سنڌ ڪلب عمارت

سنڌ ڪلب عمارت: ڪراچي شھر ۾، جوڌپور ۽ جنگشاهيءَ جي پٿرن سان ٺهيل هن عمارت جي پيڙھہ جو پٿر، 1845ع ۾ چارلس نيپئر رکيو هو. هيءَ ٻہ ماڙ جاءِ يورپي اڏاوت جي طرز جو خوبصورت نمونو آهي. ورهاڱي کانپوءِ 1960ع تائين هن ڪلب جا فقط انگريز ميمبر ٿي سگهندا هئا. هيءَ عمارت هوٽل ميٽروپول ۽ فريئر هال جي وچ ۾ اڃا ساڳيءَ حالت ۾ موجود آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو