سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊلي ڪراچي

سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊلي، ڪراچي: 1894ع ۾ سڀ کان پهرين ۽ جهوني سنڌي ناٽڪ منڊلي ’ڏيارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج ايميچورس ڊراميٽڪ سوسائٽي ڪراچي‘ ليکي وڃي ٿي، جيڪا پوءِ ’سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊلي ڪراچي‘ جي نالي سان مشھور ٿي ۽ لڳ ڀڳ پنجويهن سالن تائين ناٽڪ پيش ڪندي رهي. هيءَ ناٽڪ منڊلي تنهن وقت جي پرنسپال ڊاڪٽر جئڪسن ۽ پارسي وائيس پرنسپال بادشاھہ جي اُدم جي جفاڪشيءَ جو نتيجو هئي. هيءَ ناٽڪ منڊلي ويهن سالن تائين حيدرآباد ۾ هر سال ٽي ناٽڪ رچائيندي هئي، جتي ٻن راتين ۾ نئون ناٽڪ ۽ وچين رات جو گذريل سال وارو ناٽڪ پيش ڪندي هئي. هـن ناٽڪ منڊليءَ پـهـريــون ناٽڪ ڄيٺانند کلـڻـداس ڀريـاڻيءَ جو لکيل ’نل دمينتيپيش ڪيو، پوءِ ناٽڪ منڊليءَ جي مکيہ ليکڪ ليلارام وطڻ مل جا مشھور ناٽڪ جھڙوڪ: هرشچندر موهن، تارڪا، سورجن راڌا، رامائڻ، دروپدي، شاھہ عادل خان ۽ لوڀي لاکيڻا پيش ڪيا. اهڙيءَ ريت هن ناٽڪ منڊليءَ مرزا قليچ بيگ جا بہ ڪيترائي ننڍا توڙي وڏا ناٽڪ ڇپايا ۽ پيش ڪيا، جن ۾ مشھور ناٽڪ شڪنتلا، لوڀي ۽ ٺوڳي، انڪوائري آفيسر، حسنا دلدار، نيم طبيب خطره جان- نيم ملا خطره ايمان، شاھہ ايليا، شيخ چلي ۽ اڱڻ مسخرو، فيروز دل افروز، شمشاد مرحبانه، گشت ڪي ڪشت، پرهيز جي ٽولي، شھريار شھر بانو، بدر منير ۽ بينظير، شيرين فرهاد ۽ شھزادو بھرام شامل آهن. ان کانسواءِ هن ناٽڪ منڊليءَ ڏيئومل گاگنمل جو ناٽڪ رام بنواس، شيوا سنگهہ اجواڻيءَ جو ڪشت، ڀيرومل مھر چند جو حرص جو شڪار، وطڻ مل جو ’نشائين جي نصيحت‘ ۽ ڪوڙيمل چندن مل کلناڻيءَ جو ’سنگ جو پرسنگ‘ ناٽڪ پڻ رچايا ويا. هن ناٽڪ منڊليءَ جا مشھور هداتيڪار ڪنول سنگهہ ملڪاڻي ۽ هيرانند ڀوڄراج آڏواڻي هئا، جڏهن تہ معروف اداڪارن ۾ درگداس آڏواڻي، هيرانند سنتوش ڪمار (وڪيل)، سجاننگر جڳتياڻي، ڪنول سنگهہ ملڪاڻي، بجا سنگهہ آڏواڻي، حشمتراءِ لوڪ سنگهہ، ڄيٺمل موتيرام لعلواڻي، خوشيرام ساڌواڻي، ڊاڪٽر چوئٿرام، جوتسنگهہ آڏواڻي، ٽيئون مل (پرمانند ميوارام جو ننڍو ڀاءُ)، موتيرام گدواڻي، موهن شاهاڻي، وشنو هيراننداڻي، هيرانند ڀوڄراج آڏواڻي، ڏيئل مل لعلواڻي، تيجو مل شاهاڻي، لعلچند امر ڏنو مل، پهلاجراءِ ڪرپالاڻي، جهمٽ مل ڀاوناڻـي، مـوتــي جهانگياڻـي، گيـانچند ٿـڌاڻـي، دريانـو مل سدارنگاڻي، ڌرمداس ڇٻلاڻي، ڀاڳ سنگ آڏواڻي ۽ منگهارام ملڪاڻي وغيرہ شامل آهن. هن ناٽڪ منڊليءَ جو قائم ٿيڻ کان لڳاتار پنجويهن سالن تائين اوج رهيو، پر پوءِ ڏهن ٻارهن سالن تائين ناٽڪ نہ ڏيکاريا ويا. ان کان گهڻو پوءِ 1925ع ۾ ڪاليج جي سالياني جلسي ۾ خانچند درياڻيءَ جو ننڍو ناٽڪ ’سچي سڪ‘ پيش ڪيو ويو، جنهن جو هدايتڪار ڪاليج جو پرنسپال ۽ مشھور اديب منگهارام ملڪاڻي هو، جڏهن تہ اداڪار ڪاليج جا شاگرد هئا. تنهن کانپوءِ ڪاليج جي پرنسپال تيجو مل شاهاڻيءَ جي اتساھہ ڏيارڻ تي منگهارام ملڪاڻيءَ 1928ع ۾ سنڌ ڪاليج جي نئين ناٽڪ منڊليءَ پاران ’مومل منڙا‘ ناٽڪ رچايو. هن ناٽڪ جو هدايتڪار منگهارام ملڪاڻي هو ۽ مکيہ اداڪارن ۾ مڪند لال، موتي جڳتياڻي، چندن مير چنداڻي ۽ ڪشنو جڳتياڻي هئا. هن نئين ناٽڪ منڊليءَ جي قائم ٿيڻ کان ٽيھہ سال پوءِ 1939ع ۾ سنڌ ڪاليج جي پرنسپال شهاڻيءَ جي رٽائر ٿيڻ واري جلسي تي شيڪسپيئر جي مشھور ناٽڪ تان ورتل ڪهاڻي ’دلسوز داستان‘ نالي سان پيش ڪئي وئي. هن ناٽڪ جي هدايتڪاري خود ليکڪ منگهارام ملڪاڻي ڪئي، جڏهن تہ ڪاليج جي شاگردن اداڪاري ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو