سنڌ ٿيئٽرس حيدرآباد: هي منڊلي، 1963ع ۾ سنڌ ٿيئٽرس جي نالي سان برپا ڪئي وئي. هن ٿيئٽرس پاران پهريون ڊرامو ’گونگي زال‘ پيش ڪيو ويو، جنهن جو ليکڪ الھہ بچايو لغاري هو. ٻيو ڊرامو ’انڪوائري آفيسر‘ پيش ڪيو ويو، جنهن جو ليکڪ مرزا قليچ بيگ هو. ان کانسواءِ آغا سليم جا ٽي مشھور ناٽڪ: دولھہ دريا خان، دودو چنيسر، تماشو ۽ غالب لطيف جي مشھور ناٽڪ ’چورن مٿان مور‘ سميت ٻيا ڪيترائي ناٽڪ هن منڊليءَ پاران پيش ڪيا ويا.
سنڌ ٿيئٽرس جي هدايتڪارن ۾ آغا سليم، مصطفيٰ قريشي ۽ غالب لطيف، اداڪارن ۾ سيما، روبينا قريشي، غزالا خورشيد، انوري بيگم، مصطفيٰ قريشي، الھہ بچايو لغاري، عبدالڪريم بلوچ، غلام حيدر صديقي، عبدالحق ابڙو، انور بلوچ، قاسم فاني، منظور قريشي، انور سولنگي ۽ سڪندر بلوچ شامل هئا.