سومرا بادشاهن جو سلسلو

سومرا بادشاهن جو سلسلو

1333ع ابن بطوطه جا گس سيوهڻ ۽ لاڙي(لاهري) بندر ڏانهن  اتان ئي ملتان ۽ دهليءَ ڏانهن

1333ع ابن بطوطه جا گس سيوهڻ ۽ لاڙي(لاهري) بندر ڏانهن اتان ئي ملتان ۽ دهليءَ ڏانهن

سنڌ ۾ سومرن جو دور

سنڌ ۾ سومرن جو دور:
سنڌ جي مسلم دور جي تاريخ ۾، سومرن جي دور بابت لکڻ ڏکيو ڪم آهي. سنڌ جي ممتاز عالم ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي، فيبروري 1954ع ۾ پشاور ۾ منعقد ٿيل The Second Session of the Pakistan Historical Record and Archives Commission. سيمينار ۾ ‘A Dark Period in the History of Sindh’ عنوان سان هڪ مقالو پڙهيو هو، جنهن ۾ ڊاڪٽر راءِ ڏني هئي ته: ”سنڌ جي اتهاس ۾ سومرن جو دور، اونداهو دور آهي، جنهن تي لکڻ تمام مشڪل ڪم آهي.“ ان کانپوءِ خاص ڪري پير حسام الدين راشدي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هن دور تي نئون مواد آندو. جنهن کي استعمال ڪندي ايم. ايڇ. پنهور، سومرا دور تي انگريزيءَ ۾ هڪ ڪتاب لکيو، جنهن جو نالو آهي: “Soomra Kingdom of Sindh” (1011-1351). اهو ڪتاب پوءِ سنڌي زبان ۾ ’تصوير سنڌ‘ (2012) نالي سان پڻ ڇپجي ظاهر ٿيو. حقيقت ۾ اڄ به سومرن جي سياسي تاريخ لکڻ مشڪل ڪم آهي. البت ان دور جي ثقافتي، ادبي ۽ علمي تاريخ متعلق تصديق شده مواد ملي ٿو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي سهيڙيل لوڪ ادب وارو ڪم (سومرا دور I & II جلد ۽ دودو سومرو 1-2 جلد) بنا ڪنهن شڪ شبهي جي هڪ يادگار ڪم آهي، پر ان کي سومرا دور جي تاريخ سڏي نه ٿو سگهجي. سومرا دور تي ڪم ڪندي هيٺيان سوال سامهون اچن ٿا:
(1) سومرا ڪير هئا؟
(2) سومرا خاندان بادشاهي ڪيئن ورتي؟
(3) سومرا بادشاهن جا نالا، تعداد ۽ صحيح دور؟
(4) سومرا مذهب جي لحاظ کان ڪير هئا؟
(5) سومرن جا تختگاهه ڪڏهن ۽ ڪٿي رهيا؟
(6) سومرن حاڪميت ڪيئن وڃائي؟
اهي ۽ ڪي ٻيا اهڙا سوال، موضوع تي لکندي اڀرن ٿا.
سنڌ جي تاريخي ماخذن ۾ ڪجهه ذڪر:
حقيقت ۾ سنڌ ۾ سومرا راڄ، تاريخ ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. عربن جي ٽن صدين جي غير سنڌي راڄ کانپوءِ، سومرن جي صورت ۾ سنڌ کي پنهنجو ديسي راڄ مليو هو، جنهن دور جا سنڌي سماج، زبان، ادب ۽ ثقافت تي گهرا اثر پيا هئا. بدقسمتيءَ سان ماخذن جي کوٽ ۽ انهن ۾ ڏنل اڻپوري مواد سبب، سنڌ جي سومرن جي تاريخ درست نموني لکجي نه سگهي آهي، بلڪ اڻپوري مواد، تاريخ لکڻ ۾ مشڪلاتون وڌايون آهن. هتي سومرا دور جي ماخذن جو مختصر ذڪر ڪجي ٿو:
تاريخ معصومي: سن 1600ع (1009هه) ۾ بکر/ سکر جي رهاڪو، مير محمد معصوم بکريءَ ’تاريخ معصومي‘ نالي فارسيءَ ۾ ڪتاب لکيو. سنڌ جي اتهاس بابت چچنامي کانپوءِ هي ٻيو قديم تحريري ماخذ آهي. مير معصوم بکريءَ، پنهنجي ڪتاب ۾ ڪل نوَن (09) سومرن بادشاهن/ حاڪمن جا نالا ڏنا آهن.
منتخب التواريخ: اٽڪ جي رهاڪو محمد يوسف ’منتخب التواريخ‘ نالي هڪ تاريخي ڪتاب سن 1065هه/ 1655ع ۾ لکيو هو. ٺٽي جي شيخ عبدالشڪور هن ڪتاب مان خاص ڳالهين جي چونڊ ڪري، هڪ ڪتاب ’انتخاب منتخب‘ سن 1084هه/ 1673ع ۾ تيار ڪيو ۽ ان ۾ سنڌ جي تاريخ بابت به ڪجهه ڳالهين جا واڌارا ڪيائين.
(غلام محمد لاکو: ’سنڌ جو تاريخي ۽ تحقيقي جائزو‘، ص: 242-248، 1997ع)
مولانا غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي ڪتبخاني ۾ ’انتخاب منتخب‘ جو قلمي نسخو موجود هو. پير حسام الدين راشديتحفة الڪرام‘ (فارسي) ۾ هن نسخي جي مدد سان ويهن (20) سومرا حاڪمن جي لسٽ مهيا ڪئي آهي:
تحفة الڪرام: هي ڪتاب نامور تاريخدان مير علي شير قانع، ٺٽي ۾ 1767ع ڌاري لکيو هو، جنهن جو ٽيون جلد سنڌ جي تاريخ بابت آهي. مير علي شير قانع، سومرن بابت لکندي ’انتخاب منتخب‘ (منتخب التواريخ) تان مدد ورتي هئي، هن اوڻيهن (19) سومرن بادشاهن جا نالا ڄاڻايا آهن.
دولت علويه: هي ڪتاب سومرن جي تاريخ بابت لکيو ويو آهي. تعلقي ٺل (ضلعي جيڪب آباد) جي مولوي عبدالرحيم سومري هي ڪتاب فارسيءَ ۾ 1340هه/ 1922ع ڌاري لکيو هو. بعد ۾ ساڳئي سال ۾ ان جو سنڌي ترجمو به ڪيائين، جيڪو ڇپجي ظاهر ٿيو. هي ڪتاب تحقيق بجاءِ ذاتي ٻُڌ سُڌ جي بنياد تي لکيل آهي، جنهن ۾ خاص مقصد اهو ظاهر ٿئي ٿو ته سومرا سنڌي نه، پر عرب نسل سان تعلق رکن ٿا. هن ايڪيهن (21) سومرن حاڪمن جا نالا ڏئي، سندن سنڌي نالن کي به عربي روپ ڏنو آهي. هن ڪتاب (دولت علويه) جو نئون ڇاپو گلشن پبليڪيشن حيدرآباد شايع ڪيو آهي. البت ان جو فارسي متن ڇپجي نه سگهيو آهي ۽ هن وقت اڻلڀ آهي.
مٿين ڪجهه مکيه ماخذن جي ذڪر کانپوءِ، هيٺ سومرا دور بابت اڀرندڙ ڪجهه سوالن جا جواب ڏجن ٿا:
سومرا ڪير هئا؟ هن عنوان تي تمام گهڻو بحث ٿيو آهي. ايترو بحث سنڌ جي ڪنهن به ٻئي حڪمران خاندان جي حسب نسب تي نه ٿيو آهي. مير محمد معصوم بکريءَ (’تاريخ معصومي‘، سنڌي، ص 98-99) ۾ سومرن جي اصليت بابت ڪجهه به نه لکيو آهي. البت هن خاندان جي 09 (نون) حاڪمن جا نالا ڏنا آهن. ٻئي قديم تاريخي ماخذ ’تاريخ طاهري‘ (سنڌي، ص: 39) جي ليکڪ مير طاهر محمد نسيانيءَ لکيو آهي ته، سومرا اڻ پڙهيل ۽ هندو هئا. هي پاڻ کي راڄ ڀاڳ جو اڳواڻ ۽ سرواڻ سمجهندا ۽ سڏائيندا ٿي رهيا. ڪلهوڙا دور ۾ لکيل تاريخي ڪتاب ’تحفة الڪرام‘ جي محقق مير علي شير قانع به هن عنوان تي قلم کنيو آهي ۽ هُو لکي ٿو ته سومرن جي بنياد بابت ڪا ثابتي ڪانه آهي. هي ’سامره‘ جا عرب آهن، جيڪي سنڌ ۾ هجري چوٿين صديءَ ۾ آيا هئا. (سنڌي ڇاپو، ص: 95). سومرن بابت هڪ نرالي راءِ ويهين صديءَ ۾ مولوي عبيدالله ’شائق‘ ڏني هئي. هن لکيو هو ته سومرا قوم جو مورث اعليٰ حضرت موليٰ علي ڪرم الله وجهھ آهي. تنهنڪري کين ’علوي‘ چئي سگهجي ٿو. سومرن جو سلسله نسب حضرت عليءَ جي نامدار جليل القدر فرزند امام محمد حنيفهرضه سان ملي ٿو. (دولت علويه، ص: 23) سومرن جي راجپوت هجڻ بابت ’تاريخ ريگستان‘ (ڀاڱي پهرئين) جي مصنف، استاد رائچند (راٺوڙ) هريجن مفصل بحث ڪندي اٽڪل روءِ 16 ليکڪن ۽ محققن جا حوالا ڏنا آهن. (ص: 60-62) مختلف عالمن سومره (سومرن) جي عراق جي شهر ’سامره‘ مان اچڻ تي بحث ڪندي، ان راءِ کي رد ڪيو آهي ته ڪو سومرا اصل ۾ عرب نسل سان تعلق رکن ٿا.
سن 2003ع ۾ ايم. ايڇ. پنهور جو سنڌ جي سومرا دور جي تاريخ تي هڪ انگريزي ڪتاب ‘Soomra Kingdom of Sindh’ ڇپيو هو، جنهن ۾ هن هيءَ راءِ ڏني آهي ته هي قبيلو اصل سنڌ جو آهي ۽ ان جي هندو راجپوت هجڻ ۾ ڪو به شڪ نه هئڻ کپي. ڪتاب جو سنڌي ڇاپو ’تصوير سنڌ‘ 2012ع ۾ ڇپيو آهي، جنهن مان خبر پوي ٿي ته ڪڇ، گجرات ۽ راجسٿان ۾ اڄ به سومرا آباد آهن ۽ اهي هندو آهن. ان پسمنظر ۾ حقيقت وڌيڪ صاف ٿي سامهون اچي بيٺي آهي، ته سومرا عرب نه، پر مقامي راجپوت نسل هئا.
موجوده دور جي وڏن عالمن ۽ محققن ۾ جي. ايم. سيد، پير حسام الدين راشدي، رائچند راٺوڙ، محمد ابراهيم جويو ۽ ايم. ايڇ. پنهور، سومرن جي راجپوت هئڻ تي متفق آهن. البت ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ هن راءِ کي هٿي ڏني آهي ته، سومرا راجپوت نه، پر اصل ۾ عرب آهن، جڏهن ته تاريخي تناظر ۾ ڏسجي ٿو ته سومرا، سنڌ ۾ عرب حاڪميت جي ڪنهن مرحلي تي اسلام قبول ڪري، مسلمان ٿيا هئا. هباري دور (855-1010ع) ۾ سومرا، اقتداري ڌر کي وڌيڪ ويجها ٿيا ۽ پوءِ اقتدار ۾ شامل ٿي مکيه عهدا حاصل ڪيائون. هبارين جي خاتمي تي سنڌ جا حاڪم سومرا ٿيا. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته ’سومرا‘ ڏهين/ يارهين صدي عيسويءَ ۾، سنڌ اندر هڪ وڏي سياسي طاقت جا مالڪ هئا.
سومرن جو اقتدار ۾ اچڻ: سومرا قبيلو اقتدار ۾ ڪڏهن ۽ ڪيئن آيو؟ اهو سوال حل طلب آهي. ڪنهن به قديم تاريخي ماخذ ان سوال جو مطمئن ڪندڙ جواب نه ڏنو آهي. مير معصوم بکريءَ لکيو آهي ته، سومرن ٺريءَ جي آسپاس گڏ ٿي سومري نالي هڪ شخص کي حڪومت جي گاديءَ تي ويهاريو. (تاريخ معصومي، سنڌي، ص: 98) البت ڪهڙي سال ۾ ۽ ڪيئن سومرا اقتدار ۾ آيا، ان متعلق مير معصوم بکري خاموش آهي.
ان کانپوءِ سنڌ جي تاريخ جي هڪ ٻئي ماخذ ’بيگلارنامه‘ واري به سومرن جي اقتدار بابت چند سٽون ئي لکيون آهن. هن ڪتاب ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته، ڪجهه ڏينهن کانپوءِ وري ساري سنڌ سومرن جي هٿ ۾ آئي، جن پنج سؤ ورهيه سنڌ تي حڪومت ڪئي ۽ پنهنجي گاديءَ جو هنڌ ڀشبور ڪيو هئائون. (بيگلارنامه، سنڌي، ص: 4) ڪتاب لکندڙ سن ۽ سال نه ڏنا آهن. سيد طاهر محمد نسياني لکي ٿو ته سومرا اڻ پڙهيل ۽ هندو هئا. هي پاڻ کي راڄ ڀاڳ جو اڳواڻ ۽ سرواڻ سمجهندا ۽ سڏائيندا هئا. سندن هڪ سرواڻ عمر سومرو به هو، جنهن جي حڪمرانيءَ جي عرصي بابت پوري ڄاڻ نه پئجي سگهي آهي.
پر اڳ ۾ بيان ٿي آيل انگن اکرن موجب اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته، هي به انهيءَ سموري دور (800 هه- 843هه) اندر پنهنجي وقت جو وڏو حاڪم ۽ ٽِڪي (خاص نشان) وارو هو. (تاريخ طاهري، سنڌي، ص: 39)
ان کانپوءِ ‘تحفة الڪرام’ نالي مشهور تاريخي ڪتاب ۾ به سومرن بابت مواد موجود آهي. ڪتاب جو مصنف مير علي شير قانع لکي ٿو ته، هن قوم جي ڪن ماڻهن جو غلبو (سنڌ جي) زمين جي ڪجهه حصي تي، درحقيقت هن کان اڳ ۾ پڻ هو. جيئن ته سندن خودمختياريءَ جي ڏينهن سميت، هنن ماڻهن جي (حڪومت جو) سمورو عرصو پنج سؤ پنج سال لکيو ويو آهي. اهو هن ڪري، جو بني عباس جي پوئين گورنر آل تميم کانپوءِ، هنن مان گهڻن جو دخل ڏسي، تاريخدانن جي هڪڙي ٽوليءَ هن قوم (قبيلي) جو زمانو (انهيءَ وقت کان) لکيو آهي، پر جنهن صورت ۾ انهيءَ وقت ۾، جيئن بيان ٿي آيو، سنڌ جي گهڻي ڀاڱي جي حڪومت غزنوين ۽ غورين جي هٿن ۾ هئي، تنهنڪري هنن [سومرن] جو راڄ انهيءَ وقت کان وٺي لکيو اٿن، جنهن وقت کان هي ٻئي ڪنهن جي ڀائيواريءَ کان سواءِ متصرف ٿيا. (تحفة الڪرام، سنڌي، ص: 91-94)
سنڌ جي قديم تاريخي مـاخـذن جي سـلـسـلـي جو آخري ڪتاب ‘لب تاريخ سنڌ’ آهي. هي ڪتاب خداداد خان فارسي زبان ۾ لکيو هو ۽ 1900ع ۾ امرتسر مان ڇپرايو هئائين. خداداد خان هن ڏس ۾ لکي ٿو ته سنڌ جون ڪي تاريخون جهڙوڪ: ’طاهري نسياني‘ ۽ مختصر هندي تاريخون لکن ٿيون ته سومرا هندو هئا. تحفة الڪرام جو مؤلف لکي ٿو ته، سومرا، هندو آهن يا مسلمان، مگر دراصل ’سامره‘ جي عربن مان آهن، ۽ اها به يقيني ڳالهه آهي ته قديم سنڌ جا رهاڪو آهن ۽ ڪاشتڪاري ۽ زمينداري ڪندا آهن. (لب تاريخ سنڌ، سنڌي، ص: 48-49) وڌيڪ لکي ٿو ته، مٿي ڄاڻايل عرصي ۾ (جڏهن ملڪ جي اندر انتشار هو) سومرن ’ٺري‘ شهر جي اوسي پاسي کان، جنهن جو وجود اڄڪلهه ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي، ماڻهو گڏ ڪري ۽ هندستان جي مختلف هنڌن تي برپا ٿيل فسادن جو موقعو وٺي ’سومري‘ نالي هڪ شخص کي ٺٽي جي ويجهڙائيءَ ۾ تخت تي ويهاريو. سومرو تمام سهڻي نموني سان حڪومت ڪري گذاري ويو. (لب تاريخ سنڌ، سنڌي، ص: 49)
مولوي عبيدالله ’شائق‘ پنهنجي ڪتاب ’دولت علويه‘ ۾ سومرن جي اقتدار ۾ اچڻ جو، نه سمجهه ۾ اچڻ جهڙو داستان جوڙيو آهي. البت سندس بيان ڪيل سومرا بادشاهن جا نالا، مناسب جاءِ تي ڏنا ويندا.
