سنڌ ۾ بنواميه جا گورنر
بنو عباس جي گورنرن جي لسٽ
هباري خاندان جا بادشاهه
سنڌ ۾ عرب دور حڪومت:
جديد تحقيق موجب عربن، ٽن گهراڻن جي صورت ۾ سنڌ تي هيٺينءَ ريت راڄ ڪيو:
1. بنو اميه جا حاڪم يا گورنر
2. بنو عباس جا حاڪم يا گورنر
3. هباري گهراڻي جي آزاد حڪمراني
بنو اميه جي گورنرن جو دور 92هه- 132هه تائين هليو. ان دور ۾ ملڪ شام جي اثر هيٺ سنڌ لاءِ جيڪي گورنر آيا، تن بابت سنڌ جي مقامي تاريخن: ’تاريخ معصومي‘، ’تحفة الڪرام‘ ۽ ’لب تاريخ سنڌ‘ ۾ ناقص ڄاڻ ڏنل آهي. سنڌ جي تاريخ جي عرب دور جي محقق، ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ هن ڏس ۾ عربي ماخذن، قديم آثارن ۽ سِڪن جي آڌار تي مناسب ۽ موزون ڄاڻ فراهم ڪئي آهي. هيٺ ان مان سڌيءَ ريت مدد وٺي، تذڪرو ڪبو. البت ممتاز مؤرخ پير حسام الدين راشديءَ، هن ڏس ۾ وڏي تحقيق ڪري، پڙهندڙن لاءِ معتبر ڄاڻ فراهم ڪئي آهي. هيٺ راشدي مرحوم جي مهيا ڪيل معلومات درج ڪريون ٿا:
بنو اميه جا گورنر: سنڌ ۾ برهمڻ دور کانپوءِ عرب دور شروع ٿيو، جيڪو 712ع کان 1011ع تائين هليو. محمد بن قاسم جي سنڌ تي ڪاهه ڪري قبضو ڪرڻ کانپوءِ عرب خليفن جي طرفان بنو اميه گهراڻي جي ڪيترن ئي گورنرن سنڌ تي صرف چاليهه (92-132هه) ورهيه حڪومت ڪئي. ان ڏس ۾ ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ هن ريت تفصيل ڏنا آهن:
(1) يزيد بن ابي ڪبشه السڪسڪي: يزيد بن ابي ڪبشھ السڪسڪي، خليفي سليمان بن عبدالملڪ جي دور ۾ 96هه/ 714ع تائين گورنر رهيو. محمد بن قاسم کانپوءِ انهيءَ کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو. سنڌ ۾ پهچڻ کانپوءِ هو 18 ڏينهن زندهه رهيو ۽ هتي سنڌ ۾ فوت ٿيو. هن جي هٿان محمد بن قاسم جي معزولي ٿي ۽ کيس عراق موڪليو ويو، جتي هو واسط جي جيل ۾ اهو فوت ٿيو.
(2) حبيب بن مهلب بن ابي صفره: حبيب بن مهلب بن ابي صفره خليفي سليمان بن عبدالملڪ جي دور ۾ يزيد بن ابي ڪبشھ السڪسڪيءَ جي وفات کانپوءِ سنڌ جو گورنر مقرر ٿيو. حبيب هڪ اهڙي عرب جرنيل (مهلب بن ابي صفره) جو پٽ هو، جنهن بنو اميه دور ۾ باغي خارجين جي خلاف ڪيتريون ئي جنگيون ڪيون ۽ کين مات ڏني هئي. مهلب امير معاويه جي دور ۾ سنڌ تي پڻ حملو ڪيو هو ۽ سرحد واري علائقي بنون ۽ اهواز کي فتح ڪيو هو.
محمد بن قاسم جا قبضي ڪيل علائقا بغاوت ڪري آزاد ٿي ويا هئا ۽ راجا ڏاهر جو پٽ جئسينه محمد بن قاسم جي واپس وڃڻ کانپوءِ چتور مان موٽي آيو ۽ اچڻ سان برهمڻ آباد ۽ ان جي آسپاس وارو علائقو فتح ڪري ورتائين.
حبيب بن مهلب راجا جئسينه سان ڪنهن به قسم جي کئونس نه ڪئي ۽ الور (اروڙ) جي شهر تي قبضو اچي ڪيو. ان کانپوءِ هن اهڙا اپاءَ ورتا، جنهنڪري اوڀر سنڌ جا ڪي شهر ٻيهر عربن جي هٿ چڙهيا، پر اها ڪاميابي ٿوري وقت لاءِ هئي. انهيءَ وچ ۾ خليفو سليمان سلهه جي مرض ۾ گذاري ويو ۽ کانئس پوءِ سندس سؤٽ ۽ ڀيڻويو بن عبدالعزيز'>عمر بن عبدالعزيز اسلامي دنيا جو خليفو بنيو. هن تخت تي ويهڻ شرط هند ۽ سنڌ ڏانهن هدايتون ڏياري موڪليون ته ماڻهن کي دين اسلام ڏانهن مائل ڪرڻ لاءِ تبليغ جو سلسلو جاري رکيو وڃي. بن عبدالعزيز'>عمر بن عبدالعزيز، مهلب ابي صفره جي خاندان جو مخالف هو، ان ڪري حبيب بن مهلب کي برطرف ڪيو ويو ۽ سندس ڀاءُ يزيد بن مهلب کي وائسراءِ جي عهدي تان لاٿو ويو.
(3) بن مسلم الباهلي'>عمرو بن مسلم الباهلي: حبيب بن مهلب جي جاءِ تي خليفي بن عبدالعزيز'>عمر بن عبدالعزيز، بن مسلم الباهلي'>عمرو بن مسلم الباهلي کي گورنر ڪري سنڌ ڏانهن موڪليو. سنڌ ان وقت ٻن حصن ۾ ورهايل هئي. اولهه سنڌ، جنهن ۾ عربن جو راڄ هو ۽ ان ۾ سنڌ جو تختگاهه اروڙ، ديبل بندر ۽ سيوستان (سيوهڻ) جا شهر شامل هئا ۽ اوڀر سنڌ، جنهن جو تخت گاهه برهمڻ آباد هو، راجا جئسينه جي هٿ هيٺ هو، ۽ ان ۾ اهي سڀ علائقا شامل هئا، جن ۾ هاڻوڪا نوابشاهه، سانگهڙ، ٿرپارڪر ۽ خيرپور جا ضلعا اچي وڃن ٿا. اهي علائقا عرب دور ۾ نهايت ئي آباد هئا، ڇاڪاڻ ته سنڌو درياهه جي شاخن ۽ ڦاٽن کانسواءِ هاڪڙو درياهه به اتان وهندو هو. خليفو بن عبدالعزيز'>عمر بن عبدالعزيز ڏيڍ سال کان گهٽ عرصي تائين حڪومت ڪري گذاري ويو ۽ کانئس پوءِ سندس سؤٽ يزيد بن عبدالملڪ خليفو ٿيو.[جيڪو تاريخ ۾ ’يزيد ٻيو‘ سڏيو وڃي ٿو، جڏهن ته پهريون يزيد امير معاويه جو پٽ هو.]
(4) هلال بن احوز تميمي: هلال بن احوز تميمي خليفي يزيد بن عبدالملڪ جي دور تائين سنڌ جو گورنر رهيو.
يزيد جي زماني ۾ يزيد بن مهلب، جنهن کي بن عبدالعزيز'>عمر بن عبدالعزيز خيانت جي جرم ۾ قيد ڪيو هو. سو اتان ڀڄي نڪتو ۽ پنهنجي خاندان ۽ ساٿين کي وٺي سنڌ پڳو. حڪومت جي طرفان هلال بن احوز تميميءَ کي سندس پويان موڪليو ويو، جنهن قندابيل ۾ مهلب جي پٽ مدرڪ کي جهلي ورتو، ان کانپوءِ سندس ٻين پٽن مفضل، عبدالملڪ، زياد، مروان ۽ معايه کي گرفتار ڪري کين هڪ هڪ ڪري قتل ڪيائين، جن ۾ معاويه بن يزيد به هو، جنهن جيل ۾ محمد بن قاسم کي طرحين طرحين تڪليفون ڏنيون هيون. [هن جو ذڪر پير حسام الدين راشدي ’تحفة الڪرام‘ فارسيءَ ۾ ڪيو آهي.]
(5) بن عبدالرحمان'>جنيد بن عبدالرحمان المري: بن عبدالرحمان'>جنيد بن عبدالرحمان المري خليفي يزيد بن عبدالملڪ جي دور ۾ سنڌ جو گورنر مقرر ٿيو. سندس ڀاءُ، هشام بن عبدالملڪ جي دور ۾ پڻ گورنر رهيو هو. جنيد پهرين ديبل پهتو ۽ اتان سنڌ جي اندرئين حصي ڏانهن رخ ڪيائين. جڏهن هو درياهه جي ڪناري تي پهتو، تڏهن هن راجا جئسينه کي نياپو ڏياري موڪليو ته خراج جي رقم هڪدم ڏياري موڪلي ۽ جزيو گڏ ڪري اچي پيش پوي. راجا جئسينه فوجون جمع ڪيون ۽ جيئن ته ان وقت آبڪلاڻيءَ جي موسم هئي ۽ سخت مينهن پئجي رهيا هئا. ان ڪري جئسينه دريائي جنگ جا سانباها ڪيا ۽ هڪ وڏو ٻيڙو تيار ڪرايو. جنيد انهيءَ حقيقت کان آگاهه ٿي ساڳئي نموني جون تياريون ڪرڻ لڳو. سنڌو درياهه تي ٻيڙن جي وڏي جنگ لڳي، جنهن ۾ راجا جئسينه هارايو ۽ قتل ٿي ويو. راجا جئسينه جو ڀاءُ چچ معاهدي جي ڀڃڪڙي بابت فرياد ڪرڻ لاءِ عراق وڃي رهيو هو تنهن کي به دولاب سان ڪوڙو آسرو ڏئي قيد ڪيو ويو ۽ ڪجهه وقت کانپوءِ کيس قتل ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح محمد بن قاسم کانپوءِ، پهريون دفعو سڄيءَ سنڌ تي عربن جو قبضو ٿي ويو.
جنيد بن عبدالرحمان سنڌ جي باغي قبيلن تي حملا ڪري کين زير ڪري کانئن جزيو ۽ خراج وصول ڪيو. هن گجرات ۽ نيلما تي به حملا ڪيا ۽ غنيمت جو جهجهو مال هٿ ڪيو، بلاذريءَ جو چوڻ آهي ته جنيد، اجين ۽ مالوا تائين حملا ڪيا ۽ تمام گهڻي ڦرلٽ جو مال هٿ ڪيو. هن جو اهو به چوڻ آهي ته ايترو ته مال غنيمت هٿ ڪيو ويو هو، جو گورنر هٿ ڦاڙ ٿي خرچ ڪيو، تنهن هوندي به هن چاليهه ارب درهم بچايا، جيڪي مرڪزي خزاني ۾ جمع ڪرڻ لاءِ دمشق موڪليا ويا. ان کانسواءِ غلامن ۽ ٻانهين جو تعداد اڻ کٽ هو، جيڪي سنڌ مان قيد ڪري پهچايا ويا هئا. قاضي رشيد بن زهير لکيو آهي ته هندستان جي هڪ بادشاهه سنڌ جي عربن جي حملن کي ٽارڻ لاءِ ۽ سنڌ جي گورنر سان دوستيءَ جو ناتو ڳنڍڻ لاءِ کيس هڪ ڏاچي ڏياري موڪلي هئي، جيڪا آبنوس جي ٺهيل هئي، جنهن جي ڳچي قيمتي پٿرن سان مڙهيل هئي، ۽ ان تي هيرا ۽ جواهر جڙيل هئا. اها ڏاچي چانديءَ جي گاڏيءَ ۾ رکيل هئي. جڏهن اها زمين تي رکبي هئي ته زندهه ڏاچيءَ وانگر هلڻ شروع ڪري ڏيندي هئي. بن عبدالرحمان'>جنيد بن عبدالرحمان اها قيمتي سوکڙي هشام بن عبدالملڪ ڏانهن دمشق ڏياري موڪلي ۽ ان کي بادشاهي خزاني ۾ رکيو ويو. جڏهن عباسين بنو اميه کان حڪومت ۽ خلافت کسي، تڏهن اها ڏاچي سندن خزاني ۾ دارالسلام ڏانهن منتقل ڪئي وئي، جيڪو عباسي خليفن جو پهريون تختگاهه هو.
(6) تميم بن زيد العتبي: تميم بن زيد العتبي، خليفي هشام بن عبدالملڪ جي دور ۾ سنڌ جو گورنر مقرر ٿيو. تميم طبيعت جو ٿڌو ۽ مزاج جو حليم هو. هو ڪجهه وقت بعد ديبل بندر وٽ بيماريءَ سبب گذاري ويو، ان ڪري سندس جاءِ تي حڪم بن عوانھ الڪلبيءَ کي مقرر ڪيو ويو.
(7) حڪم بن عوانھ الڪلبي: حڪم بن عوانھ الڪلبي خليفي هشام بن عبدالملڪ جي دور ۾ گورنر ٿيو ۽ بهادر جرنيل ۽ جنگ جو ڪوڏيو هو. حڪم جڏهن سنڌ پهتو، تڏهن هن ڏٺو ته عربن لاءِ اجهي جي ڪا به جاءِ ڪانه هئي ۽ اهي ڇڙوڇڙ هئا. سڄيءَ سنڌ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اصلوڪن رهاڪن جو قبضو ٿي چڪو هو ۽ عرب فقط جان بچائڻ جي فڪر ۾ هئا. حڪم پاڻ سان گڏ فوجون آنديون هيون. ان ڪري هن سمورن عرب قبيلن کي هڪ جاءِ تي جمع ڪرڻ ۽ مقامي قبيلن خلاف مهم جاري رکڻ لاءِ درياهه جي اڀرندي ڪناري تي هڪ شهر ٻَڌايو، جنهن جو نالو ’المحفوظه‘ رکيو. هيءُ شهر ٿوري وقت لاءِ عربن لاءِ هڪ محفوظ ماڳ ۽ فوجي مرڪز بنجي پيو. جتان مختلف ماڳن، علائقن ۽ شهرن ڏانهن فوجون موڪليون وينديون هيون. سنڌ ۾ جنگي مهمن کي سر ڪرڻ جو وڏو صلاحـڪار عمـرو بن مـحـمد بن قاسـم هـو، جنهـن کي حـڪـم بن عوامھ الڪلبي پاڻ سان گڏ سنڌ وٺي آيو هو ۽ کيس پنهنجو مشير ۽ فوج جو سپهه سالار بنائي باغين ۽ سرڪشن کي سزا ڏيڻ جي لاءِ روانو ڪيائين. بن محمد بن قاسم'>عمرو بن محمد بن قاسم فتحون ڪيون ۽ باغين ۽ نافرمانن کي مطيع ڪري پنهنجي پيءُ جي روايتن کي زندهه رکيو. هن درياهه جي ٻيءَ ڀر، ساڄي ڪپ تي هڪ ٻيو شهر ٻَڌو، جنهن جو نالو ’منصوره‘ رکيو ويو. منصوره ٿوري عرصي اندر هڪ وڏو شهر ۽ عربن جي انتظامي ۽ جنگي ڪاررواين جو سنڌ ۾ وڏي ۾ وڏو مرڪز ٿي ويو. حڪم کانپوءِ جيڪي به گورنر آيا، منصوره تن جي گاديءَ جو هنڌ رهيو. پوءِ عباسي دور ۾ جڏهن خليفن جي ڪمزوريءَ سبب سنڌ جو انتظام سنڀالي نه سگهيا. تڏهن عربن جي هباري خاندان اتي هڪ خودمختيار گهراڻي طور حڪومت جو بنياد وڌو، جنهن جو صدين تائين سنڌ تي راڄ رهيو.
اهو حڪم بن عوانھ الڪلبي هو، جنهن سان گڏ منذر بن زبير سنڌ ۾ آيو هو ۽ بن عبدالعزيز هباري'>عمر بن عبدالعزيز هباري سندس پوٽو هو، جنهن سنڌ ۾ هباري خاندان جي خودمختيار حڪومت جو پايو وڌو.
حڪم پنهنجي دور حڪومت ۾ سنڌ جي انتظام کي بهتر کان بهتر بنايو. ان زماني ۾ سنڌين جي هڪ گروهه بغاوت ڪئي، حڪم بن عوانھ الڪلبيءَ جو ساڻن مقابلو ٿيو، جنهن ۾ هو مارجي ويو.
(8) بن محمد بن قاسم'>عمرو بن محمد بن قاسم: بن محمد بن قاسم'>عمرو بن محمد بن قاسم خليفي هشام بن عبدالملڪ جي دور ۾ حڪم بن عوانھ الڪلبيءَ جي موت کانپوءِ سنڌ جو گورنر مقرر ٿيو. عمرو جي گورنريءَ جي دور ۾ عربن جي ٻن قبيلن: بنو معز ۽ بنو حمير جي وچ ۾ جنگ لڳي، جنهن وڃي بغاوت جي شڪل ورتي. باغين جي مقابلي جي طاقت نه هئڻ ڪري عمرو قلعو بند ڪري ويهي رهيو. عمرو کي جڏهن يوسف بن عمر ثقفيءَ جي موڪليل فوجي سگهه حاصل ٿي ته هن همت ٻڌي ۽ باغين جي مقابلي لاءِ نڪتو، پر ڪامياب نه ٿيو. هو مارجي وڃي ها، پر ڪنهن طريقي سان سندس جان بچي وئي. وليد کيس عهدي تان برطرف ڪري ڇڏيو. پير حسام الدين جي تحقيق موجب بن محمد بن قاسم'>عمرو بن محمد بن قاسم حالتن کان مجبور تي خودڪشي ڪري ڇڏي هئي. (تحفة الڪرام، فارسي، ص: 621)
(9) يزيد بن عرار: يزيد بن عرار پنهنجي انتظامي صلاحيتن سان سڄيءَ سنڌ کي متحد ڪيو، ۽ عرب راڄ کي مضبوط ڪيو. اڳتي هلي هو منصور بن جمهور الڪلبيءَ جي سازشي ڄار ۾ ڦاسي پيو، جيڪو شام مان ڀڄي سنڌ پهتو هو. منصور بنو اميه جي ڪِرندڙ ساک بچائڻ جو هڪ رڪن ۽ ڪردار هو. يزيد بن عرار کي منصور جي ارادن جي خبر هئي، ان ڪري هن کيس منصوره جي حدن ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو، پر پوءِ منصور جهڙو ذهين شخص عرب سردارن جي مدد سان منصوره تي قبضي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. شروع ۾ يزيد بن عرار کي امان جي پڪ ڏني وئي، پر پوءِ چون ٿا ته منصور وعدي تان ڦري ويو ۽ سندس حڪم تي اوڏن کان تازي ديوار تعمير ڪرائي، يزيد کي ان ۾ قابو بيهاري مٿس تير وسايا ويا. ان ريت يزيد بن عرار کي بي رحميءَ سان ماريو ويو. مرڻ بعد کيس ليپو ڏئي ڀت ۾ دفن ڪرايو ويو.
(10) منصور بن جمهور الڪلبي: يزيد بن عرار جي موت کانپوءِ منصور سڄي سنڌ جو مالڪ بنجي ويو. هن سنڌ کي ٻن حصن ۾ تقسيم ڪيو. اوڀر ۾ منصوره هو، جنهن تي پاڻ قبضو ڪيائين. اولهه پنهنجي ڀاءُ منظور کي ڏنائين، جنهن ۾ ديبل، سيوهڻ ۽ گنداوا شامل هئا. هن همت ۽ دليريءَ سان راڄ ڪيو ۽ سنڌ کي سنڀاليو. ملڪ جو انتظام درست ڪري امن امان قائم ڪري، بغاوتن کي ختم ڪيائين. هن دور ۾ خود عرب دنيا ۾ تبديلي اچي رهي هئي. اتي اهڙي هڪ گهرو جنگ شروع ٿي وئي هئي، جنهن بنو اميه خاندان جي حڪومت کي ختم ڪري، هڪ نئين عرب عباسي خاندان کي اقتدار ۾ آندو. بنو اميه جي شهزادن ۾ خلافت لاءِ ويڙهه تيز ٿي، پر خارجي طاقت به زور سان اڀري، جن بنو اميه کي سخت تڪليف ڏني. مسلم دنيا ۾ ٻن طبقن معز ۽ حمير جي وچ ۾ ڇڪتاڻ سبب پڻ بنو اميه تيزيءَ سان ڇڙوڇڙ ٿي رهيا هئا. شيعان علي، اميھ جي خلاف عباسين جو ساٿ ڏنو. انهن جو مرڪز عراق ۽ خراسان هو. ربيع الاول 132هه/ آڪٽوبر 749ع ۾ عرب دنيا ۾ انقلاب آيو. بنو اميه جو دور پورو ٿيو ۽ عباسي، خلافت جي واڳ وٺڻ ۾ سوڀارا ٿيا. ابو العباس السفاح پهريون عباسي خليفو بنيو. ان ريت پوري عرب دنيا وانگر سنڌ ۾ به، بنو اميه جو خاتمو اچي ويو. منصور جو دور پورو ٿيو. ان جي جاءِ تي عباسي گورنر يا حاڪم اچڻ شروع ٿي ويا.
بنو عباس جي گورنرن جي لسٽ: سنڌ ۾ بنو عباس جي خليفن پاران موڪليل، گورنرن حاڪمن جو احوال، ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ (تاريخ سنڌ، عرب دور) ۾ ڏنو آهي، جنهن جو ذڪر هيٺ اچي ٿو، پر ان کان اڳ نامور تاريخدان پير حسام الدين راشديءَ (تحفة الڪرام، فارسي) جي وڏي محنت ۽ تحقيق سان ترتيب ڏنل بنو عباس جي سنڌ لاءِ موڪليل حاڪمن جي فهرست هتي ڏجي ٿي:
سنڌ ۾ بني عباس جي گورنرن جو دور: پهرئين عباسي خليفي ابو العباس السفاغ جي دور ۾ عباسين جڏهن پنهنجي خاندان جي حڪومت کي عراق ۾ مضبوط ڪيو، تڏهن سفاح، ابو مسلم خراسانيءَ جي فوجي خدمتن سبب کيس اوڀر جي سڀني ملڪن جو وائسراءِ تسليم ڪيو. ابو مسلم سڀ کان پهرين مفلس العبدي سحبتاني کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو.
(1) مفلس العبدي: هي خليفي ابو العباس سفاح جي دور ۾ سنڌ جو گورنر مقرر ٿيو. ابو مسلم خراساني، عباسي حڪومت ۽ خراسان جي طرفان گهڻن ئي ملڪن تي قبضو ڪيو ۽ هر طرف پنهنجا ماڻهو موڪليا. هن مفلس کي فوج ڏئي سنڌ روانو ڪيو، ته جيئن هو اها پنهنجي قبضي ۾ ڪري. جڏهن هو سنڌ پهتو ته ان جو مقابلو شام مان ڀڳل هڪ سردار منصور جي ڀاءُ منظور سان ٿيو، جيڪو ان وقت سنڌ تي قابض هو. هنن ٻن ڀائرن سنڌ کي پاڻ ۾ ورهائي کنيو هو. مفلس ۽ منظور ۾ خونريز ويڙهه ٿي. ان ويڙهه ۾ منصور جو ڀاءُ منظور مارجي ويو ۽ مفلس العبدي اڳتي وڌيو. جڏهن اها خبر منصور کي پئي ته هو ڀاءُ جي بدلي وٺڻ لاءِ تيار ٿيو ۽ ٻنهني جي وچ ۾ سخت ويڙهه ٿي. مفلس گرفتار ٿي ويو ۽ منصور ان کي قتل ڪري ڇڏيو.
(2) موسيٰ بن ڪعب تميمي: موسيٰ بن ڪعب تميمي، خليفي ابو العباس سفاح جي دور ۾ سنڌ جو گورنر رهيو. مفلس عبديءَ جي قتل ٿيڻ کانپوءِ ابو مسلم خراسانيءَ خليفي جي اجازت کانپوءِ موسيٰ بن ڪعب تميميءَ کي فوج سان گڏ سنڌ روانو ڪيو. موسيٰ 20 هزار فوج سان سنڌ پهتو ۽ هن قندابيل ۾ قيام ڪيو، جيئن اتي رهي سنڌ جي حالتن کان واقف ٿي وڃي. سنڌ تي ان وقت منصور قابض هو. موسيٰ بن ڪعب منصوره جي شهرين کي پنهنجي طرف ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. منصوره جي فوج ۾ موسيٰ بن ڪعب جي فوج جا مائٽ هئا، جنهنڪري کين پاڻ طرف ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو. منصور سان مقابلو ڪري کيس ڀڄائي ڪڍيائين. هو هندستان طرف ڀڄي نڪتو، پر رستي ۾ ڀُلجي ريگستان ۾ داخل ٿيو، جتي ماڻهن کيس قتل ڪيو. فتوح البدان ۾ لکيل آهي ته منصور ريگستان ۾ اڃ وگهي مري ويو. موسيٰ عهدي جو مدو پورو ڪري بغداد ويو، جتي وفات ڪري ويو. هن منصوره ۾ مسجدون تعمير ڪرايون.
(3) عينيه بن موسيٰ: عينيه بن موسيٰ، خليفي ابو جعفر منصور جي دور ۾ سنڌ جو گورنر رهيو. 759ع ۾ سفاح کانپوءِ ان جو ڀاءُ ابو جعفر منصور خليفو ٿيو. ابو جعفر عبدالله، منصور جي لقب سان سنڌ ۾ مشهور هو. موسيٰ بن ڪعب تميمي، بغداد ويندي پنهنجي پٽ عينيه بن موسيٰ کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو هو. سندس وفات کانپوءِ ان کي مستقل طور تي سنڌ جو گورنر ڪيو ويو، پر عينيه بن موسيٰ ۾ ايتري صلاحيت نه هئي ۽ هو حڪومت سنڀالي نه سگهيو. سندس نااهليءَ جي ڪري عرب قبيلا اهل يمن (قحطاني) ۽ اهل حجاز (نزاري) جيڪي اتي آباد هئا، اهي بي راهه رويءَ تي اعتراض ڪرڻ لڳا، ان وقت عينيه بن موسيٰ کي پنهنجي طرز عمل ۾ تبديلي پيدا ڪرڻ گهرجي ها. پر هن ائين نه ڪيو ۽ پنهنجن مخالفن کي گرفتار ڪري قتل ڪرائڻ شروع ڪيائين. ان واقعي جي ڪري عينيه جي خلاف بغاوت شروع ٿي وئي. اڃا هو پوريءَ طور حڪومت به هلائي نه سگهيو هو ته سندس زوال جو وقت اچي ويو. عينيه بن موسيٰ جو پيءُ گورنريءَ کان پهرين خليفي طرفان پوليس جو سربراهه هو ۽ پنهنجي جاءِ تي مسيب ابن زبير کي مقرر ڪري آيو هو. ميسب ابن زبير کي جڏهن اها خبر پئي ته عينيه جي خلاف سنڌ ۾ بغاوت شروع ٿي وئي آهي ته کيس ان ڳالهه جو ڊپ ٿيو ته متان سندس پٽ ان جاءِ تي مقرر ٿي وڃي. ان ڪري هن عينيه کي هڪ گمنام خط لکيو، جنهن ۾ لکيل هو ته، جنهن زمين تي تون آهين ان تي راضي رهه، اگر تون هتي ايندين ته اهڙي ننڊ سمهندين، جو ڪڏهن به نه جاڳندين. عينيه کي جڏهن اهو خط مليو ته هو بيحد خوفزده ٿيو. ان خط کان پوءِ هن اهو فيصلو ڪيو ته هو سنڌ کي ڪنهن به قيمت ۾ ڇڏي نه ويندو. عينيه سڀ کان وڏي غلطي اها ڪئي، جو هن پنهنجي مرڪز سان پنهنجو تعلق منقطع ڪري ڇڏيو ۽ خودمختيار راهه اختيار ڪئي ۽ خليفي منصور کي جڏهن ان بغاوت جي خبر پئي ته ان کيس ختم ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي.
(4) عمر بن حفص المشڪي: عمر بن حفص خليفي ابو جعفر منصور جي دور ۾ سنڌ جو گورنر ٿي آيو. ابو جعفر منصور عباسي جڏهن سنڌ جي بغاوت کي ۽ عينيه جي تخت کي ڪيرائڻ لاءِ عمر بن حفص المشڪيءَ کي سنڌ جو گورنر ڪري موڪليو هو. عمر کي بهادريءَ جي ڪري ’بزار مرد‘ جي لقب سان پڪاريندا هئا. عمر بن حفص سان عقبه بن مسلم کي سندس مشير ڪري موڪليو ويو هو. هي ٻئي وڏي فوج سان سنڌ ۾ داخل ٿيا. سنڌ ۾ پهچڻ سان عينيه سندن آمد تي مقابلي لاءِ تياريون شروع ڪري ڏنيون. عمر جڏهن منصوره ۾ پهتو ته عينيه کيس داخل ٿيڻ نه ڏنو. مجبوراً عمر کي ديبل ۾ رهڻو پيو ۽ اتان ئي عينيه سان مقابلي جون تياريون شروع ڪري ڏنائين. ماڻهو عينيه جي حڪومت کان بيزار هئا. کين جيئن ئي عمر جي اچڻ جي خبر پئي اهي عمر ڏانهن وڃڻ لڳا. عينيه بن موسيٰ کي هاڻي يقين ٿي ويو هو ته ڪاميابي ممڪن نه آهي. ان جا ڪافي ماڻهو عمر جي فوج ۾ هليا ويا هئا. مجبوراً عينيه کي عمر سان صلح ڪرڻو پيو. عمر سندس صلح هڪ شرط تي قبول ڪيو ته هو منصوره سندس حوالي ڪري. ائين عمر منصوره تي قبضو ڪري ورتو. جنهن کانپوءِ عمر عينيه کي قيد ڪري خليفي وٽ روانو ڪيو، پر رستي ۾ عينيه فرار ٿي ويو. رستي ۾ يمني ماڻهن کيس جهلي ورتو ۽ بغاوت جو سبب معلوم ٿيڻ کانپوءِ گرفتار ڪري قتل ڪيو ويو ۽ سندس سسي دارالخلافه کڻي ويا.
(5) هشام بن عمرو تغلبي: هشام بن عمرو تغلبي خليفي ابو جعفر منصور جي دور ۾ عمر بن حفص کانپوءِ سنڌ جو گورنر ٿي آيو ۽ ان کي خاص طور تي اها هدايت ڪئي وئي ته عبدالله الاشتر کي ختم ڪيو وڃي ۽ جي هو آسانيءَ سان گرفتار نه ٿئي ته پوءِ ان راجا تي حملو ڪيو وڃي. هشام بن عمرو سنڌ پهتو، هن عبدالله الاشتر کي گرفتار ڪرڻ لاءِ پنهنجي فوج موڪلي. ان وقت سنڌ جي هڪ حصي ۾ بغاوت ٿيڻ لڳي. هشام بن عمرو پنهنجي ڀاءُ سفيح کي ان بغاوت کي ختم ڪرڻ لاءِ موڪليو. اهو علائقو جتي عبدالله الاشتر راجا وٽ ترسيل هو، اتان ويجهو هو، جڏهن راجا جي علائقي ۾ پهتو ته ڪجهه سوار ڏٺائين. سفيح سمجهيو ته دشمن جو دستو آهي. جڏهن معلوم ڪيائين ته خبر پئي ته هي رسول صه جي خاندان جو ماڻهو آهي. عبدالله الاشتر ڏهن سوارن سان درياهه سنڌ جي ڪناري تفريح ۽ شڪار لاءِ وڃي رهيو هو. سفيح انهن کي گرفتار ڪرڻ پئي چاهيو ۽ انهن جو مقابلو ٿيو، جنهن ۾ عبدالله الاشتر ۽ سندس ساٿي شهيد ٿي ويا [پير حسام الدين راشديءَ عبدالله بن اشتر کي عبدالله شاهه اصحابي قرار ڏنو آهي]، ان جي خبر خليفي منصور کي ڪئي وئي، جيڪو ڏاڍو خوش ٿيو. ليڪن خليفي کي اڃا به ڊپ هو ته ڪٿي ان جا چار سؤ معتقد سندس پٽ کي جانشين نه ڪن ۽ وري ڪو نئون مسئلو پيدا نه ٿي وڃي. انهن حالتن ۾ 151هه/ 771ع ۾ هشام خليفي جي حڪم مطابق راجا تي حملو ڪري ڇڏيو. هشام ڪامياب ٿيو، علائقي تي قبضو ڪري ڇڏيائين. عبدالله الاشتر جا ڪافي معتقد شهيد ٿي ويا، باقي جيڪي بچيا اهي ڇڙوڇڙ ٿي ويا. عبدالله الاشتر جي گهر واريءَ ۽ سندس پٽ کي منصور ڏانهن مديني موڪلي ڇڏيائين. ان کانپوءِ هشام خارجي مامرن جي طرف توجهه ڏنو ۽ ڪيترائي علائقا فتح ڪيا. هن عمر بن جمل کي گجرات موڪليو، جيڪو ڪجهه ڏينهن کانپوءِ معلومات وٺي واپس آيو. ان کانپوءِ هن ڪشمير، ملتان، قندابيل (گنداوا) ۽ ڀڙوچ جي بندرگاهه گندهار تي قبضو ڪيو ۽ اتي ئي فتح جي خوشيءَ ۾ هڪ مسجد ٺهرائي. انهن فتحن کانپوءِ منصوره واپس آيو، جتي جا ماڻهو هن جي حڪومت مان خوش هئا. خليفي منصور هشام جي انتظامي قابليت کان خوش ٿي 152هه/ 769ع ۾ کيس سنڌ جي گورنريءَ سان گڏ ڪرمان جي گورنري به ڏني. هشام سٺي نموني ٻئي گورنريون هلايون، پنجن ڇهن سالن کانپوءِ پنهنجي وطن واپس موٽيو ۽ اتي 157هه/ 773ع ۾ وفات ڪيائين.
(6) معبد بن خليل تميمي: هشام بن عمرو جي وفات کانپوءِ معبد بن خليل تميميءَ کي خليفي ابو جعفر منصور، سنڌ جو گورنر (157هه/ 773ع) ڪري موڪليو. هن حڪومت جي نظام کي چڱيءَ طرح سنڀاليو. هي خليفي منصور جي عهد جو آخري گورنر هو. هن خليفي کان پوءِ سندس پٽ محمد بن منصور خلافت جي تخت تي ويٺو. سندس لقب مهدي هو.
(7) روح بن حاتم: خليفي مهدي بن منصور معبد جي وفات کانپوءِ روح بن حاتم کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪري موڪليو، پر ان کان انتظام سنڀاليو نه ٿيو. مهدي روح کي معزول ڪري هشام جي ڀاءُ بسطام کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو.
(8) بسطام بن عمرو: خليفي مهديءَ، روح بن حاتم کي معزول ڪري، هشام جي ڀاءُ بسطام کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو. هي پنهنجي ڀاءُ جي دور ۾ سنڌ ۾ رهي چڪو هو ۽ سنڌ بابت کيس سٺي ڄاڻ هئي.
(9) روح بن حاتم: جيتوڻيڪ بسطام سنڌ بابت گهڻي ڄاڻ رکندو هو ۽ هن ملڪ جو انتظام بهتر طريقي سان هلايو پئي، پر پوءِ به خليفي مهديءَ ڪنهن سبب ڪري کيس عهدي تان هٽائي ڇڏيو ۽ روح بن حاتم کي ٻيهر مقرر ڪيو.
(10) نصر بن محمد: روح بن حاتم کانپوءِ نصر بن محمد، عباسي خليفي پاران سنڌ جو حاڪم ٿي آيو. هن کي سنڌ ۾ هڪ سال رهڻ جو موقعو مليو ۽ بعد ۾ کيس معزول ڪيو ويو.
(11) عبدالملڪ بن شهاب: سيد حسام الدين راشديءَ پنهنجي تحقيقي مطالعي ۾ هن جو ذڪر ڪيو آهي. (تحفة الڪرام)
(12) الزبير بن عباس: زبير بن عباس سنڌ جو ٻارهون گورنر ٿي آيو. سندس حاصلات بابت ڪو علم ڪونهي.
سيد حسام الدين راشديءَ جي تحقيق موجب، بنو عباس جي دور ۾ سنڌ جا گورنر ٿي ڪل چوٽيهه گذريا آهن. ٻارهن جو احوال مٿي ڏنو ويو آهي. البت نمبر 13 کان 26 تائين جيڪي عباسي گورنر سنڌ لاءِ آيا، تن جا صرف نالا ڏجن ٿا، ڇو ته سندن باري ۾ ڪو مناسب يا مستند احوال موجود ڪونهي. (13) مصبح بن عمرو، (14) نصر بن محمد (ٻيو ڀيرو)، (15) سطيح بن عمرو، (16) الليث بن طريف، (17) سالم اليوني، (18) اسحاق بن سليمان هاشمي، (19) يوسف بن اسحاق، (20) طيفور بن عبدالله، (21) جابر بن الاشعش، (22) ڪثير بن مسلم، (23) محمد بن عدي، (24) عبدالرحمان، (25) ايوب بن جعفر، (26) مغيره بن يزيد. (تحفة الڪرام، فارسي)
(27) داؤد بن يزيد: ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ، سنڌ جي هن عباسي حاڪم جو ڪي قدر احوال مهيا ڪيو آهي، جيڪو هارون الرشيد جي زماني ۾ سنڌ لاءِ آخري حاڪم ٿي آيو. هن جو تعلق يمن سان هو. ان ڪري هن سنڌ ۾ موجود بنو معز قبيلي جي عربن کي تڪليفون ڏيڻ شروع ڪيون. جنهن ڪري سنڌ ۾ مختلف جاين تي فساد شروع ٿي ويا. معز وارن گڏجي منصوره تي حملو ڪيو. اُن تي دائود، سنڌ جي جتن کان مدد ورتي. ٻنهي ڌرين ۾ خونريز لڙائي ٿي، جنهن ۾ معزبن شڪست کاڌي. هن جنگ جي، سنڌ جي اتهاس ۾ خاص اهميت آهي. ڇو ته عارضي طرح سان تراري (حجازي يا معزي) عربن کي گهڻو نقصان پهتو. پر پوءِ اهي وري طاقت وٺي ويا.
(28) بشر بن دائود: جڏهن پنهنجي ڀاءُ امين سان جنگ ڪري، مامون عباسي خليفو بنيو، ته هن بشر بن دائود کي سنڌ جو حاڪم ڪري موڪليو. نئين گورنر کي سنڌي قبيلن سان گڏ سنڌ جي يمني (حمير) عربن جي حمايت به حاصل ٿي. بشر طاقت جي غرور ۾ اچي، مرڪزي خلافت سان به بغاوت ڪئي ۽ گڏوگڏ ساليانو ڏن موڪلڻ به بند ڪيو. ان ڪري بشر کي معزول ڪري، سندس جاءِ تي غسان بن عباد کي گورنر ڪري موڪليو ويو. بشر بن دائود اقتدار ڇڏڻ بجاءِ جنگ لاءِ تيار ٿي ويو. جنگ ۾ شڪست کائڻ کانپوءِ پاڻ کي نئين گورنر جي حوالي ڪيائين. غسان، بشر کي بغداد موڪلي ڇڏيو. نئون حاڪم غسان بن عباد پاڻ به سنڌ ۾ گهڻو وقت نه رهيو ۽ موسيٰ بن يحيٰ برمڪيءَ کي سنڌ تي پنهنجو نائب مقرر ڪري، پاڻ سنڌ کي خدا حافظ چئي بغداد روانو ٿيو.
(29/ 30) راشدي صاحب جي تحقيق موجب، حاجب بن صالح، اوڻٽيهون عباسي حاڪم ٿي آيو. جڏهن ته ساڳيو محقق غسان بن عباد کي ٽيهون نمبر عباسي گورنر تسليم ڪري ٿو، جنهن جو ڪجهه ذڪر مٿي اچي چڪو آهي.
(31) موسيٰ بن يحيٰ برمڪي: حسام الدين راشديءَ جي تحقيق موجب، موسيٰ بن يحيٰ ايڪٽيهون عباسي گورنر بنجي سنڌ ۾ آيو. غسان بن عِباد ويندي ويندي، موسيٰ کي سنڌ جي واڳ ڏيندو ويو. حقيقت ۾ موسيٰ برمڪي سنڌ تي گورنر جي نائب جي حيثيت ۾ حڪومت ڪئي هئي. هن پنهنجي لياقتن سان ملڪ تي هوشياري ۽ ڏاهپ سان حڪومت ڪئي. هن سنڌي عوام جو ڌيان بدلائڻ خاطر، گجرات ۽ ڪڇ جي علائقن تي حملا ڪيا. گجرات جي راجا بلهه راءِ (ولڀ راءِ) سنڌي فوجن کي روڪڻ جي زبردست ڪوشش ڪئي، پر کيس شڪست آئي ۽ هو جنگ ۾ مارجي ويو. ولڀ راءِ، موسيٰ کي ڇهه لک درهم ڏيڻا ڪيا هئا ته جيئن حملي کي روڪي سگهجي، پر سنڌ جي گورنر اها ڳالهه تسليم نه ڪئي. ڪتاب لکن ٿا ته حملي ۽ ڦرلٽ ۾ موسيٰ کي گجرات مان ڳري رقم حاصل ٿي. مال ملڪيت ۽ غلام ان کان سواءِ هٿ ڪيائين. موسيٰ برمڪيءَ شانداز طريقي سان زندگي گذاري ۽ وڏيءَ عمر ۾ 221هه ۾ وفات ڪئي.
(32) بن موسيٰ برمڪي'>عمران بن موسيٰ برمڪي: مامون جي وفات کانپوءِ سندس ڀاءُ معتصم بالله، عمران بن موسيٰ کي سنڌ جي حاڪميت جو پروانو ڏنو. هن مختلف علائقن ۾ پيدا ٿيل افراتفريءَ کي ختم ڪرڻ جون ڪوششون شروع ڪيون. قلات جا جَتَ، موجوده سنڌ جي حدن ۾ داخل ٿي ڦرون، قتل ۽ اغوا جون وارداتون ڪندا هئا. ان ڪري سنڌ کي سندن حملن کان محفوظ ڪرڻ لاءِ، عمران فوجي ڪارروايون ڪيون. قندابيل/ گنداوا جي عرب حاڪم، محمد بن خليل کي عمران شڪست ڏئي مطيع بنايو. ان مان هي نتيجو نڪري ٿو ته اٽڪل روءِ سموري سنڌو ماٿر، منصوره جي عرب حاڪمن جي ماتحت هئي. عمران جو نالو سنڌ جي تاريخ ۾ گهڻي اهميت رکي ٿو. کيس هڪ معمار جي حيثيت به حاصل هئي. هن بيضاءَ جو شهر تعمير ڪرائي، اتي هڪ قلعو جوڙائي فوج جو وڏو انگ رکيو. سنڌ ۽ اڄوڪي بلوچستان کي ملائڻ لاءِ هڪ وڏو رستو ٺهرايائين. ان لاءِ ته جيئن بلوچستان مان ٿيندڙ ڦرلٽ تي ضابطو آندو وڃي. عمران اهي فرمان ٻيهر جاري ڪيا، جيڪي چچ جي دور ۾ عمل ۾ آيا هئا، ۽ اهي حڪم ناما خاص سنڌي ماڻهن لاءِ هئا. عمران جي دور ۾ اڳ ۾ ئي جاري، يماني (حمير) ۽ معز (نزاري) عرب قبيلن جي ويڙهه وڌڻ لڳي، جنهنڪري عمران حالتن جو درست اندازو نه ڪري سگهيو. عمران حمير قبيلن جو طرف ورتو ۽ بن عبدالعزيز هباري'>عمر بن عبدالعزيز هباري معز قبيلن جو طرفدار ٿيو. نتيجي طور هڪ مقامي جنگ ۾ عمران مارجي ويو. ان وقت خليفي جي منظوريءَ کان سواءِ، بن عبدالعزيز'>عمر بن عبدالعزيز سنڌ تي قبضو ڪيو.
(33) عنبسھ بن اسحاق: پير حسام الدين راشديءَ جي تحقيق موجب عمران جي قتل کانپوءِ، عنبسھ سنڌ جو حاڪم ٿيو. هي اٺ سال (227-235هه) لاڳيتو سنڌ جو عباسين پاران حاڪم رهيو. اٺن سالن جو طويل عرصو ظاهر ڪري ٿو ته، عنبسھ عربن ۾ ٻڌيءَ لاءِ ڪم ڪيو هو. هن مقامي ماڻهن کي به مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هوندي، جنهنڪري ئي عنبسھ اٺ سال سنڌ جو حاڪم رهيو.
(34) هارون بن ابي خالد: سيد حسام الدين راشديءَ جي لکت موجب، هارون سنڌ ۾ پنج سال حاڪم رهيو. 235هه ۾ حاڪم ٿي آيو ۽ خليفي متوڪل جي دور ۾ 240 هه ۾ منصوره ۾ قتل ٿي ويو. قتل جو سبب عربن جي ٻن قبيلن: يماني ۽ نزاريءَ ۾ ويڙهه ڄاڻايو ويو آهي. هن ڏس ۾ بن عبدالعزيز هباري'>عمر بن عبدالعزيز هباري اهم ڪردار ادا ڪيو.
عمر پوءِ هباري خاندان جو بنياد رکيو ۽ سنڌ جو حاڪم ٿي ويو. اڳتي هلي هباري آزاد بادشاهه بنجي ويا. حڪومت جي مرڪز يعني بغداد جي عباسي خليفن سان سندن نالي ماتر تعلق وڃي رهيو.
سنڌ جي مقامي مؤرخن: مير معصوم بکري (تاريخ معصومي)، مير علي شير قانع (تحفة الڪرام)، ۽ خداداد خان (لب تاريخ سنڌ)، هباري خاندان جي سنڌ ۾ حڪومت بابت لاتعلقي ظاهر ڪئي آهي. البت انگريز دور ۾ هندستان ۾، عبدالحليم شرر ٻن جلدن ۾ ’تاريخ سنڌ‘ لکي هئي، جنهن ۾ هن هبارين بابت مواد ڏنو آهي. هي ڪتاب اردوءَ ۾ لکنؤ مان، جلد اول 1907ع، جلد دوم 1909ع ۾ ڇپجي ظاهر ٿيو. قيام پاڪستان کانپوءِ ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ، سنڌ جي هباري دور تي تحقيق ڪئي، جنهن تي سنڌ يونيورسٽيءَ کيس ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ڏني. هيٺ سنڌ جي هباري دور جي معلومات پيش ڪجي ٿي:
مولانا عبدالحليم شرر پنهنجي ڪتاب ’تاريخ سنڌ‘ (اردو) ۾، سنڌ ۾ عرب دور ۽ خاص ڪري آخري عباسي دور جي حالتن تي مفصل روشني وڌي آهي. ان ڏس ۾ ٿيل گهرو لڙائيءَ بابت به شرر گهرائيءَ سان لکيو آهي، جنهن جي سنڌ جي مؤرخن کي خبر نه هئي. هن صاحب ٽن هباري حاڪمن جا نالا ڏنا آهن ۽ بن عبدالعزيز'>عمر بن عبدالعزيز هباريءَ جي وڏي تعريف ڪئي آهي، جيڪو هباري گهراڻي جو پهريون حاڪم ٿي گذريو آهي. بعد ۾ عمر جو پٽ عبدالله سنڌ جو بادشاهه ٿيو، جنهن کانپوءِ عمر بن عبدالله هباري، سنڌ جو بادشاهه بڻيو. (مولانا عبدالحليم شرر: سنڌ جي تاريخ، سنڌي، حصو ٻيو، مختلف صفحا)
جيئن مٿي ذڪر ٿي چڪو آهي ته ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ، سنڌ جو پهريون اسڪالر آهي، جنهن هباري دور تي ڪم ڪري ان کي نروار ڪيو. ڊاڪٽر پٺاڻ سنڌ جي عرب دور تي هڪ مڃيل عالم ٿي گذريو آهي، پر پير حسام الدين راشديءَ جنهن گهرائيءَ سان، سنڌ جي عرب فتح، بنو اميه، بنو عباس ۽ هباري خاندانن جي حاڪمن کي وڏيءَ محنت سان ڳولي لڌو ۽ ايندڙ نسلن جي رهبريءَ لاءِ مواد ڇڏيو، ان جو مثال ملڻ مشڪل آهي. راشدي مرحوم جي تحقيق سان عرب دور جو باب، سنڌ جي تاريخ ۾ نکري نروار ٿي بيٺو آهي.
سنڌ ۾ هباري گهراڻي جو دور:
سنڌ ۾ هباري حڪومت 240هه/ 824ع کان 401هه/ 1010ع تائين قائم رهي. ان کان پهرين بنو عباس دور جا گورنر مقرر ٿيندا آيا هئا. عباسي دور جو آخري گورنر هارون بن ابي خالد ۽ خليفو متوڪل علي الله هو.
عمر بن عبدالعزيز هباري جيڪو منصوره تي پهرين قبضو ڪري چڪو هو، اُن هارون جي قتل کانپوءِ خليفي المتوڪل کي پنهنجي وفاداريءَ جو يقين ڏياريو ۽ خط لکي موڪليو ته سنڌ جي حڪومت سندس حوالي ڪئي وڃي. هو سنڌ جو انتظام بهتر نموني هلائيندو. خليفو متوڪل سنڌ ۾ بغاوت سبب پريشان هو، اُن ڪري هن اها درخواست قبول ڪئي ۽ بن عبدالعزيز'>عمر بن عبدالعزيز کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيائين. اهڙيءَ طرح سنڌ ۾ هباري خاندان جي مستقل ۽ خودمختيار حڪومت جو بنياد پيو.
بنو هبار گهراڻو بنو اسد قبيلي هبار بن الاسود جي اولاد مان هو. هبار بن الاسود، اسلام دشمنيءَ سبب مسلمانن ۾ بدنام هو، هباري خاندان، بنو قريش جي مشهور شاخ بنو اسد جو هڪ حصو هو. انهيءَ قبيلي جون حضرت محمد صلي الله عليه وسلم سان مائٽياڻيون رشتيداريون پڻ هيون. حضور صه جن جي گهر واري حضرت خديجه رضي الله عنها بنو اسد قبيلي مان هئي، جيڪا هبار بن الاسود جي سوٽاڻي سؤٽ هئي. عبدالله بن زمعه سان ام سلميٰ جي ڌيءَ زينب پرڻيل هئي. اسلام کان اڳ ۽ پوءِ بنو اسد قبيلو نهايت اهم سمجهيو ويندو هو.
خليفو متوڪل بغداد جي عباسي گهراڻي جو آخري بااثر حاڪم هو، ترڪ حفاظتي جٿي هٿان سندس موت، عباسي گهراڻي کي پوين پساهن ۾ آڻي ڇڏيو هو. اهي حفاظتي جٿا خليفي معتصم بالله عرب ۽ خراساني طاقت کي ٻنجي ڏيڻ لاءِ ڀرتي ڪيا هئا، پر اڳتي هلي اُهي وڌيڪ حفاظتي جٿا سندن اثر کي گهٽائيندي سياست ۾ حصو وٺڻ لڳا. جنهنڪري بغداد جي شهر کان ٻاهر ڪو به حڪم انهن جي مرضيءَ کانسواءِ نه ٿي هلي سگهيو. اسلامي خلافت جي خليفن سان نهايت غير انساني ۽ ظالمانه سلوڪ روا رکيو ويو ۽ کين مرضيءَ مطابق معزول ڪري ٻيهر ٻيو ماڻهو تخت تي ويهاريو ٿي ويو.
متوڪل علي الله هڪ رعبدار خليفو ۽ اعليٰ صلاحيتن جو مالڪ هو. ان هوندي به هو عباسين جي ڪرندڙ طاقت کي سنڀالي نه سگهيو. خلافت جي عزت ۽ ناموس جي بچاءَ واري جدوجهد ۾ کيس، سندس ترڪ حفاظتي جٿي قتل ڪري ڇڏيو. جيتوڻيڪ اهو قتل متوڪل جي پٽ المستنصر جي چرچ تي ٿيو هو. انهيءَ واقعي عباسي خلافت جي رهيل عزت کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو ۽ ان کانپوءِ عباسين ۾ ڪو به اهڙو خليفو پيدا نه ٿيو، جنهن جو آواز حرم ٻاهران يا درٻار کان ٻاهر مڃيو وڃي.
عمر بن عبدالعزيز نه فقط خودمختيار منصوره جي عرب رياست جو باني هو، پر ان سان گڏ هن هڪ اهڙي گهراڻي جو پايو رکيو، جنهن سنڌ تي هڪ سؤ ستر سالن کان وڌيڪ حڪومت ڪئي. بن عبدالعزيز'>عمر بن عبدالعزيز هبار بن الاسود جي پنجين پيڙهيءَ مان هو. بن عبدالعزيز'>عمر بن عبدالعزيز سنڌ جي نزاري (معزي) قبيلن جو ليڊر هو ۽ جڏهن عربن جي ٻن طبقن ۾ جنگ شروع ٿي، تڏهن هن سنڌ جي گورنر کي شڪست ڏئي قتل ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ صوبي تي حڪومت ڪرڻ لڳو. کيس خبر هئي ته عباسي خليفي کان سنَد وٺڻ کانسواءِ ماڻهو کيس سک سان سمهڻ نه ڏيندا. ان ڪري هن بغداد جي همعصر خليفي متوڪل کي هڪ عريضي ڏياري موڪلي. خليفي متوڪل عباسيءَ جي خلافت جو دور اسلامي دنيا لاءِ اڀاڳو ثابت ٿيو، ڇاڪاڻ ته انهيءَ دور ۾ قدرتي آفتن سبب ڪيترن ئي اسلامي ملڪن ۾ ماڻهو مئا ۽ ٻيو ڪيترو زيان ٿيو. ساڳئي وقت بغاوتن پڻ منهن ڪڍيو، جنهن سبب هو هميشه پريشان رهندو هو. بن عبدالعزيز'>عمر بن عبدالعزيز هباريءَ جي درخواست سندس لاءِ خوشيءَ جو باعث بڻي ۽ هن هڪدم ان تي عمل ڪيو ۽ کيس سنڌ جي حڪومت جي سند ڏياري موڪلي. جيتوڻيڪ هو عباسي خلافت جي طرفان نامزد ڪيل گورنر هو، پر هُن عباسي خلافت جي ڪمزوريءَ مان پورو پورو فائدو ورتو. جيئن مٿي ذڪر ٿيو ته خليفو متوڪل عباسي سندس حفاظتي جٿي هٿان سن 246هه/ 861ع ۾ قتل ٿيو ۽ اهو سال سنڌ جي منصوره واري عرب رياست جي خودمختياريءَ جو سال سمجهيو ويو. بن عبدالعزيز'>عمر بن عبدالعزيز هڪ خبردار انسان هو، ان ڪري عباسين جو خطبو مسجدن ۾ جاري رکيائين ۽ سال بِه سال ڏن جا پئسا پڻ بغداد جي مرڪزي خزاني ڏانهن، سوکڙين پاکڙين ۽ تحفن سميت موڪليندو رهيو.
عمر بن عبدالعزيز هباري سنڌ ۾ منصوره جي ڏکڻ ۾ هڪ ننڍڙي ۽ خوبصورت شهر بانيه ۾ ڄائو ۽ اتي ئي پروروش ٿيس. هن حڪومت هٿ ڪرڻ کانپوءِ آخري عمر تائين بانيه ۾ ئي رهڻ پسند ڪيو. هُن منصوره جي وڏي شهر کي ڇڏي، پنهنجو محلات ۽ گهر بانيه ۾ ٺهرايو ۽ اهو ئي سندس دور ۾ انتظاميه جو مرڪز هو. بانيه سنڌ جو قديم شهر هو، جيڪو عرب دور ۾ منصوره جي ويجهو ڏکڻ ۾ سنڌو ڊيلٽا ۾ واقع هو، جنهن ۾ ڪيترائي باغ هئا، جن ۾ گهڻو ميوو پيدا ٿيندو هو. منصوره کان ديبل جي شهر جو ديبل کان فاصلو ٻن منزلن تي ٻڌايو ويو آهي. (وڌيڪ ڏسو: ڪتاب تاريخ سنڌ، عرب دور، ص: 300-304)
عمر بن عبدالعزيز انتظامي صلاحيتن ۾ به وڏو ڪمال حاصل ڪيو ۽ انهيءَ اعليٰ سياسي درجي لاءِ نهايت ئي موزون ثابت ٿيو. جنهن سبب کيس منصوره جي عرب حڪومت ۾ حاڪم اعليٰ جي حيثيت ۾ ملڪ جو مالڪ بنايو ويو هو. سندس قائم ڪيل عرب حڪومت جون حدون اروڙ کان سمنڊ تائين هيون. هن پنهنجو واسطو مرڪزي سرڪار سان ختم ڪرڻ مناسب نه ڄاتو. ان ڪري عباسي خليفن جي نالي جو خطبو جمعي نماز جي موقعي تي سڀني مسجدن ۾ پڙهيو ويندو هو. جنهن مان اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته هو عباسي مرڪزي حڪومت جو زيردست آهي ۽ ان جي نائب جي حيثيت ۾ سنڌ تي حڪومت ڪري رهيو آهي. ابن خلدون لکي ٿو ته خليفي المعتمد عباسيءَ، يعقوب بن ليث صفاريءَ جي خراب نيت کي (بغداد تي حملي ڪرڻ) کي بدلائڻ خاطر کيس سنڌ جي حڪومت جو پروانو پڻ موڪليو هو، پر هن انهيءَ کي رد ڪندي بغداد تي حملو ڪيو، جنهن ۾ هو ناڪامياب ويو ۽ پوءِ سجستان ڏانهن ڀڄي ويو، جتي پهچڻ کانپوءِ ستت مري ويو. يعقوب بن ليث جو سنڌ تي ڪو خاص سياسي اثر نه رهيو، ڇاڪاڻ ته هو فارس جي مسئلن ۾ ايترو ته منجهيل رهيو، جو کيس سنڌ جي معاملن ۾ پوڻ جو موقعو نه مليو. ان ڪري سنڌ بن عبدالعزيز'>عمر بن عبدالعزيز هباريءَ جي بادشاهيءَ ۾ نهايت ئي اطمينان سان، سهڻي انتظام هيٺ ۽ عباسين جي نالي ماتر حڪومت هيٺ رهي، صفارين جو ڪو به اثـر
سنڌ تي قائم نه ٿي سگهيو. بن عبدالعزيز'>عمر بن عبدالعزيز بنا ڪنهن گڙٻڙ جي آرام سان سنڌ تي حڪومت ڪري گذاري ويو. بن عبدالعزيز'>عمر بن عبدالعزيز گهڻو وقت منصوره تي حڪومت ڪئي، جيڪو ان وقت سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ هو، انهيءَ ڏس ۾ ايران جي مشهور سياح، بن شهريار'>بزرگ بن شهريار جي لکت موجود آهي.
