ طبيب عربن جي ڪاھہ کان اڳ عرب رياستن ۽ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پنھنجي علم جا جوهر ڏيکاري رهيا هئا. يونان جي بادشاھہ سڪندر اعظم 326 ق. م ڌاري سنڌ فتح ڪئي، سندس فوج جڏهن سيوهڻ جي راجا ’ساحبس‘ کي شڪست ڏئي شھر ۾ داخل ٿي تڏهن کيس سنڌ جي عالمن جي هاڪ ٻڌڻ ۾ آئي. تڏهن سڪندر اعظم ڪيترن ئي سنڌي عالمن کي گهرايو، جن کان يوناني عالمن سوال ڪيا. سنڌي عالمن سڪندر اعظم ۽ سندس عالمن کي سندن سوالن جا جواب ڏئي گهڻو متاثر ڪيو. جنهن کانپوءِ سنڌي عالمن سڪندر کان سوال ڪيو جنهن جو هو جواب ڏئي نہ سگهيو. تاريخ جي مطالعي مان ان ڳالھہ جي گواهي ملي ٿي تہ هتان جا ماڻهو ضرور ڪن درسگاهن ۾ استادن وٽ علم پرائيندا هوندا، جيئن امام بخاري (المتوفي 256ھہ/870ع) لکي ٿو تہ: ”هڪ دفعي حضرت عائشہ رضہ بيمار ٿي تہ سندس علاج لاءِ هڪ سنڌي طبيب گهرايو ويو هو.“ يحى بن خالد برمڪي جي ڪوشش سان سنڌ جا ويد (ويڄ)، حڪيم ۽ پنڊت بغداد ۾ گهرايا ويا هئا، اُتي انهن کان مختلف علمن تي ڪم ورتو ويو هو. اهڙي ريت پنڊت ماڻڪ کي هارون الرشيد سنڌ مان گهرائي بغداد ۾ سنسڪرت جي ڪتابن جو مترجم ڪري رکيو هو. ان کانسواءِ پنڊت نافر جو تصنيف ڪيل فن موسيقي تي مشھور ڪتاب اسپين تائين پهتو، پنڊت ودياگهر جو ڪتاب ’ادب الملڪ‘ جيڪو حڪومتن جي طريقي ۽ هٿيارن متعلق هو. ان ڪتاب جو عربي ۾ ترجمو ابو صلح بن شعيب ڪيو. تاريخ جا اهڙا کوڙ سارا مثال جن مان معلوم ٿئي ٿو تہ هنن سمورن علمن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيئي درسگاھہ موجود هئا، جتان سنڌ جا ڪيترائي مورخ، طبيب، موسيقار علم حاصل ڪري دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڃي پنھنجي علم جي پرچار ڪندا هئا.
سنڌ ۾ اسلامي درسگاهن جو وجود سنڌ تي عرب ڪاھہ کانپوءِ پيو، جنهن جو ذڪر ڊاڪٽر محمد جمن ٽالپر ’سنڌ جا اسلامي درسگاھہ‘ ۾ هن ريت ڪيو آهي: سنڌ ۾ عربن جي ڪاھہ کانپوءِ مسجدون ۽ مدرسا قائم ٿيا، مسلمانن پنهنجا نوان شھر آباد ڪيا ۽ گڏيل سماج ۾ اسلام جي پرچار لاءِ (قرآن،فقه، حديث ۽ ٻين علمن) ڪيترائي معتبر ۽ معزز عالم سنڌ ۾ آيا.
سنڌ ۾ اهو سلسلو نهايت طويل رهيو آهي. تاريخ جي ورقن ۾ ٺٽو پنھنجي عروج واري زماني ۾ علم ۽ فضل جو مرڪز هو، جتي سوَن جي تعداد ۾ ديني مدرسا کوليا ويا هئا، انهن مدرسن مان مخدوم ابو القاسم نقشبندي، مخدوم معين الدين ٺٽوي، مخدوم هاشم ٺٽوي، خواجہ محمد زمان ۽ اهڙا ٻيا ڪيئي عالم پيدا ٿيا جن جون تصنيفون دنيا جي اسلامي مدرسن جي نصاب جو حصو آهن. تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو تہ ڪيترن ئي شهرن ۾ عربن فوجي ڇانوڻيون قائم ڪيون ۽ انهن شهرن ۾ عام مسلمانن ۽ سپاهين جي عبادت لاءِ مسجدون تعمير ڪرايون ويون جن سان مڪتب ۽ مدرسا بہ هوندا هئا ۽ انهن مسجدن جو سلسلو ديبل کان وٺي ملتان تائين پکڙيل هو، اهي درسگاھہ يا مدرسا مسجدن جي حجرن ۾ هوندا هئا. اهڙي ريت سنڌ ۾ پهريون اسلامي درسگاھہ ديبل ۾ قائم ٿيو، جتي بغداد مان ڪيترن وڏن عالمن اچي درس و تدريس جو ڪم سرانجام ڏنو. هڪ ٻي روايت موجب، محمد بن قاسم سنڌ ۾ پهرين مسجد نيرون ۾تعمير ڪرائي ۽ اُتي هڪ مؤذن پڻ رکيائين، جيڪو درس جو ڪم پڻ سرانجام ڏيندو هو.
اسلامي درسگاهن ۾ ان وقت مضمون جي لحاظ سان صرف نحو، فقه، قرات ۽ تجديد نصاب ۾ شامل هئا. باقي طب، رمل، نجوم، جفر، تصوف، تعبير، حڪمت ۽ فلسفي جا مضمون شاگرد پنھنجي پسند تي پڙهندا هئا. ان کانسواءِ تعمير ڪرايل مسجدن ۽ مدرسن ۾ پيش امامن، فقيهن ۽ شاگردن لاءِ بيت المال مان وظيفا پڻ مقرر ٿيل هوندا هئا. اوائلي عربي دور ۾ سنڌ جي اڪثر وڏن ۽ اهم مرڪزي شهرن اندر ڪيترا اسلامي درسگاھہ هئا جن مان رڳو ٺٽي ۾ چار سو درسگاھہ هئا. ان کانسواءِ منصوره جيئن تہ اسلامي حڪومت جو تختگاھہ هو. انهيءَ شھر ۾ پڻ عربي ماحول ۽ عالمن جي موجود هجڻ ڪري وڏا وڏا مدرسا قائم ٿيا. ان کانسواءِ بکر، روهڙي، الور، سيوي، کهڙا، سيوستان، دشت باران، پڪا ڪاتيار، بوبڪان، هالاڪنڊي، کاڻوٺ جهيجا، انڙپور، کپرو، اگهم ڪوٽ، ولهار، بلڙي، ڪڪرالو، مٽياري، سونڊا، لاهري، پريالو وغيرہ ۾ پڻ ڪيترائي مدرسا کوليا ويا. عرب دور جي ڪجهہ اسلامي درسگاهن جو احوال هن ريت آهي:
شيخ صفي الدين ڪبير گاذروني جو مدرسو: ان دور ۾ اُچ بہ سنڌ جي سرزمين ۾ شامل هو. شيخ صفي الدين ڪبير گاذروني جو اچ ۾ هڪ وڏو مدرسو هو، جنهن مان ڪيترائي مثائق طالب فيض پرائي نڪتا.
شيخ علاءُ الدين ملتاني جو مدرسو: شيخ علاءُ الدين ملتان جو رهاڪو هو ۽ ملتان ۾ ئي پنھنجي قائم ڪيل مدرسي ۾ درس و تدريس جو سلسلو جاري رکيائين.
شيخ عماد الدين جو مدرسو: هي مـدرسـو اُن وقت سـنڌ جي حـدن ۾ شامل ملتان ۾ هو. شيخ عمادالدين، شيخ بھاءُ الدين زڪريا ملتانيءَ جي اولاد مان هو. شيخ عمادالدين جي درسگاھہ مان اُن دؤر ۾ ڪيترائي شاگرد فارغ التحصيل ٿي نڪتا.
شيخ رڪن الدين جو درسگاھہ: سندس اصل نالو شيخ صدرالدين هو. هن 52 سال پنھنجي گهر کي درسگاھہ بڻائي شاگردن کي علم سان نوازيو. انهيءَ کانپوءِ سندس فرزندن مدرسي ۾ درس و تدريس جو سلسلو جاري رکيو، جنهن مان ڪيترائي شاگرد فارغ التحصيل ٿي نڪتا.
مخدوم حسام الدين جو مدرسو: مخدوم حسام الدين وقت جي وڏن عالمن مان هو. مير عبدالقادر ’حديقة الاولياء‘ ۾ لکيو آهي تہ: ”سندس وقت گهڻو ڪري عبادت، طالبن کي پڙهائڻ ۽ فيض ڏيڻ ۾ گذرندو هو. هن پنهنجو مدرسو خانقاھہ ۾ قائم ڪيو.
سومرن جو دؤر: عربن کانپوءِ سومرن جي تعمير ڪيل شهرن چناني ۽ محمد طور ۾ سهروردي، بخاري ۽ جيلاني بزرگ رهندا هئا، جن جي درسگاهن جو بہ وڏو ڪردار هو. مسجدن لاءِ فقيھہ امامت ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيا ويا، جيئن فقہ حنفي کان مسلمان واقف رهن. اهڙن عالمن لاءِ ’صدر الصدور‘ (وڏو قاضي) سفارش ڪندو هو ۽ شهرن جا قاضي علمي ادارن جي صدارت ڪندا هئا. عالمن کي هر طرح جي ديني آزادي مليل هئي. فقط سياست ۾ حصي وٺڻ جي کين اجازت ڪونه هئي. ان کانسواءِ مفلس شاگردن جي رهائش، کاڌي پيتي ۽ ڪپڙي لٽي جا بار حڪومت برداشت ڪندي هئي. سومرن جي دؤر ۾ ’بکر‘ جو شھر علم جو وڏو مرڪز هو. وڏا وڏا جيد عالم ۽ فقيھہ هن شھر ۾ رهندا هئا. بکر جو پهريون اسلامي درسگاھہ سيد محمد مڪي جي ڪري وجود ۾ آيو. هن مشرڪانه حرڪتن ۽ بدعتن کي ختم ڪري، بکر ۾ مدرسو قائم ڪري ديني تعليم کي جاري رکيو. قاضي صدرالدين پڻ درس و تدريس جو عمل جاري رکيو. ان کانپوءِ سومرن جي دور جي اسلامي درسگاهن جو احوال هن ريت آهي:
سيد احمد بخاري بکري جو درسگاھہ: هن سيد پنھنجي والد جلال الدين حسين جي قائم ڪيل درسگاھہ ۾ درس ڏنو، جنهن مان ڪيترائي شاگرد فيضياب ٿيا، جنهن کانپوءِ هن درسگاھہ جو نالو پڻ سندس پويان سڏجڻ لڳو. هن سيد اُچ ۾ پڻ مدرسو کوليو ۽ پاڻ عمر جي آخري حصي ۾ اُتي تعليم ڏنائين.
شيخ نوح بکريءَ جو مدرسو: حضرت نوح بکري، سنڌ جو هڪ وڏو عالم ٿي گذريو آهي. پاڻ فرشته يعني پراڻي بکر ۾ رهندو هو ۽ اُتي ئي مدرسي جو بنياد وڌائين، جنهن کي پوءِ سندس اولاد سنڀاليو.
مولانا صدرالدين بکريءَ جو درسگاھہ: مولانا صدرالدين حنفي، عالمانا درجو رکندڙ عالمن ۾ شمار ٿيندو هو. هن بکر ۾ پنھنجي خانقاھہ ۾ اسلامي درسگاھہ قائم ڪيو، جتي پاڻ اسلامي علمن جو درس ڏيندو هو.
مولانا ظھيرالدين بکـريءَ جو مـدرسو: مـولانا ظـهـيـرالدين، سـلــطــان غياث الدين تغلق جو خاص درٻاري ۽ محرم راز هو. هن پهريائين بکر پوءِ دهليءَ ۾ درسگاھہ قائم ڪيو، جتان علامہ شمس الدين يحيٰ ۽ علامہ صدرالدين جهڙن شاگردن ديني تعليم حاصل ڪئي.
سومرن جي دور ۾ بکر کانپوءِ سيوهڻ جو قديم شھر پڻ علم ۽ عرفان جو مرڪز ۽ اسلامي تھذيب ۽ تمدن جو گهوارو هو. ان وقت سيوهڻ جو مدرسو اسلامي دنيا ۾ ’فهاءِ الاسلام‘ جي لقب سان مشھور هو. هتي ان دور ۾ اسڪندريہ (مصر) جا شاگرد بہ تعليم وٺڻ ايندا هئا. ان کانسواءِ سيوهڻ ۾ مشھور مدرس قاضي ڏنو رهندو هو، جنهن جي مدرسي ۾ مير معصوم بکري جھڙا شاگرد پڻ پڙهيا. سيوهڻ کانپوءِ سنڌ جو ٽيون وڏو شھر اگهم ڪوٽ، جيڪو نيرون ڪوٽ کان ٽيهن ميلن جي مفاصلي تي ڏکڻ اوڀر طرف ٽنڊو غلام علي روڊ تي آهي. هن کي اگهيماڻي بہ ڪري سڏيندا آهن. سومرن جي زماني ۾ هن شھر ۾ وڏو علمي مدرسو هو، جنهن ۾ اٽڪل پنج سو کن شاگرد قرآن شريف ۽ ٻين ديني علمن جو درس وٺندا هئا. هن مدرسي جي شاگردن جي رهائش کاڌ خوراڪ ۽ ڪپڙي لٽي جو بار سومرا ميان دائود، ميان حمل ۽ ميان اسماعيل برداشت ڪندا هئا. ان کانسواءِ هيٺيان مدرسا پڻ ان وقت عروج تي هئا:
(1) مخدوم نور ﷲ جو مدرسو.