مٿي هن خاندان جي حڪومت ۾ اچڻ بابت جيڪي رايا ڏنا آهن، تن مان ڪا خاص ڄاڻ نه ٿي ملي. سومرن حڪومت ڪيئن ورتي، ڪنهن کان ورتي، ڪهڙي سال ۾ ورتي، وڙهي ورتي يا اٽڪل بازيءَ سان سنڌ جي بادشاهي هٿ ڪئي؟ اهي سڀ مسئلا، اڄ به حل طلب آهن. البت سنڌ جي نامور محقق پير حسام الدين راشدي، هن ڏس ۾ بنهه نئين تحقيق پيش ڪئي آهي. راشدي مرحوم عرب گورنرن ۽ حاڪمن جي پهريون ڀيرو مفصل ۽ معتبر لسٽ تيار ڪري ڇپرائي. هباري حاڪمن جي لسٽ ڏيندي اٺين نمبر حاڪم جو نالو ’خفيف‘ لکيو اٿس، ۽ اُن جو دور 401هه/ 1010ع- 416هه/ 1025ع ڄاڻايو اٿس. راشدي صاحب وضاحت ڪندي لکي ٿو ته، هي پهريون سومرو حاڪم آهي، جيڪو پوءِ محمود غزنويءَ جي هڪ حملي ۾ مارجي ويو هو. (تحفة الڪرام، فارسي، ص: 624، سال 1971ع) جيتوڻيڪ هن تحقيق ۾ ڪو به شڪ شبهو نه آهي. ان هوندي به هيءَ خبر نه ٿي پوي ته خفيف اقتدار ۾ ڪيئن آيو؟ پوءِ جي دور ۾ (1971ع کانپوءِ) اڪثر محققن هن راءِ کي قبول ڪندي مڃتا ڏني آهي.
سومرن جو مذهب: جيڪڏهن سومرن جي اصليت ’علوي‘ قبول ڪجي ته پوءِ ته معاملو ازخود ختم ٿي وڃي ٿو. ڇو ته ان موجب اهي ڄائي ڄم کان ۽ سنڌ ۾ وارد ٿيڻ سان ئي مسلمان هئا. (دولت علويه) پر اڪثر محقق هن ڳالهه تي متفق آهن ته، سومرا اصل ۾ هندو راجپوت هئا، جيڪي عرب دور ۾ يا عربن جي اچڻ سان اسلام قبول ڪري مسلمان ٿيا هئا.
ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ جي تحقيق موجب هباري دور ۾، قرمطي اسماعيلي اثر ملتان ۽ منصوره (سنڌ) جي حدن ۾ قبول ڪيو ويو هو ۽ هتي جا حڪمران يا ته قرمطي يا وري اسماعيلي عقيدي جا پوئلڳ ٿي چڪا هئا. انهن کي ملحد تصور ڪري محمود غزنويءَ 416هه/ 1025ع ۾ سنڌ جي تختگاهه منصوره تي حملو ڪيو ۽ ان حملي ۾ خفيف مارجي ويو. (تاريخ سنڌ، عرب دور، باب 16، مختلف صفحا)
ان مان ظاهر ٿيو ته سنڌ جا سومرا مسلمان ٿيڻ کانپوءِ، ۽ عباسي (بغداد جي خليفن) حاڪمن جي ڪمزوريءَ ۽ مصر ۾ فاطمي طاقت وڌڻ کانپوءِ اسماعيلي شيعا ٿي چڪا هئا. بهاءُ الدين زڪريا، ملتان جو نامور صوفي بزرگ ٿي گذريو آهي، جنهن جي وفات 1258ع ۾ ٿي هئي، اُن سومرن کي سُني مسلڪ ۾ آندو هو. ايم. ايڇ. پنهور صاحب جي خيال ۾ بهاءُ الدين زڪريا جي تبليغ جو اثر آهستي آهستي ٿيو هو. سيد جلال بخاري ۽ مخدوم جهانيه جهان گشت جو ڪردار به ان ڏس ۾ ذڪر لائق آهي، جنهن سنڌ ۾ سُني مسلڪ ۽ تصوف جي واڌ ويجهه ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو. (ايم. ايڇ. پنهور: تصوير سنڌ، ص: 185، 2006ع) ان ريت خبر پوي ٿي ته سومرا حاڪم وقت ۽ حالتن جي حساب سان فرقو مٽيندا رهيا هئا.
سومرن حاڪمن جي مذهب ۽ عقيدي بابت تاريخ طاهريءَ جي مصنف عجيب غريب ڳالهيون لکيون آهن، جن جي ورجائڻ جي ڪا ضرورت نه آهي.
سومرا حاڪم ۽ سندن حڪومتي دور: هي سوال به گهڻو پيچيدو آهي. قديم دور جي مؤرخن وٽان هن ڏس ۾ ڇڙوڇڙ مواد ملي ٿو. ’تاريخ معصومي‘ سومرن جي دور بابت پهريون مقامي ذريعو (source) آهي، جنهن ۾ چند سٽون موجود آهن. مصنف سندن زماني بابت نه ٿو لکي، البت نوَن (09) بادشاهن جا نالا ڏئي ٿو. (تاريخي معصومي، سنڌي، ص: 98-99)
ادراڪي بيگلاريءَ صرف ايترو لکيو آهي ته، سومرن 505 سال بادشاهي ڪئي. (بيگلارنامه، سنڌي، ص: 4)
طاهر محمد نسياني لکي ٿو ته، حڪمرانيءَ جي عرصي بابت پوري ڄاڻ نه پئجي سگهي آهي. سومرن جي حڪومت جي پڄاڻي ٿي ته سمن جو وارو آيو، جن 849هه کان 927هه تائين حڪومت ڪئي. (تاريخ طاهري، سنڌي ترجمو، ص: 39، ص: 59)
ابو الفضل هندستان جو هاڪارو مؤرخ ٿي گذريو آهي، اُهو لکي ٿو ته سومرا راجپوت هئا، جن 500 سال راڄ ڪيو ۽ منجهن 36 (ڇٽيهه) بادشاهه ٿيا. (آئين اڪبري، انگريزي، ص: 827)
مغل دور ۾ محمد يوسف اٽڪيءَ، ’منتخب التواريخ‘ نالي هڪ تاريخي ڪتاب لکيو، جنهن ڪتاب جو مٿي مختصر تعارف ڏنو ويو آهي. نامور عالم پير حسام الدين راشديءَ ’تحفةالڪرام‘ ايڊٽ ڪندي، سومرن تي ڳچ مواد گڏ ڪيو آهي. البت پاڻ ’منتخب التواريخ‘ کي وڌيڪ اهميت ڏيندي، ان ڪتاب ذريعي سومرن سلطانن (حاڪمن) جا نالا ۽ دور به نروار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس. پير صاحب لکي ٿو ته سومرو 445هه ۾ پهريون حاڪم ٿيو. هن ويهن (20) بادشاهن جا نالا ڏيندي لکيو آهي ته سومرن جو آخري حاڪم همير سومرو هو، جيڪو 820 هه ۾ قتل ٿيو. پير صاحب وڌيڪ لکي ٿو ته هن ڪتاب ۾ 22 سومرن بادشاهن جا نالا چيا وڃن ٿا، پر مون کي مليل نسخي ۾ ويهه نالا درج ٿيل آهن. (تحفة الڪرام، فارسي، ص: 484-486) ياد رهي ته هي نسخو اصل ۾ مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جي ملڪيت هو، پر ان وٽ اصل ڪتاب بجاءِ ’انتخاب منتخب‘ نالي مختصر قلمي نسخو هو. (غلام محمد لاکو: انتخاب منتخب، سنڌ جي تاريخ جو هڪ، مهراڻ، نمبر 1، سال 1986ع)
مير علي شير قانع ٺٽوي ’تحفة الڪرام‘ لکڻ وقت سومرن جي تاريخ بابت محمد يوسف اٽڪيءَ جي ڪتاب ’منتخب التواريخ‘ تان مدد ورتي آهي. مير قانع سومرا حاڪمن ۽ سندن دور جي نشاندهي به ڪئي آهي. خداداد خان، سنڌ جو آخري تاريخي ڪتاب فارسيءَ ۾ لکيو ۽ 1900ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو. هو لکي ٿو ته، سومرن 801هه/ 1398ع کان 875هه/ 1470ع تائين حڪمراني ڪئي. (لب تاريخ سنڌ، سنڌي، ص: 48، ص: 54) هتي انگريز مصنف برٽن جي راءِ ڏيڻ به غلط نه ٿيندي، جيڪو لکي ٿو ته، جڏهن محمود (غزنويءَ) جي پونين (1186ع) افغان حڪمرانن، غورين جي اڳيان سر جهڪايو، تڏهن به هنن (سومرن) پنهنجو اقتدار برقرار رکيو هو. سندن گهراڻي ۾ ويهه حاڪم ٿيا. هنن ڪڇ تي پڻ قبضو ڪيو، ۽ اٽڪل 660 ورهين جي عرصي تائين حڪومت ڪئي. (سنڌ ۽ سنڌو ماٿريءَ ۾ وسندڙ قومون، سنڌي، محمد حنيف صديقي، ص: 15)
جيتوڻيڪ ويهين صديءَ جي ابتدا کان، سومرن ۽ سمن جي اقتدار بابت نئين سوچ ۽ نئون مواد اچڻ شروع ٿي چڪو هو. پر پوءِ به عبدالغني عبدالله مرحوم، سومرن بابت پراڻي ۽ فرسوده راءِ ڏيندي لکيو هو ته هن خاندان 700هه/ 1300ع کان 843هه/ 1439ع تائين حڪومت ڪئي. (تاريخ سنڌ، ڀاڱو ٽيون، ص: 71، سنڌالاجي، 1984ع)
هتي مختلف لکندڙن جي راءِ گڏ ڪري پنهنجي درست اڀياس جي راهه هموار ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي ٿي. البت مٿي ڏنل ڄاڻ جي بنياد تي، سومرا دور جي درست تاريخ جوڙڻ هڪ مشڪل ڪم آهي.
سومرن جي دور جي سنڌ جي تاريخ کي سمجهڻ لاءِ مرزا قليچ بيگ جي ٻن جلدن (جلد 1، 1900ع، جلد 2، 1902ع) ۾ ڇپرايل انگريزي ڪتاب ’A History of Sindh‘ (سنڌ جي تاريخ) گهڻي مددگار ثابت ٿئي ٿي. سوال ٿو اڀري ته سومرا دور ڪڏهن شروع ٿيو ۽ ڪڏهن ختم ٿيو؟ مٿي ڏنل سمورا حوالا معاملي کي سلجهائڻ بدران منجهائين ٿا. پر مرزا قليچ جي ڪتاب ’A History of Sindh‘ (ص: 36) اچڻ کانپوءِ (1902ع) پهريون ڀيرو سنڌ ۾ سومرا دور جي تاريخ درست رُخ ۾ نروار ٿيڻ شروع ٿي. مرزا قليچ بيگ جي تاريخ جي اڀياس کانپوءِ، لکندڙن جو جيڪو گروپ تيار ٿيو، ان ۾ محمد حنيف صديقي، مولانا دين محمد وفائي، پير علي محمد راشدي، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو ۽ پير حسام الدين راشديءَ جا نالا نمايان آهن. قيام پاڪستان (1947ع) کانپوءِ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پڻ سنڌ جي تاريخ جي اڀياس واري هن ڪم ۾ شامل ٿي ويو.
هتي ٻن ڳالهين جي وضاحت ذريعي ’سومرن حاڪمن ۽ سندن حڪومتي دور‘ بابت مختلف ۽ مناسب مواد ڏيڻ جي ڪوشش ڪجي ٿي.
ڊاڪٽر دائودپوٽي صاحب، 1938ع ۾ سومرا دور جي آغاز ۽ حاڪمن جي نالن تي بحث ڪيو هو (تاريخ معصومي، فارسي، ص: 286-290، پونه 1938ع) ڊاڪٽر صاحب ’تاريخ معصومي‘، ’تحفة الڪرام‘ ۽ ’دولت علويه‘ ڪتابن تي تنقيد ڪندي، انهن جي غلطين جي نشاندهي ڪئي آهي. مرزا قليچ بيگ ڪتاب ’منتخب التواريخ‘ جي آڌار تي 19 (اوڻويهن) سومرن حاڪمن جي لسٽ ڏني آهي، سومرو پهريون حاڪم هو، جيڪو 1054ع ۾ مري ويو. (اي هسٽري آف سنڌ، ص: 36، نئون ڇاپو: 1982ع) ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته سومرو 51-1050ع ڌاري حڪومت ۾ آيو هو ۽ ٽن سالن جي حاڪميت بعد جهان ڇڏيائين. ان جو مطلب ته سومرن 1050ع يا 1051ع ڌاري سنڌ جي بادشاهي ورتي. سنڌي زبان ۾ مولائي شيدائي ’جنت السنڌ‘ نالي پهريون جامع ڪتاب لکيو آهي. هي ڪتاب سنڌ جي تاريخ بابت آهي ۽ سنڌي ادبي بورڊ 1958ع ۾ ڇپيو آهي. ڪتاب جي محقق سومرن حاڪمن جا نالا ۽ دور، ’منتخب التواريخ‘ ۽ ’اي هسٽري آف سنڌ‘ (مرزا قليچ بيگ) تان کڻي پيش ڪيا آهن. (جنت السنڌ، ص: 341-315)
قيام پاڪستان کانپوءِ سنڌ جي تاريخ تي گهڻو ڪم ٿيو آهي. ان ڪم ۾ سومرا دور ۽ حاڪمن جي نالن ۽ زمانن کي سلجهائڻ وارو ڪم خاص اهميت رکي ٿو.
ڄاڻو محققن ۽ عالمن ابتدا ۾ طئي ڪيو ته، سنڌ ۾ سومرا دور جو آغاز 1050ع ۾ ٿيو ۽ ان جو خاتمو 1350ع ۾ ٿيو. (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ، ص: 51، حيدرآباد، 1962ع) هن راءِ کي ڳچ وقت تائين قبول ڪيو ويو. بلڪ اڄ به هي نظريو وڏيءَ حد تائين قبول ڪيو وڃي ٿو. ان ڏس ۾ وڌيڪ تحقيق تڏهن سامهون آئي، جڏهن پير حسام الدين راشديءَ ’تحفةالڪرام‘ (فارسي، 1971ع)، وڏيءَ تحقيق ۽ محنت سان ايڊٽ ڪري ڇپرايو، تڏهن سومرن جي سنڌ ۾ حڪومتي دور جا چاليهه سال وڌي ويا. خفيف پهريون سومرو حڪمران هو، جنهن هبارين کان حڪومت ورتي. هي واقعو 401هه/ 1010ع ۾ ٿي گذريو. ان جو مطلب ته سنڌ ۾ سومرا حاڪميت جي شروعات ان سال ۾ ٿي. (تحفة الڪرام، فارسي، ص: 624) خفيف جو ذڪر ڊاڪٽر دائودپوٽي به ڪيو هو، پر ان ڏانهن ڪنهن به ڌيان نه ڏنو هو. (تاريخ معصومي، سنڌي، ص: 342) پير حسام الدين راشديءَ جي تحقيق کي پوءِ، نامور اسڪالر ايم. ايڇ. پنهور پنهنجي ڪتاب ’ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ‘ (سنڌالاجي، 1983ع) ۾ بهتر انداز سان ڪتب آندو ۽ سومرن جي تاريخ کي پوريءَ ريت نروار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. پنهور صاحب بعد ۾ سنڌ جي سومرا دور تي هڪ الڳ ڪتاب پڻ لکيو. سومرن بابت بنيادي طرح سان ‘تاريخ معصومي ’ ، ‘منتخب التواريخ’، ’تحفة الڪرام‘ ۽ ’دولت علويه‘ ۾ ڏنل ڄاڻ کي هتي پيش ڪجي ٿو. ڇو ته سومرن بابت نه رڳو اهي بنيادي ماخذ آهن، پر هر لکندڙ انهن ڪتابن ڏانهن واجهايو آهي. ’دولت علويه‘ تي ڊاڪٽر دائودپوٽي جرح ڪئي آهي، جڏهن ته ڊاڪٽر بلوچ جي نظر ۾ هيءُ ڪتاب وڏيءَ اهميت وارو آهي. ان کانپوءِ ايم. ايڇ. پنهور جي تحقيق کي پيش ڪبو، جنهن جي تحقيق هن دور ۾ سومرن بابت هڪ لائق ۽ معتبر ذريعو آهي.
