سنڌ ۾ ريلوي نظام انگريز دور کان وٺي پاڪستان تائين

سنڌ ۾ ريلوي نظام
(انگريز دور کان وٺي پاڪستان تائين)
گڏيل هندستان ۾ انگريزن، ريلوي لائين وڇائڻ جي شروعات سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ کان 1856ع ڌاري ڪئي. ريلوي جي لائين وڇائڻ واري اسڪيم جو افتتاح سنڌ جي ان وقت جي ڪمشنر بارٽل فريئر ڪراچي ڪينٽ واري هنڌ تان ڪيو، جتي اڄ ڪينٽ ريلوي اسٽيشن آهي. پهرين ريلوي لائين ’فريئر اسٽريٽ اسٽيشن‘ (هاڻوڪي ڪينٽ اسٽيشن) ڪراچيءَ کان ڪياماڙي گوديءَ تائين وڇائي وئي. ريلوي نظام کي برپا ڪرڻ پويان خاص طور انگريزن جو مقصد ڪچي مال جي بمبئيءَ توڙي ٻين مڙني شهرن ڏانهن آسان رسد فراهم ڪرڻ هو. اها ريلوي لائين وڇائجي پوري ٿي ته فريئر جي بدلي ٿي وئي ۽ هو ساڳئي ريلوي لائين ذريعي ڪراچيءَ کان ڪياماڙيءَ تائين ريل ۾ چڙهي، پوءِ جهاز رستي بمبئيءَ روانو ٿي ويو. پهرين ريلوي پٽڙيءَ جو انجنيئر جان برٽن هو. 1859ع ڌاري فريئر سنڌ ڇڏي. ان کانپوءِ ساڳئي سال گِزري بندر تائين لائين وڇائڻ جو ڪم به مڪمل ٿيو. ان وقت ريلوي لائين وڇائڻ جو ڪم سنڌ ريلوي ڪمپنيءَ ’انڊس ويلي اسٽيٽ ريلوي‘ سرانجام ڏنو. هيءَ ڪمپني 1855ع ڌاري لنڊن ۾ قائم ڪئي وئي هئي. 1858ع ڌاري ڪراچيءَ کان ڪوٽڙيءَ تائين 110 ڪلوميٽر ڊگهي ريلوي لائين وڇائڻ لاءِ سروي جو ڪم شروع ٿيو ۽ 1859ع ڌاري ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ۽ سنڌ ريلوي ڪمپنيءَ وچ ۾ معاهدي هيٺ 13 مئي 1861ع ڌاري ان جو ڪم مڪمل ٿيو. ان لائين وڇائجڻ کان اڳ ريلوي تي فقط مال گاڏيون هلايون وينديون هيون، جڏهن ته انهيءَ لائين وڇائڻ کانپوءِ ماڻهن جي سفر لاءِ به ريلوي جو نظام متعارف ڪرايو ويو. ڪراچيءَ ۾ ڊرگ روڊ، ملير هالٽ، ملير ۽ لانڍي وغيره، ريلوي اسٽيشنون قائم ڪيون ويون. 1885ع ۾ انڊس فلوٽيلا ڪمپني، پنجاب ريلوي، دهلي ريلوي ۽ سنڌ ريلوي ڪمپنيون، اسٽيٽ سيڪريٽري آف انڊيا خريد ڪيون ۽ 1886ع ۾ نارٿ ويسٽرن اسٽيٽ ريلويز جو بنياد رکيو. 16 جون 1889ع تي ڪياماڙي ۽ ڪوٽڙي تائين ريل جي ٻي پٽڙي وڇائي لائين کي ٻٽو ڪيو ويو، جنهن تان هڪ ئي وقت ايندڙ ويندڙ ريلون هلي پئي سگهيون. ان کان اڳ 18 سيپٽمبر 1879ع تي وائسراءِ ڪائونسل جي حڪم تحت ڪوٽڙيءَ کان رُڪ (شڪارپور) ۽ رُڪ کان بمبئيءَ تائين ٻي ريلوي لائين وڇائڻ جو منصوبو طئي ٿيو. چئن مهينن جي مختصر عرصي ۾ رُڪ کان بمبئيءَ تائين پٽڙي وڇائي وئي، جنهن کي جنوري 1880ع تي آمدرفت لاءِ کوليو ويو. نيٺ ان منصوبي کي 320 ڪلوميٽرن جي ڪوئٽا تائين وڇايل پٽڙيءَ جي صورت ۾ مڪمل ڪري پهرين ڊگهي ريلوي لائين سامان توڙي مسافريءَ لاءِ استعمال ٿيڻ شروع ڪئي وئي. 1898ع ۾ ڪراچيءَ کان پشاور تائين ريلوي لائين جو منصوبو جوڙيو ويو، جنهن دوران سنڌ ۾ مين لائين وڇائي وئي، ان مان لوپ لائينون ڪڍي ننڍن توڙي وڏن شهرن کي ريلوي نظام تحت هڪ ٻئي سان ڳنڍيو ويو.
ڪراچيءَ کان ڪوٽڙي، ڪوٽڙيءَ کان نوابشاهه، پڊعيدن، محرابپور، خيرپور، روهڙيءَ کان، پنوعاقل- گهوٽڪيءَ رستي اڳتي پنجاب ويندڙ مين ريلوي ٽريڪ ٺاهيو ويو، جڏهن ته ڪوٽڙيءَ کان ڄامشورو- سيوهڻ- دادو-موهن جو دڙو- لاڙڪاڻو- سکر- شڪارپور- جيڪب آباد ۽ اڳتي ڪوئٽا تائين ريلوي جي لائين وڇائي وئي. حيدرآباد کان هڪ ريلوي ٽريڪ ٽنڊوڄام، ميرپورخاص کان اڳتي کوکراپار- راجستان ڏانهن ۽ ٻيو هوسڙي، ٽنڊي محمد خان، ماتلي، بدين تائين وڇايو ويو. اهڙيءَ ريت ڊگهڙي، ٽنڊي جان محمد، جهڏي ۽ نئون ڪوٽ تائين پڻ ريلوي پٽڙي وڇائي وئي، جيڪا هاڻي ناڪاره ٿي، ختم ٿي وئي آهي.
پڊعيدن وٽان هڪ لوپ لائين ڪلهوڙا اسٽيشن، نوشهري فيروز، مٺياڻي، مچر، درٻيلي ڪنڊياري، هالاڻي- بهلاڻي- محرابپور سان وڃي ڳنڍبي هئي، جيڪا هاڻي ختم آهي، جڏهن ته هڪ لائين روهڙيءَ مان سکر ۽ پوءِ سنگل لائين شڪارپور کان ٿيندي جيڪب آباد ڏانهن وڃي ٿي. جڏهن ته مکيه لائين پنوعاقل- گهوٽڪي- ريتيءَ کان پنجاب ۾ داخل ٿئي ٿي. سنڌ ۾ ريلوي جي مکيه توڙي لوپ لائينن جو سرشتو انگريزن جي وقت ۾ هر هڪ ننڍي توڙي وڏي شهر کي هڪٻئي سان ڳنڍيندو هو. پاڪستان ٺهڻ بعد ريلوي جو نظام هڪ ڏهاڪي تائين خيرخوبيءَ سان هليو، پر اڳتي هلي سنڌ ۾ مکيه لائين کي ڇڏي باقي اڪثر لوپ لائينون اکڙجي ويون ۽ ننڍيون ريلون (فيڊر) بند ٿي ويون. 1964ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ ’ڪراچي سرڪلر ريلوي‘ جو منصوبو جوڙيو ويو، جنهن کي ٻن مرحلن ۾ مڪمل ڪيو ويو. پهرين مرحلي ۾ ڊرگ روڊ کي لياريءَ سان ۽ ٻئي مرحلي ۾ لياريءَ کي ڪراچي سٽيءَ سان ملايو ويو. هيءُ منصوبو 1969ع ۾ پورو ٿيو. مکيه توڙي لوپ لائينن جي هر ٻارهن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ننڍن توڙي وڏن شهرن ۾ اسٽيشنون، پليٽفارم ۽ ٽڪيٽ گهر قائم ڪيا ويا. جن سان مسافرن توڙي جانورن ۽ ٻئي سامان جي نيڻ ۽ آڻڻ جون سهولتون پيدا ٿيون.
’راجا جي ريل‘ نالي سان مشهور ريل گاڏي پاڪ هند جي وچ ۾ ڇڪتاڻ سبب 5 سيپٽمبر 1965ع کان بند ڪئي وئي، جيڪا 40 سالن کانپوءِ هڪ دفعو وري 18 فيبروري 2006ع تي ’ٿر ايڪسپريس‘ نالي سان شروع ڪئي وئي. اها ريل ڪراچيءَ کان 338 مسافر کڻي ڀارت رواني ٿي. ٺاهه موجب پهريان ڇهه مهينا ٽرين پاڪستان مان ۽ پوءِ ڇهه مهينا ڀارت مان هلندي. ڪراچيءَ کان کوکراپار آخري ريلوي اسٽيشن آهي ۽ ڀارت ۾ موڻاٻائو آخري اسٽيشن آهي. اهڙيءَ طرح حيدرآباد، ميرپورخاص، شادي پلي، پٿورو، ڍورو نارو، ڇور وغيره ٿر ايڪسپريس جون اسٽيشنون آهن.
سنڌ ۾ ريلوي کي ٻن ڊويزنن ۾ ورهايو ويو آهي، جن ۾ هڪ سکر ۽ ٻي ڪراچي ڊويزن اچي وڃن ٿيون. انهن جو انتظام ڊويزنل سپرٽينڊنٽ جي هٿ وس آهي. سنڌ ۾ هيٺيون جنڪشن ريلوي اسٽيشنون به آهن، جتان ٻين هنڌن لاءِ ريلوي ٽريڪ نڪرن ٿا: ڪراچي، حيدرآباد، ٽنڊو آدم، پڊعيدن، روهڙي، ڪوٽڙي وغيره. (وڌيڪ ڏسو: ’پاڪستان ريلوي‘، جلد ٽيون)


هن صفحي کي شيئر ڪريو