(2) مخدوم عبدالله جو مدرسو.
(3) مخدوم فاضل شاھہ جو مدرسو.
سمن، ارغونن ۽ ترخانن جي دور ۾ اسلامي درسگاھہ: سومرن کانپوءِ سمن حاڪمن سنڌ جي سرزمين تي حڪومت ڪئي. ان دور ۾ سرزمين سنڌ جا جهونا شھر عرب جي علمي مرڪزن، جھڙوڪ: بغداد، دمشق ۽ ڪوفي جا هم پلئہ هئا. انهيءَ دور ۾ سيوهڻ، بکر، ٺٽو-درٻيلو، ٽلٽي، ڳاهو، ٻٻرلوءِ، هالا ڪنڊي، نصرپور، اگهم ڪوٽ ۽ ٻيا شھر اسلامي مدرسن ۽ درسگاهن سان ڀرپور هئا. انهن ۾ اسلامي علوم ۽ فنون جھڙوڪ: حديث، فقه، تفسير، قرئت علم معاني وغيرہ جو درس ڏنو ويندو هو. سنڌ جي سمن حاڪمن جي علم پروري ڪري ڪيترائي عرب ڪھي اچي سنڌ ۾ سڪونت پذير ٿيا. سما دور جو حاڪم ڄام نظام الدين وڏو علم دولت ۽ عالمن جو سرپرست هو ۽ وٽس چڱو ڪتب خانو موجود هو. ان کانپوءِ ڄام فيروز پنھنجي دور حڪومت ۾ ڪيتريون ئي مسجدون ۽ مدرسا ٺهرايا.سمن کان پوءِ سنڌ ۾ ارغونن جو راڄ قائم ٿيو. هن دور ۾ ڪن خاص درسگاهن/مدرسن جو ذڪر نہ ٿو ملي. البته مرزا شاھہ بيگ، قنڌار واري زماني ۾ علم نحو جي ڪتاب ’ڪافيد‘ جي شرح، عقائد نفسي، مطالع منطق جي شرح ۽ ٻيا ڪيترائي ڪتاب تصنيف ڪيا ۽ مهدي جونپوري سان علمائن جي روبرو قنڌار ۾ بحث ڪيو هئائين. ارغونن ۽ ترخانن جي ڏينهن ۾ سنڌ جا ٻہ تختگاھہ ٺٽو ۽ بکر علمي لحاظ سان ’ارض-معموره‘ سڏجڻ لڳا. ٻنهي گهراڻن جا ترڪستان ۽ ايران سان تعلقات هئا. تنهن ڪري گهڻن ئي بزرگن اهل قلم ۽ عالمن سنڌ ۾ سڪونت اختيار ڪئي. ان وقت حڪومت جي ٻولي فارسي هئي، تنهنڪري اُن ٻوليءَ زور ورتو، مورخ ۽ عالم ۽ شاعر فارسيءَ ۾ طبع آزمائي ڪرڻ لڳا. ان دور جي ڪجهہ مدرسن ۽ عالمن جو احوال هن ريت آهي:
بيبي جمال خاتون سيوستانيءَ جو درسگاھہ: هي درسگاھہ بيبي جي گهر ۾ قائم هو. جتي بيبي درس و تدريس جو ڪم ڪندي هئي. هي بيبي مشھور عارف ميان مير سنڌيءَ جي ڀيڻ هئي. هن تعليم، تصوف ۽ تجريد جي راھہ رسم پنھنجي والدہ ۽ سڳي ڀاءُ کان حاصل ڪئي.
ڀٽين جي جامع مسجد جو مدرسو: هي درسگاھہ پڻ هالا ڪنڊي ۾ هو. هن درسگاھہ کي مخدوم اسحاق (جيڪو شيخ بھاءُ الدين زڪريا جو مريد هو) جامع مسجد ۾ قائم ڪيو، جتي هو قرآن، حديث ۽ فقہ جي تعليم ڏيندو هو. هن درسگاھہ مان پڻ ڪيترائي بزرگ درس پرائي ويا.
سيد ملوڪ شاھہ جو مدرسو: هن سيد پنھنجي خانقاھہ ۾ ئي مدرسو قائم ڪيو. هي سيد قاضي سدو جو مريد هو. 924ھہ/1518ع ۾ هن ٺٽي ۾ وفات ڪئي.