تاريخ معصومي: سومرن بابت هي بنيادي ماخذ آهي، جنهن ۾ سومرن حاڪمن جا نالا هيٺينءَ ريت ڏنل آهن. ياد رهي ته مير معصوم بکريءَ صرف نالا ڏنا آهن، سندن حڪومتي دور ۽ سالن (سن) بابت خاموش آهي:
(1) سومرو
(2) ڀونگر
(3) دودو
(4) تاري سومري (سنگهار سندس ڀاءُ هو، پر هو صغير هو، ان ڪري تاري سومريءَ حڪومت جون واڳون سنڀاليون. بعد ۾ جڏهن سنگهار جوان ٿيو ته سنڌ جو حاڪم بڻجي ويو.)
(5) سنگهار
(6) همون سومري (سنگهار کي ڪوبه اولاد نه هو، ان ڪري سندس موت کانپوءِ سندس زال همون سومريءَ ملڪ جي واڳ سنڀالي).
(7) ڦتو
(8) خيرو
(9) ارميل (تاريخ معصومي، سنڌي، ص: 98-99)
جيئن مٿي ذڪر آيو آهي ته ’تاريخ معصوميءَ‘ کانپوءِ ’منتخب التواريخ‘ ۾ سنڌ جي سومرن بادشاهن جو احوال درج آهي، ان ڪري هيٺ ان ڪتاب جو بيان ڏجي ٿو، جيڪو وڌيڪ جامع ۽ مڪمل آهي. هي ڪتاب 1056هه/ 1646ع ۾ لکيو ويو. نامور مؤرخ پير حسام الدين راشديءَ، هن ڪتاب جي مدد سان سومرن بادشاهن جي لسٽ ۽ دور هيٺينءَ ريت ڏنو آهي:
(1) سومرو 445 هه ۾ ٺريءَ جي ڀرسان حاڪم ٿيو (وفات 446هه)
(2) ڀونگر 446 کان 461هه تائين
(3) دودو اول 461 کان 485هه تائين
(4) تاري سومريءَ، ڀاءُ جي ننڍي هجڻ سبب اقتدار سنڀاليو
(4 الف) سنگهار بي اولاد فوت ٿيو
(5) خفيف 500 کان 536 هه تائين
(6) عمر 536 کان 576هه تائين (خفيف جو ڀاءُ هو)
(7) دودو ثاني 576 کان 590 هه تائين
(8) ڀونگر ثاني 590 کان 623هه تائين (دودي اول جي اولاد مان هو)
(9) خيرو (کينئرو) 623 کان 639هه تائين
(10) محمد طــُور؟ (شايد خيري جو پٽ هو؟) 639 کان 654 هه تائين
(11) خيرو (کينئرو) ثاني 654 کان 657 هه تائين
(12) دودو پٽ کينئرو 657 کان 671 هه تائين
(13) طائي پٽ دودو 671 کان 695 هه تائين
(14) چنيسر پٽ طائي 695 کان 713هه تائين. هن چنيسر جي نالي مثنوي ’چنيسر نامه‘ لکي وئي هئي، جيڪا فارسي زبان ۾ آهي، جنهن کي ايڊٽ ڪري، پير حسام الدين راشديءَ 1956ع ۾ ڇپرايو هو.
(15) ڀونگر پٽ چنيسر 713 کان 728هه تائين
(16) خفيف پٽ ڀونگر 728 کان 746هه تائين
(17) دودو پٽ ڀونگر 746 کان 771هه تائين
(18) عمر سومرو پٽ ؟ 771 کان 806هه تائين
(19) ڀونگر پٽ ؟ 806 کان 816 هه تائين
(20) همير سومرو 816 کان 820 هه تائين
راشدي صاحب وڌيڪ لکي ٿو ته، سومرن 445هه کان 680هه تائين حڪومت ڪئي (منتخب التواريخ موجب)، پر حساب ڪبو ته سومرن 820هه تائين حڪومت ڪئي. ٻيو ته اصل ۾ هن ڪتاب موجب 22 (ٻاويهه) سومرا بادشاهه ٿي گذريا هئا، پر راشدي مرحوم وٽ جيڪو ڪتاب جو نسخو هو، ان ۾ ڪل 20 (ويهه) نالا مليا، جيڪي سنڌ جي هن عظيم محقق درج ڪري ڇڏيا.
(تحفة الڪرام، ايڊٽ: سيد حسام الدين راشدي، ص: 484- 486، سنڌي ادبي بورڊ،1971ع)
مير علي شير قانع جو معتبر تاريخي ڪتاب ’تـحـفـة الـڪـرام‘ سن 1181هه/ 1776ع ۾ ٺٽي ۾ لکجي تيار ٿيو. ڪتاب جي تمام وڏي تاريخي اهميت آهي. سومرن سلطانن (حاڪمن) جو ذڪر ڪندي، مير قانع ٺٽوي ’تحفة الڪرام‘ جي شروع ۾ اهي 09 (نو) نالا ڏنا آهن، جيڪي مير معصوم بکريءَ ’تاريخ معصومي‘ ۾ ڏنا آهن. ان کانپوءِ مٿي ذڪر ڪيل ’منتخب التواريخ‘ جي حوالي سان هيٺيان نالا ۽ انهن جو دور ڄاڻايو اٿس:
(1) سومرو 445 هه ۾ اقتدار ۾ آيو
(2) ڀونگر 15 سال 461هه
(3) دودو 24 سال 485هه
(4) سنگهار 15 سال
(5) خفيف 36 سال
(6) عمر 40 سال
(7) دودو ثاني 14 سال
(8) ڦتو 33 سال
(9) خيرو 16 سال
(10) محمد طور 15 سال
(11) خيرو ثاني ڪجهه سال
(12) دودو ٽيون، 14 سال
(13) طائي، 24 سال
(14) چنيسر، 18 سال
(15) ڀونگر ثاني، 15 سال
(16) خفيف ثاني، 18 سال
(17) دودو چوٿون، 25 سال
(18) عمر ٻيو، 35 سال
(19) ڀونگر ٽيون، 10 سال
(20) همير : ظالم هو. سمن بغاوت ڪري کيس ڪُهي ڇڏيو. اهو واقعو 752هه ۾ پيش آيو. (تحفة الڪرام، سنڌي ڇاپو، ص: 96-98)
929ع ۾ مولوي عبيدالله ’شائق‘ سومرن جي تاريخدولت علويه‘ جي نالي سان ڇپرائي، جنهن جو ٻيو ڇاپو سن 2003ع ۾ ڇپيو آهي. مولوي مرحوم هڪ ته سومرن کي ’علوي عرب‘ سڏيو آهي. ٻيو ته هن حاڪمن جي نالن کي به عربي رنگ ۾ رڱي ڇڏيو آهي. جيتوڻيڪ سندس راءِ کي ڪا خاص اهميت ڪانهي، تنهن هوندي به معاملي جو ٻيو رخ هئڻ ڪري، ان راءِ کي هتي ڏيڻ مناسب ٿيندو:
(1) سومره ؟
(2) سلطان عصام الدنيا والدين ڀونگر بن سومار ؟
(3) صمصام الدوله دودو اول (صمصام دوله) 466- 481 هه
(4) زينب (تاري) وفات: 491هه
(5) شهاب الدين سنڪار 491-503هه
(6) فخر الملڪ همون هڪ سال
(7) سراج الدنيا والدين فتح خان 504- 511 هه
(8) عمادالدين ولد خفيف 511-536 هه
(9) جلال الدين عمر اول 536- 556هه
(10) صلاح الدين هجو بن عمر 556- 570 هه
(11) غياث الدين دائود بن هجو 570- 600 هه
(12) علاوالدين والدين خيره 600- 619 هه
(13) سيف الدوله والدين طائي 619- 638 هه
(14) شمس الدوله والدين ڀونگر ثاني 638- 678هه
(15) ڪمال الدين چنيسر 678- 696 هه
(16) اسد الملة دودو اعظم وفات: 700 هه
(17) سلطان ظهيرالدين بن ڀونگر ثالث 701- 740هه
(18) فخرالدين عمر ثاني 740- 775هه
(19) قمرالدين محمد طاهر 775- 813هه
(20) سلطان معين الدين ارميل 813- 822 هه
(21) سلطان بهاوالدين شهمير شاهه همير 822- 843 هه
دولت علويه‘ جو مواد دلچسپ آهي، پر تاريخ جي حوالي سان گهٽ اعتماد جوڳي آهي.
حقيقت اڄ به اها آهي ته سنڌ جي تاريخ ۾ سومرن جي دور جي تاريخ ترتيب ڏيڻ ڏکيو ڪم آهي، پر پير حسام الدين جي تحقيق موجب ’خفيف‘ پهريون سومرو حاڪم هو. (ان جو ذڪر ڊاڪٽر دائودپوٽي به ’تاريخ معصومي‘ جي حاشين ۾ ڪيو آهي، ص: 342) هن (خفيف) 401هه/ 1010ع کان سومرن جو دور شروع ٿئي ٿو. سومرن جي تاريخ کي ايم. ايڇ. پنهور وڌيڪ تحقيقي ڏاهپ سان مڪمل ڪيو آهي، ان ڪري هن وقت سندس تحقيق ئي مڃتا جوڳي آهي:
سومرا راڄ گهراڻي جا بادشاهه ۽ سندن راڄ جا سَنَ
نمبر شمار بادشاهه جو نالو عيسوي سن
1 خفيف پهريون 1011- 1026ع
2 سومار 27/1026- 55/1054ع
3 ڀونگر پهريون 55/1054- 69/1068ع
4 دودو پهريون 69/1068- 1092ع
5 زينب تاري
(دودي جي ڀيڻ هئي، جنهن ننڍي ڀاءُ سنگهار بدران سندس جوان ٿيڻ تائين سرڪار هلائي) 1092- 1098ع
6 سنگهار (جوان ٿيڻ بعد) 1098- 07/1106ع
7 خفيف ٻيون (سنگهار جو سالو) 07/1106- 42/1141ع
8 عمر پهريون (خفيف ٻئي جو ڀاءُ) 42/1141- 81/1180ع
9 دودو ٻيو 81/1180- 95/1194ع
10 ڀونگر ٻيون (دودي پهرين جو پونير) 95/1194- 1222ع
11 چنيسر پهريون 1222- 1228ع
12 گڻيرو پهريون 1228- 37/1136ع
13 چنيسر پهريون (ٻيهر) 37/1236- ؟؟
14 گڻيرو پهريون (ٻيهر) ؟؟- 42/1241ع
15 تُور (محمد تُور، کينئري وڏي جو پٽ) 42/1241- 1256ع
16 گڻيرو ٻيو 1256- 1259ع
17 دودو ٽيون (گڻيري ٻئي جو پٽ) 1259- 74/1273ع
18 طائي (دودي ٽئين جو پٽ) 74/1273- 84/1283ع
19 چنيسر ٻيون 84/1283- 01/1300ع
20 ڀونگر ٽيون 01/1300- 1315ع
21 خفيف ٽيون 1315- 33/1332ع
22 دودو چوٿون
33/1332- 1350ع
23 عمر ٻيون
24 ڀونگر چوٿون
25 همير (دودو) 1350- 52/1351ع
(ايم. ايڇ. پنهور، تصوير سنڌ، ص: 31، ڪراچي: 2006ع)
جنهن صورت ۾ سومرن حاڪمن جي نالن، ترتيب ۽ سندن دَور تي مربوط مواد ميسر ناهي، ان پسمنظر ۾ هر حڪمران جي جدا جدا ڪارڪردگي بيان ڪرڻ ڏکيو ڪم آهي. ان ڪري هن دور بابت محترم ايم. ايڇ. پنهور جي تازي ۽ ڪافي حد تائين ڀروسي جوڳي معلومات مٿي پيش ڪئي وئي آهي. ان سلسلي ۾ ڪجهه وڌيڪ معلومات هيٺ ڏجي ٿي:
ٿر تي سومرن جي حڪومت:
اڪثر لکندڙن سومرن جي حڪومت جو ٻيو دور ٿر تي راڄ ڪندي ڏيکاريو آهي. ڪاڪي ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ سوڍن جي صاحبيءَ کان اڳ ٿر ۾ سومرا راڄ جو ذڪر ڪيو آهي. (سوڍن جي صاحبي يا راڻن جو راڄ، ص: 43) ان کانپوءِ عمرڪوٽ جي رهاڪو تيجسنگهه سولنڪيءَ پڻ ٿر ۾ سومرن جي حڪومت جو بيان ڪيو آهي. (امرڪوٽ- سنڌ جو اتهاس، ص: 21-41) هنن ٻنهي ليکڪن کانپوءِ ٿر تي استاد رائچند جو معتبر ڪم سامهون آيو، جنهن ۾ هن صاحب ٿر تي سومرن جي راڄ بابت بهتر انداز سان لکيو آهي.
751هه/ 1351ع ۾ ٺٽي مان سومرن جي حڪومت پوري ٿي. ان کانپوءِ استاد رائچند جي لکت موجب، عمر سومرو ٻيو 1355ع ۾ عمرڪوٽ کي سوڍن راڻن کان وٺڻ ۾ ڪامياب ٿيو. هن اتي 1390ع تائين راڄ ڪيو. سوڍن ۽ سومرن ۾ ظاهر آهي ته جنگ ٿي هوندي، پر ان جو ڪو احوال نه ٿو ملي. عمر سومري، ڇاڇري، چيلهار ۽ مٺيءَ کي به هٿ ڪيو هو. آخرڪار هن پارڪر جي علائقي تي به قبضو ڪيو. بعد ۾ علائقي جي ڪاروبار کي سنڀالڻ لاءِ، پنهنجو هڪ خاص عملدار عبدالرزاق مقرر ڪيائين. مارئيءَ جو ڪردار ۽ قصو هن حاڪم عمر سومري سان لاڳاپيل چيو ويو آهي. عمر ۽ گنگا جو داستان به هن حاڪم ۽ دور جو آهي. (تاريخ ريگستان، ڀاڱو پهريون، ص: 85-99)
عمر کانپوءِ ڀونگر (ٽيون) ٿر جو حاڪم ٿيو. هن 1390ع کان 1400ع تائين راڄ ڪيو. هن جي حڪومت جو ڪو خاص احوال نه ٿو ملي. (ساڳيو ڪتاب، ص: 100) ٿر تي ٽيون ۽ آخري سومرو حاڪم همير ٿي گذريو آهي. هن سن 1400ع کان 1439ع تائين ٿر تي حڪومت ڪئي. همير سومري جي دور ۾ ’مومل ۽ مينڌري‘ جو داستان خاص اهميت وارو آهي. اصل ۾ هي ٽئي داستان ۽ سومرن جي دور جا ڪي ٻيا داستان وڏي اهميت رکندڙ آهن، جن مان مان ڪي عشقيه قصا آهن ته ڪي بهادري ۽ سورهيائيءَ سان تعلق رکن ٿا. ڪي قصا وطن دوستيءَ جي خاص علامت آهن. سنڌ جي ابتدائي شاعريءَ (سومرا دور) جا بنياد ئي هنن داستانن تي مدار رکن ٿا. بعد ۾ سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعرن به پنهنجي شعر جا بنياد، هنن داستانن تي رکيا. ويندي جديد سنڌي شاعري به انهن داستانن جي اثر کان نڪري نه سگهي آهي. (قصن لاءِ ڏسو: جنت السنڌ، ص: 318- 327)

سومرن جا تختگاهه:
جيئن سومرا دور جي تاريخ جا اڪثر پهلو مبهم ۽ غير واضح آهن، تيئن سومرن جي تختگاهن متعلق به خاطريءَ سان ڪجهه چئي نه ٿو سگهجي. ان ڏس ۾ موجود مواد کي هتي يڪجاءِ ڪري پيش ڪجي ٿو:
منصوره: عربن جو تختگاهه رهيو. خفيف پهريون سومرو حاڪم هو ۽ سندس تختگاهه به عربن وانگر منصوره هو. محمود غزنوي سومناٿ کان موٽندي، جڏهن 416هه/ 1025ع ۾ منصوره تي حملو ڪيو، تڏهن خفيف قتل ٿي ويو. شايد ان کانپوءِ منصوره جي سرڪاري حيثيت ختم ٿيڻ شروع ٿي.
