سنڌ ۽ سنڌو ماٿريءَ ۾ وسندڙ قومون

سنڌ ۽ سنڌو ماٿريءَ ۾ وسندڙ قومون

سنڌ ۽ سنڌو ماٿريءَ ۾ وسندڙ قومون

سنڌ ۽ سنڌو ماٿريءَ ۾ وسندڙ قومون

سنڌ ۽ سنڌو ماٿريءَ ۾ وسندڙ قومون

سنڌ ۽ سنڌو ماٿريءَ ۾ وسندڙ قومون (ڪتاب): هي ڪتاب اوڻويهين صديءَ جي مشھور انگريز مصنف، رچرد برٽن جي تصنيف (Sindh & the Races that inhabit in the valley of the Indus) جو سنڌي ترجمو آهي، جيڪو محمد حنيف صديقيءَ ڪيو آهي.
رچرڊ برٽن 1843ع ۾ انگريزن جي فتح کانپوءِ ڪافي عرصي تائين سر چارلس نيپئر جي هٿ هيٺ سنڌ ۾ رهيو، اهڙيءَ ريت کيس سنڌ جي حالتن کي جاچڻ جو موقعو مليو. برٽن انهيءَ عرصي ۾ سنڌ بابت جيڪي چار ڪتاب لکيا، تن مان هي هڪ آهي، انگريزن سنڌ تي جنهن ويساھہ گهاتيءَ ۽ چالاڪيءَ سان قبضو ڪيو هو، ان جو اظهار هن طنزيہ انداز ۾ هڪ دفعي هن ريت ڪيو هو: ”جڏهن بہ نيڪ خاتون برطانيه، اٺين حڪم کي ڀڃڻ واري هوندي آهي، تڏهن هوءَ وڏي پارسائيءَ، تقدس ۽ فضل الاهيءَ جو ڏيکاءَ ڪندي آهي، عيسائين جي تبليغ جا قصيدا پڙهندي آهي، دنيا ۾ تھذيب کي ڦهلائڻ جي عزم جو اظهار ڪندي آهي ۽ پوءِ انهن بي انت فائدن جو ذڪر ڪندي آهي، جيڪي وحشين کي، سنديس رعيت ٿيڻ ۽ ڍل ادا ڪرڻ جي اجازت ملڻ تي نصيب ٿيندا آهن.“ پر انهن خيالن رکڻ جي باوجود رچرڊ برٽن فاتح قوم جو هڪ فرد هو ۽ سندس نگاھہ ۾ سنڌ جا رهاڪو مفتوح مشرقي هئا. اهو ئي سبب آهي جو هن ڪتاب ۾ سنڌ جي رهاڪن ڏانهن برٽن، جي رويي ۾ لاتعلقي، بي ترسي ۽ طنز نمايان اچي ٿي. سنڌ جي رهاڪن م هن کي انيڪ عيب تہ چٽا ڏسڻ ۾ اچن ٿا، پر منجهن خير ۽ خوبي ڪا لاچار نظر اچي ٿي. هو سنڌ جي رهاڪن جي دقيانوسي غير صحتمند رسمن ۽ رواجن تي تہ ڀرپور حملا ڪري ٿو، پر سندن ڪنهن بہ شاندار روايت، اعليٰ وصف يا ثقافتي ورثي جو کليءَ دل سان ڪٿي بہ ذڪر ڪو نہ ٿو ڪري... هن ڪٿي ڪٿي مسلمانن ۽ ٻين مذهبن وارن تي نازيبا حملا ڪيا آهن، جي هن سنڌي ترجمي مان هذف ڪيا ويا آهن.
هي ڪتاب 13 بابن ۾ ورهايل آهي. باب پهرئين ۾ سنڌ جو ٻاهريون روپ، ان جي فوجي ۽ تجارتي اهميت، ملڪ جي صورت ۽ تاريخ جو خاڪو پيش ڪيو ويو آهي. باب ٻئي ۾ سنڌو نديءَ جي قديم پيٽ، حاڪمن جي حڪومت ۾ واهن رستي آبادي ۽ ميرن جي صاحبيءَ ۾ ڍلن جي سرشتي کي بيان ڪيو ويو آهي. باب ٽئين ۾ سنڌي قصن جي فهرست، صوبي جون زبانون ۽ هر زبان جو مختصر احوال ڏنو ويو آهي. باب چوٿين ۾ سنڌ جي ٽن سڀ کان مشھور مصنفن- مخدوم هاشم، مخدوم عبدالله ۽ سيد عبداللطيف (شاھہ لطيف) جي حياتي، ساموين جي پيشنگوين، سسئي پنھون ۽ مارئي ۽ عمر سومري جي قصن مان انتخاب ڏنو ويو آهي. باب پنجين ۾ راڻي ۽ مومل، سھڻي ۽ ميهار، دودي ۽ چنيسر، هير ۽ رانجهي، دولھہ دريا خان ۽ مل محمود جا قصا ڏنا ويا آهن. باب ڇهين ۾ ڏيهي حاڪمن ۽ انگريزن جي حڪومت ۾ درسگاهن ۽ مڪتبن ۾ اسلامي تعليم، طب، جراحت وغيرہ جو اڀياس، هندن جي تعليم ۽ ماڻهن يک تعليم ڪيئن ڏجي (نسحتي الف- ب جي فادي ۾)- جو ذڪر آهي. باب ستين ۾ سنڌ جي ان وقت جي پنگتي حالت، ملاقات جي دستور، نشي جي رواج، قومي مذهب جي خصوصيت، روحاني علم، شيطاني علم، جادو ۽ ڪيميا، خوابن ۽ هٿ ڏسڻ جي علم، سوڻن ساٺن ۽ سزائن جو ذڪر آهي. باب اٺين ۾ سنڌ ۾ تصوف، صوفي شاعرن، صوفين جي جلالي ۽ جمالي طريقن، قلندر شھباز ۽ سنڌ جي مشھور اوليائن جو ذڪر آهي. باب نائين سنڌ ۾ رهندڙ ٻين قومن- سيدن وغيره، افغانن يا پٺاڻن، بلوچن، جتن، ميمڻن ۽ خواجن، مهاڻن ۽ ماڇين، حبشي غلامن ۽ سندن ٻوليءَ جو نمونو ڏنو ويو آهي. باب ڏهين ۾ سنڌ ۾ ٻار جي ڄم جي رسمن، مڱڻي، شاديءَ جي رسمن، موت ۽ دفن، قبرن ۽ مقامن جو احوال ڏنو ويو آهي. باب يارهين ۾ اصل سنڌين جي رسمن، پوشاڪ، راندين، زالن جي رواج، اخلاق، عادتن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. باب ٻارهين ۾ سنڌ جي هندن ۽ سندن ذاتين، هندو ڌرم جي هاڻوڪي حالت، سلوڪن ۽ شبدن جا نمونا ڏٺا ويا آهن. باب تيرهين ۾ عامل طبقي، ان جي اصل نسل، نوڪري، شهرت، رواج، شادي غمي ۽ ڪرياڪرمن جي رسمن جو بيان شامل آهي. ڪتاب جي آخر ۾ مترجم ليکڪ سر رچرڊ فرانسز برٽن جي حياتيءَ جو مختصر احوال ڏنو آهي.
ڊيمي سائيز جي 381 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ پهريون ڀيرو سال 1971ع ۾ شايع ڪيو هو، ان بعد 1976ع ۽ 1995ع ۾ اُن جا ٻہ ٻيا ڇاپا بہ آندا ويا، ٽئين ڇاپي جي قيمت 80 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو