سنڌ ڳالهائي ٿي
سنڌ ڳالهائي ٿي
سنڌ ڳالهائي ٿي
آواز سنڌ
سنڌ ڪي آواز
سنڌ ڳالهائي ٿي (ڪتاب): هي سنڌ جي قومي اڳواڻ ۽ سياستدان سائين جي. ايم. سيد جي عدالتي بيان تي مشتمل تاريخي دستاويز آهي. هن تاريخي دستاويز جي شروعات ’نشترپارڪ ڪراچي‘ کان ٿي، جنهن ۾ جي. ايم. سيد، 17 جنوري 1992ع تي پنهنجي 89هين سالگرهه ملهائي ۽ هزارين ماڻهن جي موجودگيءَ ۾ دنيا جي خوشحاليءَ، آزاديءَ ۽ ڀلائيءَ لاءِ هڪ ’نئين ورلڊ آرڊر‘ جو فارمولو پيش ڪيو ويو، جنهن ۾ سنڌ جي مالڪ سنڌي قوم کي به اهو اختيار ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو ته اها پنهنجي مقدر ۽ مستقبل جو فيصلو خود ڪري ته اها ڪهڙي حيثيت ۾ رهڻ چاهي ٿي. ان مطالبي جي بنياد تي ايس. ايڇ. او سولجر بازار ٿاڻي انسپيڪٽر منٺار ڪاڪا، پنهنجي ٿاڻي تي، پنهنجي ۽ سرڪار طرفان ايف. آءِ. آر درج ڪئي. هن ايف. آءِ. آر جي بنياد تي جي. ايم. سيد تي ’بغاوت‘ جو ڪيس داخل ڪيو ويو. 18 جنوري 1992ع جي صبح جو سوير سولجر بازار پوليس جي نفريءَ حيدر منزل ڪراچيءَ کي گهيري ۾ ورتو ۽ جي. ايم. سيد کي نظربند ڪري، اتي موجود سمورن ماڻهن کي گرفتار ڪري سولجر بازار ٿاڻي تي آندو ويو، جن کي پوءِ آزاد ڪيو ويو. 19 جنوري 1992ع تي رجسٽر ڪيل ايف. آءِ. آر ۾ درج ڪيو ويو ته ’بااختيار اعليٰ‘ حاڪمن جي ليٽر نمبر 92-381 تحت ايس. ايڇ. او تاريخ 18 جنوري 1992-SCR، مؤرخ 18.1.1992 تي سينيئر سپرينٽينڊنٽ پوليس ضلعي اوڀر ڪراچيءَ، معرفت ايس. ڊي. پي. او جمشيد ڪوارٽر ڪراچيءَ رپورٽ درج ڪئي ته: ”جيئي سنڌ جو جلسو، نشترپارڪ ۾ ٿيو، جنهن ۾ جي. ايم. سيد ۽ ٻين ڏوهارين جلسي ۾ تقريرون ڪيون . . . بشير قريشيءَ صاحب صدر جي. ايم. سيد جي تقرير پڙهي ۽ جلسي ۾ شريڪ سمورن ڏوهارين جو موقف هو ته سڀئي جي. ايم. سيد جي سربراهيءَ ۾ متفق آهن. هن جلسي ۾ قيام پاڪستان جي مخالفت . . . ۽ سنڌ کي ڌار ڪرڻ جي تبليغ ڪئي وئي .. . وغيره . . ايف. آءِ. آر مطاب مٿين سمورن ڏوهارين جو انفرادي يا اجتماعي ڪردار آئين پاڪستان مطابق ڏوهه آهي، جيڪو انڊر سيڪشن اي-121، 123 ۽ اي 153، پاڪستان پينل ڪوڊ ۽ اينٽي نيشنل ايڪٽوٽيز جي روڪٿام لاءِ جوڙيل ائڪٽ 74 جي شق نمبر 3 جي ذمري ۾ اچي ٿو.“
هن ايف. آءِ. آر هيٺ جي. ايم. سيد پنهنجي زندگيءَ جو آخري قيد ڪاٽيو ۽ ان قيد ۾ مناسب علاج جي راهه ۾ سرڪاري رنڊڪن سبب سندس انتقال ٿيو.
دوستن جي سمجهائڻ ۽ لڪل دٻاءَ جي باوجود، جي. ايم. سيد نتيجن جي پرواهه ڪرڻ کان سواءِ هي ڪيس خود وڙهڻ جو فيصلو ڪيو ته جيئن تاريخ تي ثابت ڪري سگهي ته سندس فيصلو درست هو. هن ڪيس ۾ پهرين سندس وڪيل سيد حسين شاهه راشدي ۽ حفيظ پيرزادو هئا ۽ بعد ۾ عبدالوحيد ڪٽپر هيءُ ڪيس آخر تائين وڙهيو. هي ڪيس دهشتگرديءَ جي ٽوڙ واري خاص عدالت، اسپيشل ڪورٽ نمبر ون ڪراچيءَ ۾ هليو.
جي. ايم. سيد هن ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ لاءِ سنڌيءَ ۾ تفصيلي ’عدالتي بيان‘ تيار ڪيو، جنهن جي تياريءَ لاءِ حڪومت کان هن ٻن ماڻهن- عبدالواحد آريسر ۽ تاج جويي- جا نالا خط لکي گهريا، اجازت ملڻ بعد هن کين ’عدالتي بيان‘ لکايو. اهو پهرين سنڌيءَ ۾، پوءِ انگريزيءَ ۾ ۽ بعد ۾ اردوءَ ۾ ترجمو ٿي پيش ٿيو. ياد رهي ته جي. ايم. سيد جو هي بيان عدالت وٺڻ جي همت نه ڪري سگهي.
عدالتي بيان جو پهريون سنڌي ڇاپو، نئين سوچ پبليڪيشن ڪراچيءَ، 1993ع ۾ شايع ڪيو ۽ ان جو ٻيو ڇاپو، ڊيمي سائيز جي 358 صفحن تي مشتمل 2002ع ۾ شايع ٿيو. هن بيان ۾ ڪافي تاريخي دستاويز به شامل ڪيا ويا آهن. هن عدالتي بيان ’سنڌ ڳالهائي ٿي‘ جو انگريزي ترجمو The Case of Sindh: G. M Sayeds’ Deposition for the Court جي نالي سان ’نئين سنڌ اڪيڊمي‘ ڪراچيءَ 2005ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. هي ترجمو سيد افضال حيدر ۽ ظفر اقبال مرزا ڪيو هو، جنهن جي درستي ۽ نظرثاني محمد ابراهيم جويي ڪئي. هن عدالتي بيان جو هڪ ڇاپو 1993ع ۾ ئي ’جي. ايم. سيد اڪيڊمي، سن‘ ضلعي دادوءَ پاران به ڊيمي سائيز جي 328 صفحن تي مشتمل شايع ٿيو، جنهن جي قيمت 100 روپيا آهي. هن عدالتي بيان جو پهريون اردو ترجمو ’آواز سندهه‘ جي نالي سان روزانه پبلڪ جي ايڊيٽر مجيب انقلابيءَ ڪيو، جيڪو انڊس پبليڪيشن ڪراچيءَ، 2003ع ۾ شايع ڪيو. ساڳئي عدالتي بيان جو ٻيو اردو ترجمو، مشهور اردو شاعر، فهيم شناس ڪاظميءَ ڪيو، جنهن تي نظرثاني حيدر جاويد سيد ڪئي. هي ڪتاب فڪشن هائوس، لاهور، 2003ع ۾ شايع ڪيو، جنهن جي خصوصيت اها آهي ته ان جي ابتدا ۾ ڪيس جا تفصيل به ڏنا ويا آهن.