ٺري/ ٿرڙي: مير علي شير قانع لکي ٿو ته، تڏهن سومرن ماڻهن ٿرڙيءَ جي آسپاس گڏ ٿي ’سومري‘ نالي هڪ ماڻهوءَ کي حڪومت جي گاديءَ تي ويهاريو. (تحفة الڪرام، سنڌي ڇاپو، ص: 97)
جناني: هن شهر کي به سومرن جي تختگاهه طور ڄاڻايو وڃي ٿو. ابن بطوطه هن شهر جي ساراهه ڪئي آهي. ائين ٿو معلوم ٿئي ته اتر سنڌ ۾ سکر ۽ اُچ جي وچ تي ڪٿي هي شهر موجود هو. مصنف لکي ٿو ته، هي سنڌونديءَ جي ڪناري تي هڪ وڏو ۽ سهڻو شهر هو ۽ منجهس وڻندڙ بازارون هيون. هن شهر ۾ سومرا قوم جا ماڻهو آباد هئا. (ابن بطوطه جو سفر، سنڌي ترجمو، ص: 7)
محمد طور/ مهاتم تور: مولائي شيدائي، هن شهر کي ديرگ پرڳڻي ۾ ڏيکاريو آهي، ليڪن کيس پڪ ڪانهي ته هي پرڳڻو يا شهر سِري ۾ هو يا لاڙ ۾ يا مورڳو ٿر ۾ هو. (جنت السنڌ، ص: 316) ليڪن تازي ڄاڻ موجب هن شهر جا آثار شاهه ڪپور ديهه ڀرسان تعلقي ميرپور بٺوري ۾ موجود آهن. (ص 289، تاريخ طاهري، سنڌي ترجمو) عبدالله خان ورياهه هن شهر کي سومرن جو آخري تختگاهه سڏيو آهي. (لاڙ جو مطالعو، ڪتاب ۾ شامل عبدالله ورياهه جو مضمون، ص: 151- 165)
ديبل: هن کي به سومرن جي تختگاهه طور ڳڻيو ويو آهي. جلال الدين خوارزم شاهه کي جڏهن منگولن ڊوڙايو هو، تڏهن هو پناهه ۽ مدد خاطر ٻه سال موجوده سنڌو ماٿري (پاڪستان واري ايراضيءَ) جي مختلف شهرن ۽ حاڪمن سان لهه وچڙ ۾ رهيو. پر کيس ڪا خاطر خواه مدد نه ملي. هو ان دور ۾ ديبل بندر پهتو، جتي سنان الدين چنيسر حاڪم هو. حملي آور جو ٻڌي چنيسر ٻيڙيءَ ۾ چڙهي سمنڊ ۾ هليو ويو. چنيسر ڪو ٻيو نه، پر سومرو بادشاهه هو. (سنڌ صدين کان، جان اينڊريو بائل جو مقالو، ص: 214) ان مان خبر پوي ٿي ته ڪجهه وقت لاءِ ديبل به سومرن جو تختگاهه رهيو هو.
وڳهه ڪوٽ: وڳهه ڪوٽ به ڪجهه وقت لاءِ سومرن جي گاديءَ جو هنڌ رهيو. هينري ڪزنس شهر جو مختصر احوال ڏنو آهي. (سنڌ جا قديم آثار، ص: 301) هن وقت سومرن جو هي شهر رڻ ڪڇ ۾ موجود آهي. هي شهر ڪڇ جو حصو ڪيئن ٿيو، ان جو تفصيل خان صاحب عبدالله چنا هڪ مضمون ۾ ڏنو آهي. (رسالو ’مهراڻ‘ نمبر 3، سال 1968ع)
ٺٽو: عام راءِ آهي ته هي شهر سمن جي دور ۾ آباد ٿيو، پر اصل ۾ ڄام نظام الدين (1461- 1508) جي دور ۾ وجود ۾ آيو هو ۽ تڪڙو تڪڙو ايتري ته ترقي ڪيائين، جو اسلامي دنيا ۾ ’بغداد ثاني‘ سڏيو ويو. حقيقت ۾ هيءُ هڪ جهونو شهر آهي، جيڪو سمن جي دور کان به اڳ موجود هو. (مڪلي نامه، حاشيا: سيد حسام الدين راشدي، ص: 11-40) ڪجهه عالمن جي راءِ آهي ته محمد طور/ مهاتم تور جي ڦِٽڻ کانپوءِ، سومرن ٺٽي کي پنهنجو دارالحڪومت بنايو هو.
عمرڪوٽ: عمرڪوٽ تي ٿر جي مؤرخن موجب ٽن سومرن حاڪمن: عمر، ڀونگر (ٽئين) ۽ همير، سن 1355ع کان 1439ع تائين حڪومت ڪئي. ان دور ۾ عمرڪوٽ هنن حاڪمن جو تختگاهه رهيو. مير علي شير قانع لکيو آهي ته، عمر سومري ’عمرڪوٽ‘ جو قلعو تعمير ڪرايو. (تحفة الڪرام، سنڌي، ص: 100) جيئن ته هي شهر ان کان اڳ سوڍن/ راڻن جي دور ۾ موجود هو، ان ڪري ڪي مؤرخ ان کي راڻن سوڍن جو شهر سمجهن ٿا ۽ ان کي ’امرڪوٽ‘ لکن ٿا.
روپا ماڙي: ’روپا ماڙي‘ يا ’روپاهه ماڙيءَ‘ جا آثار بدين کان ڏکڻ طرف 26 ميل پري موجود آهن. هن وقت هن کي شاهي قبرستان جي حيثيت حاصل آهي، جتي دودي ۽ چنيسر سومري جون مزارون آهن. روپاهه ماڙيءَ ۾ سال ۾ ٽي ميلا لڳندا آهن. (محمد سومار شيخ جو ڪتاب: روپاهه ماڙي، حيدرآباد، 1971ع)
حدون ۽ سرحدون:
سومرن جي دور جي حدن بابت ذڪر ڪرڻ ضروري آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب ڪتاب ’سومرا دور‘ ۾ ان بابت ڪجهه روشني وڌي آهي. هو لکي ٿو ته، دودي چنيسر واري دور ۾، سومرن جي حڪومت جون حدون، هيٺ ڏکڻ طرف ڪڇ تائين ۽ مٿي اتر طرف ميرپور ماٿيلي تائين هيون. گاديءَ جي شهر سان لاڳو پرڳڻي واري مرڪزي ايراضي خاص ’ڀونگراڻي ڀون‘ سڏبي هئي، جنهن ۾ وڳهه ڪوٽ ۽ روپاهه توڙي ٻنگار جا ٻارهن شهر ۽ تڙ شامل هئا. گاديءَ جو شهر وڳهه ڪوٽ هو، پر روپاهه به هڪ وڏو وسندڙ ۽ وڌندڙ شهر هو. (سومرن جو دور، ص: 242) ايم. ايڇ پنهور پڻ هن عنوان تي لکيو آهي. هُو ان ڏس ۾ هڪ ته سومرن جي گاديءَ وارن شهرن جو ذڪر ڪري ٿو. ٻيو ته درياهه ۾ ايندڙ (سومرا دور ۾) تبديلين جي حوالي سان به، سنڌ جي سرحدن ۽ حدن تي نظر رکي ٿو. 1200- 1100ع ۾ بکر وٽ درياهه ۾ تبديلي اچڻ سان سنڌ جي شهري ۽ معاشي حالتن تي اثر پيو. پنهور صاحب جي لکڻ موجب 1300- 1340ع ۾ به سنڌو درياهه ۾ اٿل پٿل آئي، ان ڪري ڪي شهر ڦِٽي ويا ته ڪي آباد ٿيا. جلال الدين خوارزم شاهه سڄيءَ سنڌ ۾ رليو ۽ ڳچ شهرن کي ساڙي ڇڏيائين. ان ڏس ۾ ڀنڀور ۽ پاري نگر جا مثال ڏئي سگهجن ٿا. ان طوفاني دور ۾ البت سيوهڻ محفوظ رهيو. اندازو آهي ته درياهي تبديليءَ سبب 1300ع کان سنڌو درياهه جي اولهه پاسي کي وڌيڪ اهميت ملي. پاڻي جام ٿيڻ ڪري هن علائقي ۾ زراعت ترقي ڪئي. سومرا دور جي بلڪل آخر ڌاري ڏسجي ٿو ته ديبل بندر ڦٽي چڪو هو ۽ لاڙي (لاهري) بندر آباد ٿي چڪو هو. ان دور ۾ نصرپور جو شهر به آباد ٿيو. هن شهر کي مغل دور ۾ وڏي ترقي ملي ۽ صنعت ۽ تجارت جو مکيه مرڪز بنيو. (تصوير سنڌ، باب چوڏهون) حقيقت ۾ سومرن جي دور جي سرحدن يا حدن طئه ڪرڻ وقت اهو به ڏسڻو پوندو ته غزني، غور ۽ دهلي ڪيترا طاقتور هئا. جڏهن اتي جا حاڪم طاقتور هئا ته سومرا لاڙ تائين محدود رهيا. جيڪڏهن دهلي يا آسپاس ۾ موجود حاڪم ڪمزور هئا، يا وري گهرو ويڙهه ۾ مصروف هئا، تڏهن سومرا سلطان همت ڪري سيوهڻ، بکر ۽ ميرپورماٿيلي تائين پنهنجو اثر بحال ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا هئا. بهاءُ الدين زڪريا سان عقيدتمنديءَ سبب، ڪڏهن سومرن جو اقتدار ملتان تائين به پکڙجي ويندو هو، پر اهو سڀ مقامي ۽ بيروني حالتن تي مدار رکندو هو.
سومرن جي دور جو انتظامي ڍانچو: تاريخ ۾ ڪنهن به دور جي حڪمرانيءَ جي ڪاميابي يا ناڪاميءَ جو اندازو ان جي انتظامي ڍانچي مان لڳائبو آهي ته، اهو دور پنهنجي معيشت، امن و امان، سرحدي حفاظت، جنگي فن ۽ ٻين انتظامي مسئلن کي ڪيئن حل ڪري ۽ سنواري سڌاري ٿو. رياست جو انتظام ان جي اتحاد، امن ۽ ترقيءَ لاءِ هڪ اهم ۽ موثر شيءِ هوندو آهي. سومرن جي دور ۾ سنڌ، ڊويزنن ۽ ضلعن ۾ ورهايل هئي، جن کي ان وقت جي ٻوليءَ/ محاوري ۾ ملڪ، صوبو، سرڪار، پرڳڻو، محال وغيره چيو ويندو هو. اهي وقت جي حاڪم جي حڪم جي تابع هئا. انهن جا گورنر گهڻوڪري وقت جي بادشاهه جو اولاد يا سندن ويجهن مائٽن مان هوندا هئا. رڳو مقامي گورنرن جو ڪجهه تعداد اهڙو هو، جن جو تعلق سومرا راڄ گهراڻي سان نه هو، انهن ۾ اڪثريت سمن جي هئي، جيڪي اهم عهدن تي فائز هئا. سومرن جي دور ۾ بادشاهي خرچن، فوج، انتظام ۽ ٻين ڪم ڪارين لاءِ مالي ضرورت هيٺ ٽيڪس جو نظام رائج هو ۽ هر ماڻهو اهو ٽيڪسن ڏيڻ جو پابند هو. سومرن پنهنجي دور ۾ صوفي بزرگ بهاءُ الدين زڪريا کي تور (گاديءَ جي هنڌ) جي ويجهو جاگير ڏني هئي. سومرن جو مذهبي ڀائيچاري وارن ادارن ڏانهن رويو مثبت رهيو ۽ انهن ادارن جو ڪردار پرچار ذريعي سماجي ڀائيچاري کي قائم رکڻ هو. حڪومت ڪيترن ئي زرعي سڌارن سان گڏوگڏ آبپاشي نظام جي ذريعي بنجر زمينون پڻ آباد ڪيون. جڏهن سنڌوءَ جي وهڪرن ۾ تبديلي ايندي هئي ته حڪومت فوراً ڪئنالن ۽ آبپاشي نظام جي ذريعي نئين وهڪري وٽان زرعي آباديءَ جو نئون سلسلو جوڙيندي هئي. سومرا دور ۾ سنڌوءَ جي وهڪري ۾ ٽي دفعا وڏيون تبديليون آيون، جنهنڪري زراعت تباهه ٿيڻ ۽ ملڪي معيشت جي دٻجڻ جو خطرو اڀري آيو ٿي، ڇو ته سنڌ بنيادي طور هڪ زرعي خطو رهي آهي ۽ ان جي معيشٽ جو گهڻو دارومدار زراعت تي ئي هو ۽ آهي. انهن حالتن ۾ حڪومت نئين رٿابنديءَ سان آبپاشي نظام ذريعي زراعت کي وري ساڳئي موڙ تي وٺي ايندي هئي. رياست جي ٻين اهم ڪمن ۾ هڪ اهم ترين ڪم انهن معاشي ذريعن جي سار سنڀال، سڌارو ۽ واڌارو پڻ هو. بزرگن، صوفين يا ان نوعيت جي ادارن جي حوالي ٿيل جاگيرن جي سار سنڀال به رياست جي حوالي هوندي هئي. حڪومتي سرشتي ۾ اهم عهدن تي فائز ماڻهن جي فرضن ۾ اهو به شامل هو ته اهي ٽيڪس جو نظام منصفاڻي انداز ۾ لاڳو ڪن ۽ وصولي به جائز نموني ٿئي. جنهنڪري زمين جي ماپ ڪري، فصل جي قسم ۽ اپت جي حساب سان ٽيڪس وصول ڪيو ويندو هو.
زرعي ٽيڪس کان سواءِ ٻين قسمن جا ٽيڪس به وصول ڪيا ويندا هئا. لهري يا لاهري بندر جي آمدني ڇهه ملين دينار هئي، جنهن جو 5% اتي جي گورنر کي ڏنو ويندو هو ۽ هر رسد جو 22% دهلي سلطنت کڻندي هئي. اهو ان صورت ۾ جڏهن سومرا ڪمزور ٿيندا هئا ۽ دهلي سلطنت سنڌ تي پنهنجو ڌاڪو ڄمائيندي هئي. ابن بطوطه لاهري بندر جي آمدني، سٺ لک دينار لکي آهي. (ابن بطوطه جو سفر، ص: 14، سنڌي ڇاپو) ملڪ جي هر طبقي لاءِ جزيو لاڳو هو، جنهن ۾ غريب 7 ٽڪا (ان وقت جي ڪرنسي)، وچيون طبقو 20 ٽڪا ۽ شاهوڪار طبقي لاءِ 40 ٽڪا ٽيڪس مقرر هو. دڪانن ۽ ٻين ڪمرشل شين تي مناسب ٽيڪس لاڳو هو. انفرادي طور هنرمندن تي آمدنيءَ مطابق ٽيڪس لاڳو هو.