سيد يعقوب ۽ سيد اسحاق جو درسگاھہ: سيد يعقوب ۽ سيد اسحاق ٻئي بزرگ، ڄام نظام الدين جي دور ۾ مشهد کان ٺٽي اچي رهائش پذير ٿيا. جتي هنن پنهنجو درسگاھہ قائم ڪري اسلام جي تبليغ ڪئي.
شيخ حماد جو درسگاھہ: شيخ حماد بن شيخ رشيد الدين جمالي اُچ جي مشھور درويش شيخ جمال جو ڏوهٽو هو ۽ ساموئي جي دامن ۾ جتي هاڻي دفن ٿيل آهي، اُتي ئي خانقاھہ هيس، سدائين منهن تي برقعو وجهي حجري ۾ طالبن جي جماعت کي گفتگو ۽ ڪشف جي ذريعي ظاهري خواھہ باطني تعليم ڏيندو هو.
شيخ شھاب الدين سھروردي پاٽائيءَ جو درسگاھہ: هي بزرگ سيوهڻ، پاٽ ۽ برهانپور جي صديقي خاندان جو وڏو هو، جنهن پهريائين پاٽ جو شھر آباد ڪرايو، جنهن کي ’قبه الاسلام‘ ڪري سڏيندا هئا. هن جي درسگاھہ مان هند-سنڌ جي ڪيترن ئي شاگردن فيض پرايو.
قاضي محمد جو درسگاھہ: قاضي محمد، ڄام بايزيد جي ڏينهن ۾ ٺٽي ۾ عالم ۽ مدرس ٿي گذريو آهي. هن ٺٽي ۾ وڏو ديني مدرسو ٺهرايو، جنهن ۾ هو ديني توڙي دنياوي تعليم ڏيندو هو.
ڳوٺ مراد اوٺي جو درسگاھہ: هي درسگاھہ سيد محمد ۽ احمد، ڄام صلاح الدين تماچي جي دور ۾ مراد اوٺي جي ڳوٺ ۾ تعمير ڪرايو، جنهن مان شيخ عيسيٰ ۽ قاضي نعمت ﷲ عباسي جهڙن عالمن پڻ تعليم حاصل ڪئي.
مخدوم بلاول جو ٽلٽيءَ ۾ عظيم درسگاھہ: ان دور ۾ ٽلٽيءَ ۾ هي درسگاھہ ظاهري علم جي پالوٽ سان گڏ روحاني فيض جو مرڪز هو. هن درسگاھہ مان ڪيترائي نالي وارا بزرگ جن ۾ مخدوم عربي ڌياڻي، مخدوم اسحاق، شيخ ڀرڪيو ڪاتيار، مخدوم عبدالرشيد، درويش جرڪس، قاضي ڏتي ۽ ٻين ڪيترن ئي مهذب ماڻهن هن درسگاھہ مان فيض پرايو.
مخدوم عبدالڪريم ميران جو درسگاھہ: هي درسگاھہ سنڌ جي علمي مرڪز بوبڪ ۾ هو. اهو شھر دادو ضلعي ۾ سيوهڻ کان اولھہ پاسي اٺ ميل کن پري آهي. هن درسگاھہ مان شيخ يوسف پاٽائي سنڌي، محمد عثمان بوبڪائي، طاهر محدث سنڌي، ۽ هندستان جي ڪيترن طالب علمن فيض پرايو. مخدوم عبدالڪريم ميران جي ٺٽي وڃڻ کانپوءِ سندس فرزند علامہ مخدوم محمد جعفر هن درسگاھہ کي سنڀاليو. ان دور ۾ هي اسلامي درسگاھہ سنڌ جو مشھور درسگاھہ هو. هن مدرسي کانسواءِ ارغونن جي دور ۾ ڪاهان ۾ مخدوم محمد فرخ پوٽي جو قديم مدرسو پڻ هو، جنهن ۾ مخدوم محمد خاص طور تي اسلاميات پڙهائڻ جو ڪم ڪندو هو. قاضي عبدالله درٻيلوي هن مدرسي جو شاگرد رهيو.
مخدوم عربي ڌياڻي جو درسگاھہ: هي درسگاھہ هالا ڪنڊي ۾ قائم هو. هن درسگاھہ ۾ مخدوم عربي ڌياڻو جيڪو وڏو عارف، عالم ۽ باڪمال شخص هو، جنهن هي درسگاھہ پنھنجي خانقا ۾ قائم ڪيو هن درسگاھہ ۾ مخدوم نوح رحه جهڙن شاگردن درس پرايو.