هي امن وارو دور هو ۽ سنڌ ۾ خوشحالي هئي. خاص ڪري عرب نهايت ئي خوشحال هئا، ڇاڪاڻ ته ملڪ جو سڄو پئسو، زمينون ۽ مال انهن وٽ هو. بن عبدالعزيز'>عمر بن عبدالعزيز جا پاڙي وارن هندو راجائن سان به سٺا ناتا هئا. انهيءَ سبب انهن ڪڏهن به سنڌ تي ڪاهه ڪانه ڪئي. ساڳئي وقت هن هڪ طاقتور ۽ منظم فوج جو پڻ سنڌ ۾ بندوبست ڪيو هو، جنهن سبب ڪنهن به دشمن کي سنڌ تي حملي ڪرڻ جي جرئت ڪانه ٿي ۽ اها فوج وقت سر حڪومت جي بچاءُ لاءِ ميسر ٿي سگهندي هئي.
عمر بن عبدالعزيز سنڌ تي ٽيهه سال حڪومت ڪئي، پر اندازي مطابق 270هه/ 883ع ۾ هن وفات ڪئي. هن جي دور حڪومت کي نهايت پر امن ۽ کيس ڪامياب حڪمران سمجهيو ويندو آهي. بن عبدالعزيز'>عمر بن عبدالعزيز هباريءَ پنهنجو سڪو نه ٺهرايو، ڇاڪاڻ جو هو نيم خودمختيار حاڪم هو. هن عباسي خليفن جي بالادستيءَ کي ڪنهن حد تائين تسليم ڪيو هو. هن جو ڪو به سڪو دلور جي ڀڙي يا ڀنڀور مان نه مليو آهي.
هيٺ هباري خاندان جي حڪمرانن جو چارٽ ڏجي ٿو، جيڪو پير حسام الدين راشديءَ جو تيار ڪيل آهي:
عبدالله بن عمر هباري: بن عبدالعزيز'>عمر بن عبدالعزيز جي وفات 270هه/ 883ع کانپوءِ سندس پٽ عبدالله بن عمر جانشين ٿيو. سندس ڪنيت ابو المنذر هئي. 279هه/ 892ع ۾ ابو صمه جي پٽ صمه بغاوت ڪري منصوره تي قبضو ڪيو، پر ٿورن ڏينهن ۾ عبدالله بن عمر طاقت حاصل ڪري ٻيهر منصوره کي کانئس کسي ورتو ۽ پنهنجي شهر بانيه کان منصوره ۾ منتقل ٿي ويو.
’عجائب الهند‘ جو مصنف لکي ٿو ته ڏکڻ ڪشمير جي هڪ راجا جنهن جو نالو مهروڪ پٽ رائڪ هو، ان عبدالله بن عمر ڏانهن نياپو موڪليو ته ڪو اهڙو عالم ڏانهس موڪلي ڏنو وڃي، جيڪو کيس قرآن جي تعليم تفسير سان پڙهائي، عبدالله بن عمر، عراق جو هڪ عرب عالم، جنهن کي ننڍي کنڊ جون ڪيتريون ٻوليون سنڌيءَ سميت اينديون هيون، راجا ڏانهن ڏياري موڪليو، اهو عالم راجا وٽ ٽي سال رهيو. قرآن تفسير سان بيان ڪندي جڏهن هو سورة يــٰسين جي هن آيت: ’قال من يحي العظام وهي رميم‘ تائين پهتو، ته راجا تخت تان لهي فرش تي آيو ۽ گهڻو وقت سجدي ۾ رهيو. ان کانپوءِ هن پنهنجي درٻارين ڏانهن منهن مٿي ڪري چيو ته بيشڪ اهو الله آهي، جيڪو واحد خدا آهي ۽ سڄيءَ ڪائنات جو پالڻهار آهي.
’تاريخ سنڌ‘ جي مصنف اعجاز الحق قدوسيءَ مطابق قرآن مجيد جو پهريون سنڌي ترجمو، هندو راجا ڪرايو، جنهن جو نالو مهروڪ هو، هن عبدالله بن عمر هباريءَ کي درخواست ڪئي هئي ته سنڌي زبان ۾ مذهب اسلام جي تعليم لکي موڪلي. ان زماني ۾ منصوره ۾ عراق جو هڪ عالم رهندو هو، جنهن جي پرورش منصوره ۾ ٿي هئي. هو تمام ذهين، سمجهدار ۽ شاعر هو ۽ هو اتي جون مختلف زبانون ڄاڻندو هو. بن عمر هباري'>عبدالله بن عمر هباري راجا جي خواهش جو ذڪر ساڻس ڪيو، جنهن ان جي زبان ۾ هڪ قصيدو تيار ڪري راجا کي موڪليو ۽ راجا جڏهن اهو قصيدو ٻڌو ته ان کي نهايت پسند آيو ۽ عبدالله بن عمر کي درخواست ڪيائين ته ان شاعر کي منهنجي درٻار ۾ موڪليو، پوءِ عبدالله بن عمر هباريءَ کيس راجا جي درٻار ۾ موڪليو ۽ هو ٽن ورهين تائين اتي رهيو. ان جي خواهش تي ان عالم قرآن شريف جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. راجا روزانو ترجمو ٻڌندو هو ۽ هن کان بيحد متاثر ٿيو. هي قرآن شريف جو دنيا ۾ پهريون ترجمو هو، جيڪو سنڌي زبان ۾ ٿيو. ان جو اهو به بيان آهي ته راجا هن کي ڇهه مڻ سون، ٽي دفعا ڏنو هو. عبدالله بن هباري تقريباً 30 سال سنڌ تي حڪومت ڪئي. ان پنهنجي دور ۾ بهترين انتظام هلايو. عبدالله بن عمر هباريءَ جا ٽي سڪا هٿ آيا آهن، جن ۾ هڪ چانديءَ جو آهي ۽ ٻه ٽامي جا آهن، اهي سڪا 1882ع ۾ دلور جي ڀر وارن کنڊرن مان لڌا ويا آهن:
(1) چانديءَ جو سڪو، ماپ 2 انچ قطر، وزن 8.4 گرين
سبتو پاسو: لااله الاالله وحده لاشريڪ لھُ محمد رسول الله امير عبدالله.
ابتو پاسو: بالله ولي عبدالله و ملڪ.
(2) ٽامي جو سڪو، ماپ: ساڍا ٽي انچ، وزن: 18 گرين
سبتو پاسو: وچ تي چئن ڪنڊن وارو تارو، ان جي چوگرد گول دائري ۾ هي اکر پڙهي سگهجن ٿا:
لااله الاالله وحده لاشريڪ لھُ.
ابتو پاسو: نالو ٻن حصن ۾ عبد ۽ الله- پاسا هم چورس، جن تي هي اکر آهن: محمد رسول الله الامير.
(3) چانديءَ جو سڪو:
سبتو پاسو: محمد رسول عبدالله
ابتو پاسو: بالله ولي عبدالله و ملڪ.
انهن سڪن مان ظاهر ٿئي ٿو ته منصوره جا هباري امير عباسي خليفن جا زيردست ڪونه هئا، ڇو ته انهن جو نالو ڪٿي به ثابت نه ٿيو آهي. ان سان گڏ اها حقيقت به واضح ٿئي ٿي ته سنڌ جي عربن کي منصوره ۾ پنهنجو ضرب خانو هو، جتي سڪا ضرب ڪيا ويندا هئا. عبدالله هباري سنڌ تي 300هه/ 912ع تائين حڪومت ڪئي.
عمر بن عبدالله هباري: عمر بن عبدالله، هباري خاندان جو چوٿون حاڪم هو. هو منصوره جو وڏي ۾ وڏو بادشاهه تسليم ڪيو وڃي ٿو. پير حسام الدين راشديءَ جي تحقيق موجب، عمر بن عبدالله 300هه/ 912ع ۾ منصوره ۾ بادشاهه بنيو (تحفة الڪرام، فارسي). عمر بن عبدالله پنهنجي پيءُ وانگي دانشمند ۽ مدبر هو. هي اهو زمانو هو، جڏهن عرب جو مشهور سياح المسعودي، سنڌ آيو هو. هن پنهنجي درٻار جو طريقو مشرقي نموني رکيو هو ۽ کيس حڪومت جو انتظام هلائڻ لاءِ وزيرن جو هڪ وڏو تعداد هو. المسعودي ٻڌائي ٿو ته منصوره جي عرب حڪومت جو وڏو وزير رياح هو ۽ منصوره جي درٻار عالمن، معززن ۽ وڏن ماڻهن سان سينگاريل هئي. عرب سردار حمزي کي منصوره جي درٻار ۾ وڏي فوقيت حاصل هئي ۽ ٻيا ڪيترائي ماڻهو اتي هئا، جيڪي پاڻ کي عليءَ جو اولاد سڏائيندا هئا. اهي گهڻو ڪري محمد بن علي ۽ عمر بن عليءَ جي اولاد مان هئا، جيڪي سنڌ جهڙي ڏورانهين ملڪ ۾ حڪومت جي ظلم سبب لڏي آيا هئا. المسعوديءَ مطابق منصوره جي عرب حاڪم ابوالمنذر عمر بن عبدالله هباريءَ پنهنجي سر سندس آڌرڀاءُ ڪيو هو ۽ کين وڏي عزت ڏني هئي. ابو المنذر عمر جا ڪي سڪا منصوره ڀڙي جي کنڊرن مان مليا آهن:
عمر بن عبدالله جا چانديءَ جا سڪا: ابو المنذر عمر بن عبدالله جا پنج چانديءَ جا سڪا. (مسٽر بيلاسس)
(1) ڀڙي جي کوٽائيءَ مان مليا آهن ۽ اهي ساڳئي ان بادشاهه جا تصور ڪيا ويا آهن، جن مان هرهڪ سڪو ڏيڍ انچ قطر ۾ آهي ۽ ان جي تور وزن رتين جيتري ٿيندي.