سومرا دور کان اڳ ۾ هبارين پنهنجي دور ۾ سون ۽ چانديءَ جا سڪا رائج ڪيا هئا، جن تي تاريخ اڪريل هوندي هئي. پر سومرن جي دور جي حوالي سان اهڙو ڪو ثبوت نه مليو آهي. البت انهن پنهنجي دور ۾ ٽامي جا ڪيترائي سڪا رائج ڪيا. ان کان سواءِ ان دور ۾ فاطمي خلافت ۽ دهلي سلطنت جا سڪا به هلندا رهيا. ان وقت بچت جو طريقيڪار هن ريت هو، جو ماڻهو پنهنجي ملڪيت کي سون ۽ چانديءَ جي زيورن جي صورت ۾ خريد ڪري محفوظ ڪندا هئا ۽ وقت اچڻ تي ان کي روڪڙ تي وڪرو ڪندا هئا. دينار ۽ درهم ان دور ۾ عالمي مارڪيٽ لاءِ استعمال ٿيندا هئا ۽ دهلي سلطنت سان ڪاروبار ۽ ڏي وٺ لاءِ سون ۽ چانديءَ جا سڪا استعمال ٿيندا هئا. سومرن پنهنجي دور ۾ عدل ۽ انصاف جي صورتحال کي بهتر ڪرڻ لاءِ پنچائتي نظام جي ئي پوئيواري ڪئي. اهي پنچائتون ئي مختلف ڌرين ۾ ٿيندڙ جهيڙن جڳهڙن ۽ تڪراري مسئلن کي حل ڪنديون هيون ۽ ڌريون انهن جي حڪم مڃڻ جون پابند هونديون هيون. پنچائت طرفان مختلف ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن لاءِ سزائون به مقرر ڪيل هيون. چوري، ڌاڙي، ڦر ۽ زنا لاءِ سخت سزائون ڏنيون وينديون هيون.
جنگي هٿيار ۽ جنگي فن جي مهارت سومرن کي هبارين کان ورثي ۾ ملي هئي. سومرن سندن جنگي مهارتن مان گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو هو، پر حملي آورن جي مقابلي ۾ سندن جنگي فن ڪافي نه هو. وٽن هاٿين سان لشڪر ۽ پيادل سپاهين جا جٿا هئا. هي اهو ئي جنگي طرز عمل هو، جيڪو هباري استعمال ڪندا هئا. پنهنجي تجربي تحت سومرن وٽ اهو سڀ سکيل جنگي فن هو، پر حملي آور فوج جي ڀيٽ ۾ اهو ناڪافي هو، ڇو ته انهن وٽ جديد هٿيار ۽ تربيت يافته فوج هئي. اهڙيءَ طرح سومرن قباچه، جلال الدين خوارزم، التمش ۽ ٻين کان جنگيون هارايون، جن جو ڪارڻ حملي آور جي دليري نه، پر انهن جو جديد جنگي فن هو، جيڪو سومرن جي شڪست جو سبب بنيو. البت مقامي بغاوتون ۽ ٻيا اهڙا ڪيترائي معرڪا هئا، جيڪي سومرن پنهنجي جنگي فن سبب کٽيا هئا، پر وڏن حملي آورن جي ڀيٽ ۾ کين ڪا جديد جنگي تربيت حاصل نه هئي، اهو الميو رڳو سنڌ نه، پر پوري برصغير جي تاريخ جو الميو آهي.
مجموعي طور سومرن جو دور انتظامي حوالي سان هڪ بهترين صورت رکندڙ دور رهيو. انصاف، عدل، معاشي خوشحالي ۽ وطن جي حفاظت لاءِ سندن انتظام ۽ سچائي اهميت رکي ٿي. هنن پنهنجي دور حڪومت ۾ سنڌ جي سرحدن کي وسعت ڏني. پرامن ۽ جمهوري انداز حڪومت سبب گهڻو وقت راڄ ڪري سگهيا.
سومرا دور ۾ سنڌي ادب ۽ سنڌي زبان: سومرن جي دور ۾ سياسي استحڪام ۽ مرڪزي سرڪار جي مضبوطيءَ سبب عام ماڻهن ۾ شاعري، موسيقي ۽ جنگي داستانن لاءِ چاهه ۽ چس پيدا ٿيو. وندر ورونهن ۽ بهادريءَ جي بيان وارين هنن صنفن کي وڌائڻ وارا چارڻ، ڀٽ، ڀان ۽ جاجڪ ڪوٺبا هئا. اهي گجرات، سنڌ ۽ راجسٿان ۾ گهمندا ۽ عام ماڻهن کي وندرائيندا وتندا هئا. مطلب ته ان دور جي ادب جو سڄو معيار لوڪ ادب تي بيٺل هو. سومرن جو دور لوڪ ادب توڙي ادب جي ڪن ٻين صنفن جي اوسر لاءِ مشهور آهي.
سومرا دور جي ادبي ورثي کي هيٺينءَ ريت ورهائي سگهجي ٿو:
(1) عشقيه داستان
(2) نيم عشقيه داستان
(3) مذهبي لکتون ۽ گنان
(4) جنگناما يا رزميه شاعري
(5) واکاڻ (حمد، مدح، مولود، منقبت)
(6) لوڪ گيت
هن دؤر ۾ جيڪي رومانوي داستان مشهور ٿيا، تن ۾ سهڻي ميهار، سسئي پنهون، عمر مارئي، ليلا چنيسر ۽ مومل راڻو آهن. سڀ قصا، ڀٽ، ڀان ۽ مڱڻهار چڱن جي چويارين ۾ ڳائيندا هئا.
ڏيهي روايتن مطابق مشهور پيار ڪٿائن/ عشقيه داستانن سان گڏوگڏ نيم پريمي ڪهاڻين مان ڪجهه جو تعلق پڻ سومرا دؤر سان آهي. جن ۾: مل محمود ۽ مهرنگار، ڏمڻ سونارو، خدا دوست ۽ محمود غزنوي اهم آهن. هنن ڪهاڻين مان ڏمڻ سوناري واري نيم پريم ڪهاڻي، سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ اهميت واري آهي.
سومرن جو دؤر ٿلهي ليکي هڪ امن وارو دؤر هو، ڪجهه معرڪا خاص اهميت وارا هئا: اهوئي پسمنظر هو، جنهن ان وقت رزميه شاعريءَ کي جنم ڏنو ۽ ان دؤر جا ڀٽ، انهن ڪهاڻين جا ڪلام عام ڳائيندا وتندا هئا. رزميه توڙي قصيدي ٻنهي اندازن ۾ هن حوالي سان بيت جوڙيا ويا ۽ شاعري ڪئي وئي، پر گهڻو زور جنگ جي عام بيان بجاءِ اصل تفصيلن ۽ دوبدو مقابلو ڪندڙن جي سورهيائيءَ تي ڏنو ويو آهي. ڀٽن، ڀانن، چارڻن، سگهڙن ۽ مڱڻهارن نه رڳو سومرن پر ابڙي سمي جي سورهيائيءَ جي ڪارنامن کي پڻ ڳايو، جنهن پاڻ وٽ سومريون وڏيءَ دليريءَ سان سام طور جهليون هيون. سومرن جي دؤر ۾ اسان کي نه رڳو جنگي جوڌن جي واکاڻ ڪندڙ يا جنگي واقعا ملن ٿا، پر هن دور جي لوڪ ادب ۾ ڏاتارن جي واکاڻ جي قصن سان گڏ شوم اميرن ۽ هٺيلن ماڻهن جي هجو پڻ ملي ٿي. هن دؤر ۾ ايندڙ زماني جي ادب لاءِ پيڙهه ٻڌجي چڪي هئي. هيءُ دؤر قومي جذبي، وطنيت ۽ خود قربانيءَ جي لحاظ کان خاص اهميت وارو دَور هو.
ان کان سواءِ هي هڪ تبليغي دَور به هو. هن دور ۾ خاص ڪري اسلام جي جدا جدا فرقن جا داعي سنڌ ۾ آيا. هڪ طرف ’اسماعيلي‘ فڪر جا مبلغ پنهنجي دعوت جي ڪم ۾ مصروف هئا، ته ٻئي طرف ’قادري طريقي‘ جا بزرگ ۽ ’غوثي درويش‘ سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ پهچي چڪا هئا. وقت جا سومرا حاڪم اسماعيلي دعوت هيٺ انهيءَ فڪر کي قبول ڪري چڪا هئا، تنهنڪري اسماعيلي فڪر کي هن دؤر ۾ وڌڻ ۽ ويجهڻ جو سرڪاري توڙي غير سرڪاري طرح وڌيڪ موقعو مليو. ان کان سواءِ ملتان ۾ اسماعيلي حڪومت جي زور ٽٽڻ ڪري، مصر مان فاطمي خليفي ۽ وقت جي سترهين امام ’شاهه حاڪم‘ طرفان سومرن جي سردار کي ’شيخ‘ جو خطاب مليو. انهيءَ ڪري ملتان کانپوءِ ڏکڻ سنڌ اسماعيلي تبليغ جو مرڪز بنجي وئي ۽ اُتي هڪ ٻئي پٺيان داعي اچڻ لڳا. هتي جي نون مسلمانن پاڻ کي ’خواجه‘/ خوجه سڏايو. هن فڪر جو ان وقت جي ادب ذريعي به ڪافي ڦهلاءُ ٿيو ۽ سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ ان جي تمام گهڻي اهميت آهي.
سومرن جي دؤر ۾، سنڌ ۾ سڀ کان پهريون داعي 462 هه (1079ع) ۾ سيد نورالدين پهتو، جنهن پاڻ کي ’ست گُر نور‘ يا ’سيد سادات‘ جي نالي سان مشهور ڪرايو. هن بزرگ هندستان ۾ هندي ۽ گجراتي، سنڌ ۾ لاڙي سنڌي، اُچي، ملتاني ۽ بهاولپوري محاورن کان واقف ٿي هتي جي ماڻهن جي زبان ۽ لهجي ۾ ڪلام چيو ۽ پنهنجن مريدن کي ويدانت ۽ تصوف جا اصول هڪ نئين ڍنگ ۾ سمجهايا، جنهن کي پاڻ ’ست پنٿ‘ يا ’صراط المستقيم‘ نالو ڏنائين ۽ اهڙي طرح اسلام جي تبليغ لاءِ هڪ نئين واٽ اختيار ڪيائين. هن بزرگ جو ڪلام دوهن جي صورت ۾ آهي. سندس هندي ۽ گجراتي ڪلام ۾ ڪيترائي سنڌي لفظ ملن ٿا. اسماعيلي داعين جي سلسلي ۾، ’ستگر نُور‘ کانپوءِ هندستان ۽ سنڌ ۾ ’داعي پير شمس سبزواري ملتانيءَ‘ جو نالو قابل ذڪر آهي، هو 598هه (1201ع) کان 675هه (1267ع) تائين اسماعيلي مبلغ جي حيثيت ۾ هتي ڪم ڪندو رهيو. هن صاحب سيد نورالدين جي دعوت کي قائم رکيو ۽ سندس نقش قدم تي هلي پنهنجي تبليغ جي طريقي تي ’شمس مت‘ سڏيو. تبليغ جي سلسلي ۾ هن کي به ڪيترائي سفر ڪرڻا پيا ۽ مختلف زبانون سکڻيون پيون، پر سندس زياده ڪلام ملتاني محاوري ۾ ملي ٿو ۽ پير شمس جو ٻيو به ڪيتروئي سنڌي ڪلام آهي، جنهن ۾ ’شمس مت‘ بابت سمجهاڻيون ڏنل آهن. هن سلسلي ۾ سنڌي زبان جي سڀ کان اهم خدمت اسماعيلي فڪر جي درويش- صفت داعي پير صدرالدين ڪئي آهي. هن بزرگ جي ولادت 689هه (1290ع) ۾ ٿي ۽ 808هه (1409ع) ۾ (سمن جي دؤر ۾) وفات ڪيائين. سندس روضو اُچ شريف کان پنج ميل پري آهي. پير صاحب پنهنجي وقت جي امام ’شاهه اسلام شاهه‘ جي حڪم سان هندستان ۽ سنڌ ۾ تبليغ لاءِ آيو ۽ ’پير ستگر نور‘ جي پوکيل باغ کي سيراب ڪيائين. امام الوقت جي حڪم سان هندستان مان ٿيندو، سنڌ جي لاڙ واري خطي ۾ ’ڪوٽڙي الهه رکئي شاهه‘ ۾ پنهنجو مرڪز قائم ڪيائين. هندستان (گجرات واري حصي) ۾ ڪافي وقت رهي هندو ڌرم جو اڀياس ڪيائين ۽ ويدن، شاسترن، گرنٿن ۽ واڻين مان چڱيءَ ريت واقف ٿي، ويدانت جو اونهو اڀياس ڪيائين. جيئن ته پاڻ ايراني هو ۽ تصوف جي چڱي ڄاڻ هئس، ان ڪري ويدانت ۽ تصوف جي مدد سان ’پير ستگر نور‘ جي ’ست پنٿ‘ جي تبليغ ڪرڻ ۾ کيس وڏي هٿي ملي. برهمڻن سان بحث ڪيائين ۽ اسلام جي اصولن کي هڪ نئين روپ ۾ هندو ڌرم ۽ ويدانت جي اصطلاحن جو رنگ ڏئي، سندن آڏو پيش ڪيائين، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو هنن اهي اصول قبول ڪيا ۽ بيشمار برهمڻ ۽ لوهاڻا پير صاحب جي هٿ هيٺ بيعت ڪري مسلمان ٿيا ۽ ’خواجه‘ جو لقب حاصل ڪيائون. اهڙيءَ ريت هن پنهنجي تبليغ کي جاري رکيو. هي بزرگ وڏو عالم، لسانيات جو ماهر ۽ شاعر هو. بيعت ڪندڙ نو مسلم خواجن کي دين جا اصول پنهنجي ڪلام ذريعي سمجهايائين. سندس ڪلام هندي، گجراتي ۽ سنڌي زبان جي ڪڇي، لاڙي ۽ ملتاني محاورن ۾ موجود آهي. پير صاحب پنهنجي انهيءَ تبليغي ڪلام کي ’گنان‘ (گيان) نالو ڏنو. انهيءَ لحاظ کان چئي سگهجي ٿو ته مذهبي تعليم جي جنهن طريقي کي مخدوم ابوالحسن ۽ ٺٽي جي ٻين هنن عالمن يارهين صديءَ ۾ اختيار ڪيو هو، اهو ساڳيو ئي طريقو هن بزرگ ٺٽي جي عالمن کان ٽي سؤ ورهيه اڳ، يعني اٺين صدي هجريءَ ۾ قائم ڪيو هو. پنهنجن نو مسلم مريدن کي دين جا اصول لکي ڏيڻ لاءِ، پير صدرالدين صاحب سنڌي زبان جي هڪ صورتخطي به ٺاهي، جا چاليهه اکرن تي مشتمل هئي، جيڪا اڃا تائين خواجن ۾ رائج آهي، انهيءَ خط کي ’چاليهه اکري‘ يا ’خواجڪي سنڌي‘ چيو ويندو آهي.
(مرليڌر جيٽلي: ٻوليءَ جو سرشتو ۽ لکاوٽ، ص: 104- 107، دهلي، 999ع)
پير صدرالدين توڙي ٻين داعين جو ڪلام انهيءَ صورت خطيءَ ۾ ڇپيل آهي. پير صاحب جي ڪلام مان هيءَ ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته سنڌي زبان جا آڳاٽا آثار اسان کي سومرن جي دؤر ۾ ملن ٿا ۽ اسان جي سنڌي شاعريءَ جو آغاز ’ماموئين جي بيتن‘ کان گهڻو اڳ جو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ هيءَ ڳالهه قابل ذڪر آهي ته پير شمس ۽ پير ستگر نور جي اڍائي سؤ ورهين واري عرصي ۾ شايد ڪي بزرگ آيا هجن، جن جو ڪلام هٿ ڪرڻ لاءِ گهڻي محنت جي ضرورت آهي.
مٿئين بحث جي بنياد تي چئي سگهجي ٿو ته مليل معلومات موجب سنڌي شاعريءَ جي ابتدا پنجين صدي هجريءَ ڌاري ٿي هئي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بنهه پهرين شاعرن مان هڪ، جنهن جو ڪلام ڪجهه قدر محفوظ رهي سگهيو آهي سو سيد نورالدين هو. مٿي بيان ڪيل گنان جا شاعر ۽ گنان سنڌي شاعريءَ جي مذهبي روايت جي انوکي ابتدا هئا.
سومرن جي دؤر ۾ اسان کي شاهه حسين اپلاڻي- پير پٺي (وفات 1248ع/ 646هه) جا ڪجهه بيت ملن ٿا، جيڪو غوث بهاءُالحق زڪريا ملتانيءَ جو مريد ۽ همعصر هو. سندس شعر ۾ تاريخي ۽ جاگرافيائي سمجهاڻيون آهن، مثال طور؛ ان ديبل بندر ۽ مڪليءَ تائين پهچڻ وارين ٻوڏن جو مڪمل احوال ملي ٿو:
ديــبـل پــار آب اَپـــار،
اسان ڇڳاسين مڪليءَ ڌار.
هي بيت تاريخ جي هڪ دَور طرف ڌيان ڇڪائي ٿو، جڏهن مڪلي ۽ ديبل پاڻيءَ جي جهجهائيءَ سبب ڌار ٿيا هئا.
اسماعيلي ادب ۽ رسم الخط بابت ڊاڪٽر غلام علي الانا خاص تحقيق پيش ڪئي آهي. (سومرن جي دور جي سنڌي شاعري، رسالو ’مهراڻ‘، نمبر 1-2/ 1960ع) ان بابت ڊاڪٽر بلوچ ۽ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي به مختصر ذڪر ڪيو آهي. ڊاڪٽر الانا صاحب اسماعيلي تحريڪ بابت هڪ اهم ڪتاب انگريزيءَ ۾ لکيو آهي:
Ismaili Movement in Sindh, Multan and Gujrat (2010)
ان کان سواءِ هن گنانن بابت هڪ تفصيلي ڪتاب سنڌيءَ ۾ به لکيو آهي، جيڪو اشاعت هيٺ آهي.
سومرن جي دؤر کان اڳ سنڌ تقريباً ساڍن ٽن سؤ سالن تائين عربن جي قبضي ۾ رهي، جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ تي ڪو ڌيان نه ڏنو ويو، ان ڪري ئي سومرا دؤر کي ’سنڌي ادب جو بنيادي دؤر‘ چيو وڃي ٿو، ڇو ته ان کان اڳ ’سنڌي ادب‘ جو ڪو مستند ثبوت نه ٿو ملي. هن دؤر ۾ رومانوي داستان سرجيا. شاهه لطيف جي ستن سورمين مان ڇهن جي داستانن جو تعلق هن دؤر سان آهي. هنن قصن کي اڳتي هلي تمثيل طور ڪم آندو ويو ۽ هنن قصن کي ڀٽن ۽ ڀانن ڳائي وڄائي مشهور ڪيو.
ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ مطابق هنن داستانن ۾ تاثر پيدا ڪرڻ لاءِ شاعري ڪئي ويندي هئي. ان اوائلي شعر کي ’ڳاهه‘ چيو ويندو هو، (سنڌي ادب جي تاريخ، ص: 6، لاڙڪاڻو، 1993ع) جيڪو لفظ ’ڳاءِ‘ يا ’ڳائڻ‘ مان نڪتو آهي. ڳاهه ابتدائي واقعاتي شاعري هئي. گهڻن عالمن جو خيال آهي ته هر ٻوليءَ ۾ شاعريءَ جي شروعات رزميه شاعريءَ سان ٿيندي آهي. سومرن جي دؤر ۾ ڪيتريون ئي جنگيون لڳيون، ان ڪري رزميه شاعريءَ به گهڻي ترقي ڪئي. ڳاهن جي اوائلي شاعريءَ ۾ هڪ شاعر ڀاڳوڀان جو نالو ملي ٿو، جيڪو سومرن جو خاص درٻار جو شاعر هو. روايت موجب جڏهن سومرن ۽ علاءُالدين جي جنگ لڳي ته ڀاڳوڀان سندن ننگ سومريون وٺي ڪڇ جي ابڙي سمي ڏانهن سام لاءِ روانو ٿيو. سندس چيل ڳاهه نموني طور ڏجن ٿيون، جيڪي هن چنيسر کي مخاطب ٿي چيون آهن:
ڪوڙا ڪوڙي ڏيهه جا، تو ڪوڙا قول ڪيا،
سنڌ لڄايئه سومرن جي، ٻيو دانهيئه دودل لاءِ.
ڀاڳوڀان کان سواءِ دودي- چنيسر جي داستان بابت ڪجهه ٻين شاعرن به ڳاهون لکيون آهن، جيڪي پنهنجي ساخت جي اعتبار کان سومرن جي دؤر جون معلوم ٿين ٿيون. سومرن جي دؤر جو هڪ ٻيو نامور شاعر، جيڪو ڪيراڪوٽ (ڪڇ) جو رهاڪو هو ۽ لاکي ڦلاڻيءَ جي درٻار ۾ شاعر هو. ان جو نالو سُمنگ چارڻ هو. همير سومري جي حڪمرانيءَ واري دؤر ۾ هن سمن جي ساراهه ڪندي، سومرن جي هِجوَ ڪئي آهي:
ستينءَ هو سوجهرو، اٺينءَ ٿي اونداهه،
هميراڻي باهه، وساڻي ورهين کان!
هن دؤر ۾ لوڪ شاعريءَ جي اهم صنف ’ڳيچ‘ جو پڻ بنياد پيو. ڳيچ بابت ميمڻ عبدالمجيد سنڌي لکي ٿو: ”ڳاهه کان علاوه ڳيچ قديم سنڌي شاعريءَ جو ٻيو قسم آهي. ’ڳيچ‘ لفظ به ’ڳاءِ‘ مان نڪتو آهي. ’ڳاءِ‘ لفظ ڪوهستاني عورتن ۾ اڃا به مروج آهي. هن لفظ کي بعد ۾ ’ڳاج‘، ’گاڄ‘، ’ڳاچ‘ ڳيچ چيو ويو. ڳيچ لوڪ شاعريءَ جو هڪ اهم قسم آهي. لوڪ شاعريءَ جا شاعر نامعلوم هوندا آهن. ان هوندي به سومرن جي دؤر جي هڪ شاعر ’مرکان شيخڻ‘ جو نالو ملي ٿو، جنهن پنهنجي مرشد قرهيي ڀنڊاريءَ جي شان ۾ ڳيچ چيا آهن، هڪ نمونو هتي ڏجي ٿو:
هيءَ ڪانڊيرڙي لس،
هيءَ واسرڙي وس،
آءٌ کلندي ڪڏندي اچان.
سومرا دؤر ۾ رومانوي داستان سرجيا، رزميه شاعري جي شروعات ٿي، گنان چيا ويا، ڳيچن جي ابتدا ٿي، ’خواجڪي سنڌي‘ يعني چاليهه اکري لپي لکي وئي، جيڪا نظم لکڻ ۾ تمام گهڻي مددگار ثابت ٿي. هن دؤر ۾ هجوگوئيءَ جا به آثار ملن ٿا. هن دؤر جي ادب جي فني خوبين تي نظر وجهبي ته معلوم ٿيندو ته هن دؤر ۾ چيل بيت يا ڳاهون، هندي ڇند جي صنف ’دوها ڇند‘ جي طرز تي چيون ويون آهن. ڪي بيت سورٺا ڇند موجب به مليا آهن. ڪجهه بيت دوها ۽ سورٺا ڇند جو ميلاپ آهن. هن دؤر ۾ ٿورڙا بيت ٽن سٽن وارا به مليا آهن، جن جي پهرين سٽ دوها يا سورٺا ڇند واري، ٻي سٽ دوها ڇند واري ۽ ٽين سٽ وري سورٺا ڇند واري آهي. بيت جو هي گهاڙيٽو تمام گهڻو مقبول ٿيو. شاهه لطيف کان سواءِ ٻين ڪيترن شاعرن جا بيت هن سٽاءَ موجب آهن.
هن ئي دؤر ۾ اسماعيلي داعين جا گنان اڳتي هلي ’وائيءَ‘ ۽ ’ڪافيءَ‘ جي صنفن جو بنياد بڻيا. گنان جي پهرين مصرع، ٿلهه ۽ وراڻيءَ جو ڪم ڏئي ٿي، اها ساڳي ٽيڪنڪ اڳتي هلي وائي ۽ ڪافيءَ ۾ استعمال ٿي. البت ان جو ٻيو گهاڙيٽو مختلف آهي، پر ائين چئي سگهجي ٿو ته انهن صنفن جي جنم وٺڻ جو ڪارڻ اهي اوائلي صنفون هيون، جيڪي اڳتي هلي نين صنفن جو بنياد بنيون. هي دؤر فني حوالي سان پڻ سنڌي ادب ۾ اهميت وارو دور آهي. هن دَور ۾ ڪيترن قسمن جا ادبي فني تجربا ٿيا.
رزميه شاعريءَ جي ارتقائي صورت اڳتي هلي وطن پرستيءَ ۽ حق پرستيءَ جي موضوعن کي جنم ڏنو ۽ هن انساني قدر ذريعي وطن پرستيءَ جي جذبي کي اُڀاريو ويو ۽ ماڻهن جي اصلاح ڪئي وئي. وطن دوست سورمن ۽ ڌرتيءَ لاءِ جان قربان ڪندڙ جذبن کي پذيرائي ملي.
10 صدي عيسويءَ ڌاري مهاڀارت ۽ 1100ع ڌاري رامائڻ سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيا. هي ان دؤر ۾ ٻه اهڙا ڪارناما هئا، جن سنڌي ٻوليءَ جي ادبي ۽ مذهبي اهميت کي وڌايو. توڙي جو عربي ان وقت حڪمرانن جي دفتري ٻولي هئي، پر ان دؤر ۾ تختگاهه منصوره ۾ عربي ۽ سنڌي ٻئي زبانون ڳالهايون وينديون هيون. سنڌي ان دؤر ۾ ديوناگري لپيءَ ۾ لکي ويندي هئي، ڀنڀور جا آثار ان جا گواهه آهن.
عرب دور ۾ سنڌ (منصوره) جي هڪ عالم ڪشمير جي راجا مهروڪ پٽ راڻڪ لاءِ قرآن مجيد جو ڏيهي زبان (سنڌيءَ) ۾ ترجمو ڪيو هو. 1000ع ڌاري مهاڀارت جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو. يارهين صدي عيسويءَ ڌاري سومرن جي دؤر ۾ ’رامائڻ‘ کي به سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو.
عربي ٻولي پنهنجي مذهبي برتري ۽ دفتري ٻولي هئڻ سبب 300 سالن (711ع-1011ع) تائين سنڌي ٻوليءَ تي اثرانداز رهي، جنهنڪري ان جا لساني اثر سنڌي ٻوليءَ تي اڄ سوڌا نظر اچن ٿا. جڏهن عباسي سلطنت تي ايراني ۽ ترڪ قابض ٿيا ته انهن عربيءَ جي جاءِ تي فارسيءَ کي اهميت ڏني. هي دَور 1000ع کان شروع ٿئي ٿو. جيئن ته سومرا سلطنت 1010ع کان 1216ع تائين ٻاهرين اثرن کان آزاد رهي، ان ڪري اهو گمان ڪري سگهجي ٿو ته ان دوران سنڌي زبان عربي ۽ ديوناگري لپيءَ ذريعي دفتري زبان رهي هجي. فارسي زبان جي ڪثرت سان واهپي جو ڪو مثال نه ٿو ملي. اُها پهرين اترئين هندستان ۾ غزنوين ۽ دهليءَ جي سلطنت طرفان مسلط ڪئي وئي هئي. فارسي زبان جو سنڌيءَ تي وڏي پيماني تي اثر پوءِ جي ڳالهه آهي. البت عربي زبان جي دفتري زبان طور رهڻ ڪري ان جا ڪيترا لفظ سنڌي ۾ داخل ٿيا ۽ گڏوگڏ سنڌي زبان پڻ عربيءَ کي ڪيترا لفظ اڌارا ڏنا.
صوفي درويشن عربي، هندي ۽ مختصر پيماني تي فارسي لفظن کي سومرا دؤر دوران سنڌي زبان ۾ متعارف ڪرايو. هن دؤر ۾ ٻيا ڪي رسم الخط به موجود هئا، جيڪي واپاري ماڻهو استعمال ڪندا هئا. اهڙيون ٽي لپيون ملن ٿيون، جن جي ديوناگريءَ سان مشابهت نه هئي، پر اهي واپاري استعمال ڪندا هئا. البيروني 1000ع ڌاري لکي ٿو ته: ان وقت سنڌ ۾ ٽي اهم رسم الخط رائج هئا، جن ۾ اردناگري، مالواڙي ۽ سيندب اچي وڃن ٿيون. پهرين رسم الخط جو استعمال اتر سنڌ ۽ ڀاٽيا (ڀٽنڊا) ۾ ٿيندو هو. ٻيو رسم الخط ڏاکڻي سنڌ ۽ مالوا ۾ رائج هو ۽ ٽئين رسم الخط جو استعمال مرڪزي سنڌ يعني منصوره ۽ ان جي آسپاس ٿيندو هو. اها سومرا دؤر ۾ وڌيڪ اهميت رکندڙ لپي هئي. (شڪ آهي ته اها ’سيندب‘ لپي سنڌي آهي؟) مذهبي عالم ان دؤر م عربي لپي استعمال ڪندا هئا.
هن دؤر ۾ فارسي ادب مختصر پر سرجيو ضرور ويو، جيڪو روهڙي ۽ سيوهڻ جي آسپاس تخليق ٿيو، پر اهو محدود هو. علي ڪوفيءَ جو چچنامو ان جو مثال آهي ۽ ٻين ڪن عالمن سنڌ جي واقعن کي فارسيءَ ۾ قلمبند ڪيو. ڪجهه صوفي درويشن فارسيءَ ۾ شاعري به ڪئي، جن مان قلندر لعل شهباز جا ڪجهه شعر ملي سگهيا آهن. هن دؤر ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي حوالي سان سڀ کان وڏو ڪارنامو اسماعيلي داعين جو هو، جن جي جوڙ جو ڪو اهڙو مذهبي فرقو نظر نه ٿو اچي، جنهن سنڌي ٻوليءَ ۾ ايترو ڪم ڪيو هجي.
مجموعي طور سومرن جو دؤر سنڌي ادب جي حوالي سان، فني ۽ فڪري حوالي سان بنيادي حيثيت رکندڙ آهي. هن دؤر ۾ سنڌي ٻولي ۽ ان جي پکيڙ لاءِ رياست ۽ عام ماڻهن، درويشن، صوفين، سگهڙن، سنٿالن تمام گهڻيون ڪوششون ڪيون. لوڪ ادب ذريعي ٻوليءَ جون پاڙون ڌرتيءَ ۾ پختيون ڪيون ويون، مذهبي تبليغ ذريعي ٻوليءَ جي ڦهلاءَ کي ممڪن بنايو ويو. رسم الخط جي حوالي سان تجربا ڪيا ويا، ادب کي نئين فڪر ۽ فن سان نوازيو ويو ۽ اهو ئي سبب هو، جو هن دؤر ادبي تاريخ ۾ هڪ بنيادي دؤر واري شناخت قائم ڪئي.
واپار: سنڌ واپار ۽ ڪاروبار جي حوالي سان هميشه هڪ خوشحال خطو رهيو آهي. سنڌ جو واپار ڏيهان ڏيهه مشهور هو. سومرا دؤر ۾ سنڌ جا يورپ سان گڏوگڏ ٻين اهم ملڪن سان واپاري لاڳاپا هئا. هن دؤر ۾ لڳ ڀڳ 200 واپاري جنسون مشرق مان مغرب اماڻيون وينديون هيون ۽ مشرق وري اتان ٻين شين سان گڏوگڏ اتان سون جي خريداري ڪندو هو، جنهن مان زيور وغيره ٺاهيا ويندا هئا.
عام طور سنڌ مان جيڪي جنسون وڪرو ڪيون وينديون هيون، تن ۾ اٺ، گيهه، رڍن جي ڏاس، ڪپڙو، ڪپهه، مينهون، ڳئن جو چمڙو، رڍون، ڪاٺ جو فرنيچر، کنڊ، ڪارپيٽ، هٿ جي هنر جون شيون شامل آهن. ان کان سواءِ زرعي جنسن جو واپار پڻ ڪيو ويندو هو. ڀنڀور وٽ اهڙن ڪمرن ۽ جاين جا نشان مليا آهن، جتي وڏي سائيز ۾ ٺڪر جا ٿانو ٺاهيا ويندا هئا. ان مان ثابت ٿئي ٿو ته ٺڪر جي ٿانون جو هنر به ان وقت وڏي اهميت رکندو هو. وقت ۽ حالتن گذرڻ سان سنڌ پنهنجي اُن واپاري ۽ ڪاروباري شناخت کي قائم رکيو. منصوره ۽ برهمڻ آباد جي اجڙڻ کانپوءِ به سنڌ پنهنجي ’واپاري منڊي‘ واري سڃاڻپ قائم رکي. ٻيڙين ذريعي جپان، مصر، چين ۽ عراق سان ڀنڀور وٽان ڪاروبار جاري رهيو. فاطمي خلافت قائم ٿيڻ کانپوءِ پرآسائش شين جي ضرورت ۽ استعمال ۾ واڌارو ٿيو ۽ واپاري منڊين جي قدر قيمت وڌي وئي. ڀنڀور جي معاشي زندگيءَ جو معيار واپار ۽ ڪاروبار تي هو. ان دوران چين، شام، عراق ۽ ٻين ملڪن مان زندگيءَ کي پرآسائش بڻائيندڙ شيون گهرايون وينديون هيون، جيڪا ڳالهه سومرا دؤر جي خوبصورت رهڻي ڪهڻيءَ جي نشاندهي ڪري ٿي. سنڌ جو ڏکڻ ايشيا سان اهو ڪاروبار ڀنڀور (ديبل) وٽان ٻيڙين ذريعي 1224ع تائين جاري رهيو ۽ پوءِ ساڳئي واپار ۽ ڪاروبار جو مرڪز لاهري بندر ٿيو. ان دؤر ۾ يهودي واپاري چڱي خاصي تعداد ۾ ڀنڀور ۾ رهندا هئا. ان وقت ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ گجرات جي آسپاس سامونڊي ڦورو به موجود هئا، جيڪي مختلف وقتن تي پنهنجون ڪاروايون ڪندا هئا، ابن بطوطه انهن جو ذڪر به ڪيو آهي. (ڀنڀور ۽ ديبل، ص: 264، ايم. ايڇ. پنهور جو مضمون، سال 1986ع)
هن دؤر جو اهم بندرگاههديبل‘ هو. ان جي تباهيءَ کانپوءِ سنڌ کي واپاري ۽ ڪاروباري ڌچڪو رسيو. درياهه جو رخ مٽائڻ ۽ بندر جي ٻيهر جوڙجڪ نه ڪرڻ کان پوءِ لاهري بندرگاهه کي تيرهين يا چوڏهين صدي عيسويءَ ڌاري نئون بندرگاهه بنايو ويو. ديبل کي جلال الدين خوارزم طرفان باهه ڏني وئي هئي، جنهن ۾ هي بندرگاهه سڙي خاڪ ٿي ويو ۽ ان بندرگاهه کي ٻيهر قائم ڪرڻ يا نئين سر ٺهرائڻ جو ڪو امڪان نه بچيو هو، ٻئي طرف درياهه به پنهنجو رخ مٽايو هو، ان ڪري مرڪزي بندرگاهه جي حيثيت لاهري بندر ڏانهن منتقل ٿي وئي. مؤرخ وصاف (وفات: 718هه) جنهن پنهنجي ’تاريخ وصاف‘ 707هه (1307ع) ۾ تصنيف ڪئي، رشيدالدين (وفات: 718هه) جي ’جامع التواريخ‘ ۽ ابن بطوطه جي ’سفرنامي‘ مان ان زماني جي سنڌ جي واپار جي پڻ خبر پوي ٿي، جڏهن سومرن جي صاحبيءَ جو سنڌ ۾ آخري دؤر هو. تن ڏينهن ۾ سنڌ جو واپار سمنڊ رستي هرمز، قيس، بحرين، عدن، گجرات، مليار، ڪارو منڊل ۽ چين سان هلندڙ هو. مٿين ملڪن جي دولت سنڌ جي بندر لاهريءَ ڏانهن ڇڪجي ايندي هئي، ديبل جو اوج مٽجي چڪو هو. مٿيون واپار عربي ۽ چيني جهازن معرفت هلندو هو. چين جا جهاز ’جنڪ‘ سڏبا هئا. انهن واپارين معرفت سنڌ جو ڪپڙو هندستان جي بندرن تي نيڪال ٿيندو هو. مصر کان ريشمي ڪپڙو، خوشبودار شيون ۽ سچا موتي قافلن جي وسيلي خراسان جي شهرن تائين پهچندا هئا. تراريون، گهوڙن جون زينون، ڪپڙو ۽ خوشبودار مصالحا سنڌ مان ٻاهر ويندا هئا. هرمز، قيس توڙي بحرين ۽ عدن کان هر سال ڏهه هزار گهوڙا سنڌ ۽ هندستان جي شهرن ۾ وڪري لاءِ ايندا هئا. سنڌ ۾ هڪ عربي گهوڙي جي قيمت 220 دينار هئي ۽ دکن ۾ ابن بطوطه جي بيان موجب هڪ گهوڙي جي قيمت 500 دينار هئي. ائين سنڌ مجموعي طور پنهنجي واپاري صنعت کي هن دؤر ۾ به نه رڳو سنڀاليو، پر اوج طرف راغب ڪيو. (’قديم سنڌ جي تجارتي تاريخ‘، چيتن لال ماڙيوالا، ص: 77- 79، ڪنڊيارو، 2004ع)
سومرن جي دؤر ۾ سنڌ جا مشائخ ۽ مشاهير:
تاريخي طور تي سنڌ امن، ڀائپي، مساوات ۽ برابريءَ جي سڃاڻپ رکندڙ ڌرتي رهي آهي. سنڌ جي خمير ۾ اها شيءِ هميشه رهي آهي ۽ جيڪو به فڪر سنڌ ۾ آيو، ان ۾ هتان جي رواداريءَ واري عنصر هر دؤر ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي آهي. سومرا دؤر ۾ سنڌ ۾ مذهبي رواداريءَ واري روايت واضح ۽ چٽي نظر اچي ٿي. هن دؤر ۾ هر مذهب کي وڌڻ، ويجهڻ، عبادت، مذهبي ڏهاڙن ملهائڻ جي آزادي هئي. هندوڌرم، ٻڌمت ۽ اسلام سان لاڳاپيل مختلف فڪر جي مبلغن کي تبليغ جي مڪمل آزادي هئي. تاريخ مان اهڙا ڪيترا ثبوت ملن ٿا ته سومرا دؤر ۾ ٻڌمت جي مذهبي عبادتگاهن جي مرمت به ٿيندي رهي. هندن کي رياست جي ڪاروهنوار ۽ اهم عهدن تي فائز ڪيو ويندو هو. خود سومرن مسلمان ٿيڻ کانپوءِ به پنهنجون ڪيتريون روايتون ۽ نالا ساڳيا برقرار رکيا. اسلام ۽ صوفي ازم جي تبليغ لاءِ آيل ماڻهن کي جيءَ ۾ جايون ڏنيون وينديون هيون ۽ سندن اهي عمل ئي هئا، جن کان متاثر ٿي ماڻهو سندن معتقد ٿيا. هن دؤر ۾ مذهبي حوالي سان فضا سازگار هئي، ڪو به ڪٽرپڻو نه هو. هتي سومرا دؤر جي مختلف مڪتبهء فڪرن جي مشائخن ۽ مشاهيرن جو ذڪر ڪجي ٿو، جن ان دؤر ۾ پنهنجي پنهنجي فڪر جي روشني ڦهلائي ۽ ماڻهن کي متاثر ڪيو. سومرا دور جي مشاهيرن ۽ مختلف صوفي سلسلن ۽ مشاهيرن لاءِ هي مواد مولائي شيدائيءَ جي ڪتاب ’جنت السنڌ‘ (اشاعت 1958ع) تان ورتو ويو آهي.
مختلف سلسلا ۽ انهن سان وابسته بزرگ:
(1) حسني ۽ حسيني سلسلو: حسني ۽ حسيني سلسلي جي ابتدا سنڌ مان ٿي، هن سلسلي جو پهريون بزرگ امير ڪبير سيد قطب الدين جو ڀاڻيجو هو ۽ ڇهين صدي هجريءَ جي ابتدا ۾ سنڌ پهتو. بعد ۾ تبليغ جي سلسلي ۾ دهلي، ڪڙهه کان ٿيندو ڪپور پهتو ۽ اُتي وفات ڪيائين. سيد احمد شهيد سندس اولاد مان هو.
(2) رضويه سلسلو: رضويه سلسلي جي شروعات به سنڌ کان ٿي. هن سلسلي جو پهريون بزرگ سيد محمد مڪي، هجري سن جي ابتدا ۾ بکر، سکر پهتو ۽ سندس قبر به سکر ۾ آهي. سندس اولاد سکر ۽ بکر ۾ اڃا موجود آهي، پر هي سيد اوڌ ۽ بنگال تائين پکڙجي ويا.
(3) لڪياري/ راشدي سيد: هن خاندان جو پهريون بزرگ سيد علي بن عباس، سنڌ ۾ لڪي شهر ۾ اچي رهيو ۽ هي خاندان لڪياري سڏيو. اڳتي هلي هي خاندان لڪياري ۽ راشدي ٻن شاخن جي نالن سان سڏيو ويو. لڪياري ساداتن جي وڏي گادي شاهه صدر لڪيءَ ۾ آهي، جڏهن ته راشدين جون ٻه گاديون: (1) هڪ پير پاڳارن جي پير ڳوٺ خيرپور ۾، ۽ ٻي پير جهنڊي جي سعيدآباد ويجهو آهي.
(4) قلندري/ قادري سلسلو: هن سلسلي جو اڳواڻ عثمان مروندي قلندر لعل شهباز ولد ابراهيم ڪبير آهي، جيڪو مڪران ۽ ملتان کان ٿيندو سنڌ ۾ سيوهڻ ۾ اچي رهيو. سندس سلسلو قلندري/ قادريه سڏجي ٿو.
(5) چشتيه سلسلو: چشتيه هن سلسلي جي مشائخن مان شيخ نصيرالدين چراغ دهلوي، سلطان محمد تغلق سان گڏ سنڌ ۾ ساموئي (ٺٽي) آيو هو ۽ پوءِ سلطان فيروز تغلق سان گڏ سيوهڻ، بکر ۽ ملتان کان ٿيندو دهليءَ پهتو. سندس ڀاڻيجو ڪمال الدين دهلوي به سنڌ مان ٿي گجرات پهتو. هن جي اولاد مان اهڙا بزرگ ٿيا، جن 12 صدي هجريءَ تائين چشتيه سلسلي کي سنڌ، گجرات ۽ بلوچستان ۾ پکيڙيو. انهن مان شيخ حسام الدين عثمان بن دائود ملتانيءَ جو سنڌ ۽ گجرات ۾ وڏو اثر هو. هن سلسلي جا مريد سنڌ، گجرات ۽ مڪران ۾ موجود آهن.
(6) سهرورديه سلسلو: هن سلسلي جو شيخ حامد السندي پهريون بزرگ هو، جيڪو هجري صديءَ جي ابتدا ۾ سنڌ ۾ اچي رهيو. ان کانپوءِ مخدوم جهانيان سرخ جلال بخاريءَ جو ناٺي ۽ خليفو سيد شرف الدين مهدي سنڌ ۾ اچي رهيو ۽ پوءِ ڀڙوچ (گجرات) ۾ وڃي رهيو. مخدوم جهانيان جا پوٽا سيد برهان الدين عبدالله بن محمود بخاري سندي ۽ سيد حامد بن محمود به سنڌ آيا ۽ بعد ۾ گجرات پهتا. هي اُچ جا بزرگ ملتان جي سهروردي درگاهه جا مريد هئا.
(7) رفاعيه سلسلو: رفاعي سلسلي جي بزرگ سيد احمد ڪبير عراقيءَ جي خليفي شيخ شرف الدين اساوليءَ کان سنڌ ۽ گجرات وارن فيض حاصل ڪيو. ان کان سواءِ سندس خليفي نصير بن جمال النوساريءَ جا پڻ سنڌ ۽ مڪران ۾ مريد هئا.
مشاهير
مخدوم نور الله: مخدوم نور الله عرف مخدوم نورنگ، سومرو، وڏو عالم ۽ درويش هو ۽ ملتان وارن بزرگن پاران لاڙ لاءِ خليفو مقرر هو. سندس مقبرو ٽنڊي غلام حيدر ۾ آهي. هن جو اولاد پاڻ کي ’نورنگ زاده‘ سڏائيندو آهي.
مخدوم عبدالله: مخدوم عبدالله جيسلمير جي هندو راجا جو نوجوان راجڪمار هو، جيڪو پوءِ مسلمان ٿيو، کيس حضرت بهاءُالدين زڪريا سنڌ ۾ روحانيت جي تبليغ لاءِ موڪليو هو. مخدوم عبدالله پراڻن هالن ۾ اچي رهيو ۽ وڏو فيض بخش بزرگ ٿي گذريو آهي. هالن وارا ڀٽي مخدوم عبدالله جو اولاد آهن.
مخدوم فاضل شاهه: مخدوم فاضل شاهه، مخدوم عمادالدين جي اولاد مان شيخ رڪن الدين عالم جو ڀاءُ هو ۽ سنڌ جي حاڪم ڪشلي خان سان، محمد تغلق پاران شهيد ٿيو هو. مخدوم فاضل شاهه ڪلان وڏي اٽالي سان پهرين ڪشمور ۽ پوءِ ٽنڊي الهيار لڳ بڪيرن جي ڳوٺ ۾ اچي رهيو. هن پنهنجي عزيز مخدوم شهرالله بڪيرائيءَ کي پنهنجو جانشين مقرر ڪيو هو. بڪيرن جي هيءَ گادي سنڌ ۾ غوث پوٽن پيرن جي وڏي گادي ليکي وڃي ٿي.
شاهه اسماعيل: هي بزرگ مخدوم شهر الله ملتان جي سجاده نشين جو فرزند هو. روحانيت جي تبليغ لاءِ ڳوٺ نوتيار تعلقي بدين ۾ اچي رهيو، سندس مقبرو ’نئين بارڻ‘ جي ڪپ تي آهي.
شيخ صوبدار: ملتان وارن بزرگن جي خاندان مان شيخ صوبدار مست بدين جي ڳوٺ غوثپور ۾ اچي رهيو، جتي انهن ڏينهن ۾ سومرن جو زور هو. هن بزرگ کان ڪيترائي فيضياب ٿيا. سندس مقبرو به اتي آهي. شيخ موصوف جي اولاد مان ڪي سنڌ مان لڏي ڪڇ جي ’تاڙاپي‘ ڳوٺ ۾ ويا، جتي سندن درگاهون اڄ تائين قائم آهن. ڪي اڃا تائين بدين تعلقي ۾ پنهنجن وڏن جي مقبرن تي رهن ٿا، ۽ پنهنجا مريد خادم اٿن.
شاهه عبدالله: شاهه عبدالله عرف ابن شاهه بزرگ به ملتان وارن بزرگن جي خاندان مان روحانيت جي تبليغ لاءِ سنڌ ۾ آيو هو.
شاهه عبدالصمد: هن بزرگ جو مقبرو ڳوٺ ٻاول، تعلقي ٽنڊي الهيار ۾ آهي.
مخدوم عبدالرحمان: هي بزرگ اصل ۾ هندو ٺڪر هو، پر پوءِ ملتان جي صاحبن کان روحاني فيض ۽ خلافت حاصل ڪيائين. هن بزرگ کي عام طرح ’رام جاڳو‘ به سڏيندا آهن. سندس وڏو ساليانو ميلو ساماري شهر جي ويجهو لڳندو آهي.
پير پٿورو: هي بزرگ اصل ۾ مينگهواڙ هو، پر سندس اعتقاد ۽ صدق ملتاني بزرگن ۾ تمام گهڻو هو، تنهنڪري اتان فيض ۽ خلافت حاصل ڪيائين. سندس مقبرو تعلقي پٿوري ۾ اڪڙي اسٽيشن وٽ آهي. هن جي درگاهه تي هزارين عقيدتمند ايندا آهن. پير پٿوري جو هر سال ميلو پڻ لڳندو آهي.
شيخ عيسيٰ: هي بزرگ ملتان وارن صاحبن جو خليفو هو. ڳوٺ شيخ پور، لڳ لنواري شريف، ضلعي بدين ۾ سندس مقبرو آهي. لاڙ مان جڏهن به ملتاني فقيرن جي ڪا جماعت ملتان ويندي آهي يا اُتان موٽندي آهي، تڏهن هن درويش جي مقبري جي زيارت کين ضرور ڪرڻي پوندي آهي.
سومرا دور- هڪ جائزو:
سومرا دور جي تاريخ اڻپوري ملڻ جا ڪيترائي ڪارڻ آهن. مير معصوم بکري پهريون تاريخدان هو، جنهن سومرن جي تاريخ لکي ۽ 9 حڪمرانن جا نالا ڏنا. مير صاحب جيئن ته مغلن جو ملازم هو، ان ڪري هن جي نظر ۾ اهميت افغانستان ۽ هندستان کي هئي، ان صورت ۾ سنڌ جي سومرن حاڪمن کي هن ترجيح نه ڏني، ان جي مقابلي ۾ ’منتخب التواريخ‘ جي مصنف يوسف اٽڪيءَ کي جس آهي، جنهن هن دور کي ڪي قدر نروار ڪيو. ’تحفة الڪرام‘، ’لب تاريخ سنڌ‘ ۽ ’جنت السنڌ‘ جي مؤرخن، مير معصوم جي ئي پيروي ڪئي آهي. امڪان آهي ته هن دور بابت ڪي ڪتاب لکيا ويا هجن، پر 1520ع ۾ ارغونن هٿان ٺٽي شهر جي ساڙٻار ۾ اهڙا دستاويز ناس ٿي چڪا هجن. بادشاهتن ۽ حڪومتن لاءِ ملڪي اتحاد جي ضرورت هوندي آهي، جنهن جي سومرا دور ۾ کوٽ نظر اچي ٿي. ان کان سواءِ ان دور جي سنڌ جي آسپاس جو ماحول سومرن جي مرد ۽ مفاد ۾ نه هو.
محمود غزنوي (979- 1036) هڪ دهشت پسند حڪمران هو. هن منصوره تي حملو ڪيو، خفيف سومري کي قتل ڪرايو، سنڌ ۽ ملتان جي جتن تي سختي ڪئي. غزنوين کانپوءِ غوري خاندان (موجوده افغانستان جي حدن ۾) حڪمران بنيو. غورين جي سلطان شهاب الدين غوريءَ هند ۽ سنڌ تي گهٽ ۾ گهٽ چار حملا (1175ع، 1186ع، 1190ع ۽ 1193ع ۾) ڪيا ۽ زبردست مارڌاڙ ڪئي. نتيجي طور مقامي سومرا متحد ٿي فوجي سگهه بنجي نه سگهيا. محمود غزنويءَ کانپوءِ غوري حملن جي وچ ۾ سوا صديءَ کان ڏيڍ صديءَ جو عرصو آهي، جنهن پوري دور ۾ ٻيءَ ڪنهن به قوت جي سنڌ ۾ مداخلت نه ٿي ڏسجي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته سومرا ڪنهن ٻيءَ طاقت جي شراڪت ۽ مداخلت کان سواءِ سنڌ جا اڪيلا حڪمران رهيا هئا.
هندستان تي آخرڪار 1206ع ۾ مسلمانن جي حڪومت غوري خاندان جي ڪُکِ مان جنم ورتو. سلطان شهاب الدين کي پٽ نه هو. ان ڪري هن پنهنجي زندگيءَ ۾ پنهنجي سلطنت ٽن ترڪ غلامن ۾ تقسيم ڪري، تاج الدين يلدوز کي غزني، قطب الدين ايبڪ کي لاهور ۽ دهلي، ۽ ناصرالدين قباچه کي سنڌ ۽ ملتان ڏنائين. قطب الدين ايبڪ جي قبضي ۾ دهلي رهي، پر هن لاهور ۾ رهڻ کي اهميت ڏني.
ايبڪ خاندان کي تاريخن ۾ ’غلام گهراڻو‘ سڏيو وڃي ٿو. هنن لڳ ڀڳ 85 سال (1206- 1290ع) هندستان تي راڄ ڪيو. 85 سالن جي راڄ ۾ غلام خاندان جا ڪل يارهن حڪمران رهيا، جن جو هڪ طرف گهڻو وقت اقتدار لاءِ پاڻ ۾ ويڙهه ۾ گذريو ۽ ٻئي طرف مرڪزي ايشيا ۾ منگول خاندان، بادشاهت حاصل ڪري، مرڪزي ايشيا، افغانستان، ايران ۽ هندسان جي امن ۽ حاڪميت کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو. ان صورت ۾ سومرن لاءِ ’غلام گهراڻو‘ ڪو وڏو خطرو نه هو، البت غلام گهراڻي جي ابتدائي دور ۾، سنڌ ۽ سومرن لاءِ ناصر الدين قباچه مسئلو بڻيو رهيو. مير علي شير قانع جي لکت موجب ان دور ۾ سنڌ ۾ ست راڻا حاڪم ملتان جي (قباچه) بادشاهه جا ڏن ڀَرو هئا: (1) راڻو سهتو (ڀؤنر) راٺوڙ رهندڙ ڊڀرو؛ (2) راڻو سَندو ولد ڌماچ ڪوريجو سمو، رهندڙ تونگ (هي روپاهه جي حدن ۾ هو)، (3) جيسر ولد ججه (ججو) ماڇي/ سولنگي، رهندڙ مانگتارو (ماڻڪ تارو ؟)، (4) وڪيو ولد پنهون چنو (ساڪن سوئيءَ جو لڪ)، (5) چنو ولد ڏيٿو، ذات چنو، رهندڙ ڀاڳناڙي، (6) جيو پٽ ورياهه، ساڪن جهِم يعني هيم ڪوٽ ۽ (7) جسوڌن آگرو رهندڙ ’مين ٽڪرتعلقو ڀانڀر واهه. (تحفة الڪرام، ص: 81)
خداداد خان سنڌ جي هن تقسيم ۽ بندوبست جو عرصو 610هه/ 1213ع ڄاڻايو آهي. (لب تاريخ سنڌ، سنڌي ترجمو، ص: 39- 40)
منگولن ۽ جلال الدين خوارزم شاهه ۾ دوستي هئي، پر پوءِ منگول خوارزم شاهه جي سخت خلاف ٿي ويا، پرسي سائيڪس موجب جلال الدين موجوده پاڪستان واري ايراضيءَ جي حدن ۾ ٻه هزار سپاهي وٺي داخل ٿيو ۽ دشمن جي حملي کان ڀڄي انڊس علائقي ۾ ٻن سالن (1222- 1223ع) تائين رهيو. هن التمش سان دوستيءَ جي ڪوشش ڪئي، پر هن انڪار ڪيو. آخرڪار هو مڪران رستي ايران هليو ويو. (هسٽري آف پرشيا، جلد 2، ص 88، لنڊن 1951ع)
هند سنڌ جي مؤرخن کي اها خبر ئي نه هئي ته جلال الدين خوارزم شاهه، پنجاب، ملتان، سيوهڻ ۽ ٻين شهرن ۾ رُلي پني آخر سنڌ جي ديبل بندر پهتو هو. ان وقت هتي (سنان الدين) چنيسر سومرو حاڪم هو. چنيسر ڌارئين حملي آور جو ٻڌي ٻيڙين ۾ چڙهي سمنڊ طرف نڪري ويو. ان ريت هو پاڻ کي بچائڻ ۾ ڪامياب ٿيو. (ممتاز مرزا: سنڌ صدين کان، ص: 214ع) جلال الدين خوارزم شاهه (1221- 1223ع) پوءِ ان رستي کان ايران لاءِ سڪندراعظم واري اختيار ڪيل رستي سان نڪري ويو.
جڏهن خوارزم شاهه سنڌ ۾ ڪارروايون ڪيون پئي، ان وقت ملتان ۽ اُچ (سنڌ) تي ناصرالدين قباچه (1206- 1228ع) جي حڪومت هئي. ليڪن هو به پناهگير هاڪاري آڏو اچڻ جي همت نه ڪري سگهيو هو.
هتي هي سوال حل طلب آهي ته، قباچه جي دور ۾ سنڌ جا ست راڻا ڪيئن پيدا ٿيا؟ ان جو جواب اهو ٿي سگهي ٿو ته، قباچه سومرن ۽ سنڌ جي طاقت کي ٽوڙڻ لاءِ مقامي اثر رسوخ رکندڙن کي ننڍا ننڍا حاڪم مقرر ڪيو هجي. باوجود انهن مشڪلاتن جي سومرن جي حڪومت نه رڳو سنڌ ۾ موجود هئي، پر ان پنهنجو تسلسل به قائم رکيو. اها به تصديق ٿئي ٿي ته ديبل بندر پڻ ڪجهه وقت لاءِ سنڌ جو تختگاهه رهيو هو.
غلام گهراڻي (1206- 1290ع) کانپوءِ دهلي سلطنت تي خلجي خاندان قابض ٿيو. خلجين 1290ع کان 1320ع صرف ٽيهه سال سلطنت دهليءَ تي حڪومت ڪئي. مؤرخ لکن ٿا ته خلجين به سنڌ تي قبضو ڪيو ۽ هتي پنهنجا گورنر مقرر ڪيا، پر ان جي تصديق نه ٿي ٿئي. علاؤالدين خلجي هن خاندان جو ناليوارو بادشاهه ٿي گذريو آهي. هن 1296ع کان 1316ع تائين ويهه سال دهليءَ جو تخت ماڻيو. هن بادشاهه جي حوالي سان سومرا دور جي تاريخ ۾ حملو واقعاتي دور ملي ٿو، جنهن کي لوڪ روايتن ۾ به بيان ڪيو ويو آهي، پر اهو واقعو حڪمرانن جي حوالي سان وڏيءَ حد تائين تڪراري آهي. ڀونگر سومرو چاليهه سال سنڌ تي حڪومت ڪرڻ بعد گوشه نشين ٿي ويو هو، سندس وڏو پٽ چنيسر نئون حاڪم بڻيو، پر جيئن ته هو ڌاري ماءُ جو پٽ هو، ان ڪري اڪثر اميرن سندس مخالفت ڪري، چنيسر کي تخت تان لاهي دودي کي نئون سومرو حاڪم مقرر ڪيو، جيڪو ڏاڏي پوٽيءَ مان هو. چنيسر ناراض ٿي دهليءَ دانهين ويو. علاؤالدين (1296- 1316ع) پنهنجي فوجي اڳواڻ کي چنيسر جي مدد لاءِ حڪم جاري ڪيو ۽ سالار خان سنڌ تي حملي آور ٿي آيو. روايتن موجب دودي پنهنجي حرم جي سمورين سومرين کي پناهه خاطر ڪڇ جي ابڙي سردار ڏانهن موڪليو ۽ پاڻ دهليءَ جي لشڪر جو ڄمي مقابلو ڪيو، جنهن ۾ هو سر ڏئي سنڌ وطن تان شهيد ٿيو. بعد ۾ چنيسر جي غيرت به موٽ کاڌي ۽ اهو به خلجي لشڪر سان وڙهندي ماريو ويو. هن ويڙهه ۾ خلجين جو به گهڻو نقصان ٿيو.
چون ٿا ته هي جنگ ’روپاهه ماڙيءَ‘ وٽ ٿي هئي، جتي دودي ۽ چنيسر جون مزارون موجود آهن ۽ اتي هر سال ميلو به لڳي ٿو.
علاؤالدين جي دور جو تاريخي حوالي سان جائزو وٺجي ٿو ته ان دور ۾ ڪو به دودو يا چنيسر سنڌ جو حاڪم نه ٿو ملي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هن داستان جي سموري مواد کي ٻن جلدن (لوڪ ادب سلسلي جو ڪتاب اٺاويهين، جلد 1، 1976ع، جلد 2، 1977ع) ۾ سهيڙيو ۽ بعد ۾ ان قصي جي ڇنڊڇاڻ ڪري ’سومرن جو دور‘ نالي ڪتاب لکيو، جيڪو 1980ع ۾ ڇپيو. هي ٽيئي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپيا آهن. ڊاڪٽر بلوچ هن اُلجهيل معاملي کي سلجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ان لاءِ هن ايراني مؤرخ عطا ملڪ جي ڪتاب ’تاريخ جهانڪشائي جو پني‘ ۽ هندي ليکڪ منهاج سراج جي ڪتاب ’طبقات ناصري‘ کي به سامهون رکيو آهي. (سومرن جو دور، ص: 191- 192) ليڪن ان ڏس ۾ وڌيڪ ڪم ۽ کوجنا جي ضرورت اڃا به باقي آهي. ڪي سومرا ليکڪ اها راءِ رکن ٿا ته روپاهه ماڙيءَ ۾ دودي ۽ چنيسر جون مزارون فرضي آهن، جڏهن عوامي روايتون انهن کي حقيقي قرار ڏين ٿيون.
جلال الدين خوارزم شاهه 1221ع کان 1223ع تائين سنڌو ماٿريءَ ۾ هو ۽ ان وقت ديبل ۽ سنڌ جو حاڪم (سنان الدين) چنيسر هو. اهو دهلي سلطنت جو به ابتدائي دور هو. جڏهن ته علاؤالدين خلجي 1296ع کان 1316ع تائين دهليءَ جو سلطان رهيو آهي. خلجين کانپوءِ تغلق دهلي سلطنت جا مالڪ ٿيا هئا، جن 1320ع کان 1413ع تائين سلطاني ماڻي. هن عرصي ۾ سومرن جي حڪومت جا باقي ٽيهه سال بچيا هئا، ڇو ته 750هه/ 1351ع ۾ سومرن جي جاءِ تي ’سما گهراڻو‘ سنڌ جو نئون حاڪم گهراڻو ٿيو. آخري سومرو حاڪم همير پٽ دودو ٿي گذريو آهي. جڏهن سومرا ڪمزور ٿيا، تڏهن هنن سمن کان اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ، فيروز تغلق جي مدد حاصل ڪرڻ گهري هئي، دهلي سلطنت ملتان جي گورنر عين الملڪ ماهروءَ کي سندن مدد لاءِ چيو هو. ان سان گڏ گجرات جي گورنر کي به مدد لاءِ تاڪيد ڪيو ويو هو. عين الملڪ ماهروءَ جا خط ’انشائ ماهرو‘ موجود آهن، جن ۾ ان قسم جو تاريخي مواد موجود آهي. (سومرن جو دور، ص: 190، 193، 194، 1999، 242)
انهن حالتن ۾ سنڌ جو عوام سومرن کان لاتعلق ٿي، سمن ڄامن طرف آزادي ۽ خودمختياريءَ لاءِ ڏسڻ لڳو. سنڌ جي سياسي ميدان ۾ آيل هن تبديليءَ لاءِ مير علي شير قانع لکيو آهي ته، ارميل (همير) جنهن صورت ۾ ظالم نڪتو، تنهنڪري سمن بغاوت ڪري کيس ڪُهي ڇڏيو. هي واقعو 752هه ۾ ٿي گذريو آهي. (تحفة الڪرام، ص 89) همعصر تاريخي مواد همير جي پوءِ به زنده هئڻ جي تصديق ڪري ٿو. سمن جي ڪامياب بغاوت کانپوءِ، همير پٽ دودي جي اولاد گجرات ۾ وڃي پناهه ورتي. اهڙو ذڪر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ به هڪ مضمون ۾ ڪيو آهي. (رسالو ’مهراڻ‘، نمبر 3، سال 1981ع)
سومرن جي دور جي هن تجزياتي مواد مان ٻه نتيجا نڪرن ٿا:
(1) هن دور جي تاريخ صحيح ۽ درست نه ملڻ جو ارمان ٿئي ٿو،
(2) سنڌ جي تاريخ ۾ جيترو طويل عرصو (يعني 340 سال) سومرا خاندان حڪومت ڪئي، ايترو وقت ڪنهن به ٻئي خاندان کي نصيب نه ٿيو، پر ڏک اهو آهي ته سومرن ملڪ اندر نه ڪو مضبوط انتظامي ڍانچو ٺاهيو ۽ نه وري ڪا منظم فوج ٺاهي، حملي آورن جو مقابلو ڪيو. ٿي سگهي ٿو ته مستقبل جو ڪو مؤرخ نوان ماخذ اڳيان آڻي ڪي نتيجا ڪڍي.(مواد تيار ڪندڙ: ڊاڪٽر غلام محمد لاکو)
وڌيڪ ڏسو : سنڌ ۾ سمن جو دؤر


هن صفحي کي شيئر ڪريو