سبتو پاسو: پنجن سڪن ۾ ابو المنذر عمر بن عبدالله لکيل آهي ۽ پاسن کان ليڪا ۽ ٽٻڪا آهن.
ابتو پاسو: ڪوفي رسم الخط ۾ ٽي سٽون بالله محمد رسول الله عمر لکيل آهن.
(2) عمر بن عبدالله جو ٽامي جو سڪو: ساڍا ٽي انچ قطر ۽ تور 21 رتيون.
سبتو پاسو: ٺل ۽ خالي
ابتو پاسو: وچ ۾ بنو... عمرويه منذر، پاسن ۾: س بالمنصوره نسته اربع
المسعودي لکي ٿو ته منصوره جي قاضيءَ جو عهدو به موروثي هو ۽ اهو عراق جي مشهور قاضي ابي شوراب جي خاندان ۾ هلندو آيو پئي. عمر بن عبدالله هڪ طاقتور بادشاهه هو. زماني ۾ منصوره جي سلطنت اڃا به وسيع ٿي وئي هئي، جنهن ۾ تقريباً ٽي لک ڳوٺ هئا. فوجي اعتبار سان به هيءَ بادشاهت طاقتور هئي. هن وٽ پنج هزار جنگي هاٿي ۽ چاليهه هزار پيادا فوجي هئا. منصوره جي عوام جي زبان سنڌي هئي ۽ حاڪم سنڌي ۽ عربي ٻئي ٻوليون ڳالهائيندا هئا ۽ هنن جو پنهنجو سڪو رائج هو. هن جي دور ۾ واپار کي به وڏي ترقي ملي ۽ سنڌ جو مال ٻين ملڪن جي منڊين ۾ وڪامندو هو. عمر بن عبدالله جي زماني ۾ هباري حڪومت جو بغداد سان ڪو به تعلق نه رهيو هو، صرف خطبي ۾ خليفن جا نالا ورتا ويندا هئا. هن حاڪم 330هه/ 942ع ۾ وفات ڪئي.
محمد بن عمر هباري: عمر بن عبدالله هباريءَ جي موت کانپوءِ سندس پُٽ تخت تي ويٺو، جنهن جو المسعوديءَ پنهنجي سفرنامي ۾ ذڪر ڪيو آهي. المسعوديءَ کانپوءِ جيڪي به سياح ۽ جاگرافيدان آيا، انهن منصوره جي عربي حڪومت جو ذڪر ته ڪيو آهي، پر بادشاهن جا نالا نه ڏنا آهن. فقط هن ريت هڪ سٽ ۾ انهن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. ’وملکهم من قريش يقال انھ من ولد هبار بن الاسود‘ [ان ملڪ تي قريش حاڪم حڪومت ڪندا هئا، جيڪي هبار پٽ اسود جو اولاد هئا]. ڀِڙي جي کوٽائيءَ مان مسٽر بيلاسس کي عرب بادشاهه عمر بن عبدالله هباريءَ جو ٽامي جو هڪ سڪو به هٿ آيو هو، جنهن جي ماپ 3 انچ هئي، جنهن جو ابتو پاسو گول ۽ خالي هو ۽ اکر واري پاسي بالله محمد لکيل هو. ڀڙي جي کنڊرن مان ٻيا به گهڻا ئي سڪا مليا آهن، جن مان هڪ ٻئي عرب حاڪم احمد جو نالو ملي ٿو. هباري عرب خاندان جو منصوره جي عرب حڪومت تي قبضو الاصطخري، ابن حوقل ۽ بشاري مقدسيءَ جي سنڌ ۾ اچڻ وقت ثابت ٿيو آهي. ان مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اهو بادشاهه شايد محمد کانپوءِ تخت ڌڻي ٿيو هجي. جيتوڻيڪ ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ هن حاڪم جو نالو محمد بن عمر هباري ڏنو آهي. ليڪن نامور تاريخدان پير حسام الدين راشديءَ ان جو نالو محمد بن عبدالله لکيو آهي. سندس تحقيق موجب 360هه/ 972ع ڌاري محمد بن عبدالله جي حڪومت ختم ٿي. (تحفة الڪرام، فارسي)
ان جو سڪو هن ريت آهي:
سبتو: لا اله الله وحده لاشريڪ لھ
ابتو پاسو: محمد رسول الله الا مير احمد
عرب سياحن سنڌ جي حاڪمن ۽ سلسليوار تخت تي هڪٻئي پٺيان ويهڻ وارن بابت تمام گهٽ معلومات ڏني آهي. جيئن ته اهي بادشاهه سنڌ ۾ خودمختيار حيثيت جا مالڪ هئا. شايد ان ڪري انهن سياحن کي ڪا خاص اهميت نه ڏني. هباري خاندان جي حڪومت 401هه/ 1010ع تائين قائم رهي. ابن حزم ۽ ابن خلدون ٻنهي جي دعويٰ آهي ته منصوره جي عرب حڪومت جو خاتمو غزنيءَ جي سلطان محمود غزنويءَ جي هٿان ٿيو، پر هنن انهيءَ جا ڪي به سبب ڪونه ڏنا آهن.
سنڌ ۾ قرمطي/ عرب دور جو خاتمو:
قرمطي، اسماعيلن جي شاخ چيا وڃن ٿا. دراصل شيعان علي بنيادي طرح ٽن حصن ۾ ورهايل آهن: هڪ اثنا عشري، ٻارهن امامن کي يعني حضرت علي عه کان وٺي ٻارهين امام محمد المهديءَ تائين کي مڃين ٿا. ٻيا اسماعيلي، ستين امام حضرت اسماعيل رضه کي پنهنجو امام مڃين ٿا، جيڪو حضرت امام جعفر صادق رضه جو وڏو پٽ هو. زيد بن علي رضه کي مڃيندڙن کي زيدي سڏين ٿا، پر انهن جو تعداد تمام گهٽ آهي. قرمطي، اصل ۾ اسماعيلي فرقي جي ڇاڙهه چيا وڃن ٿا. اهي پنهنجي اصليت همدان قرمط سان ڳنڍيندا آهن. همدان جو تعلق هڪ هاري قبيلي سان هو. همدان قرمط هڪ ماهر نجومي ۽ سماجي برابريءَ وارن نظرين جو حامي هو. هن ڪوفي ڀرسان گهر ٺهرايو ۽ ان کي ’دار الهجره‘ جو نالو ڏنائين. مظلوم هاري ’دارالهجره‘ ۾ گڏ ٿيندا هئا يا پناهه وٺندا هئا، جيڪو هن جاءِ تي پناهه وٺندو هو، ان کي پنهنجي آمدنيءَ جو ڪجهه حصو ڏيڻو پوندو هو. سندس بندوبست موجوده دور جي سماجوادي نظام وانگر لڳندو هو. ايران جي فلسفي مزدڪ وانگر، هن ٻارن ۽ عورتن جون تنظيمون به ٺاهيون هيون، جن کي الفه سڏيندو هو. قرمطين بغداد جي ’اخوان الصفا‘ تي به غلبو حاصل ڪري ورتو هو، ڄاڻايو ويو آهي ته ’اخوان الصفا‘ جا ماڻهو خاص نظرياتي فسلفي جا حامي هئا، جي، بهترين خيالن ۾ يقين رکندا هئا.
هنن آفريڪا ۾ فاطمي سلطنت قائم ڪئي. اهڙيءَ ريت اسماعيلي تحريڪ عباسي خلافت جي مخالف هئي ۽ قرامط تحريڪ سان ڪيترا عالم، مفڪر ۽ اديب شامل هئا. انهن مان ابو سعيد الحسن الجنابيءَ، ايراني نار جي ڏاکڻي سامونڊي ڪناري سان آزاد رياست جو بنياد رکيو. (تاريخ سنڌ، عرب دور، ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ: ص: 479-482 جو اختصار)
حسن الجنابيءَ جو پٽ ابو طاهر سليمان هڪ طاقتور سردار هو، جنهن جو اثر اسلامي دنيا ۾ پري پري تائين پکڙجي ويو هو، هن جدا جدا علائقن مان سياسي ۽ مذهبي حمايت حاصل ڪرڻ چاهي ٿي. ان ريت قرمطي داعي سنڌ پهتا هئا. انهن مان هڪ جو نالو ابن الهيشم هو ۽ ٻئي جو نالو بن شيبان'>جلم بن شيبان هو. ابن الهيشم کي پرچار لاءِ ملتان موڪليو ويو، پر بعد ۾ فاطمي خليفي، ابن الهيشم کي موقوف ڪري، جلم يا حلم بن شيبان کي موڪليو هو. جلم، محمد بن قاسم جي جوڙايل مسجد ۽ ملتان جي تاريخي مندر کي به ڊهرايو. ابن الهيشم کي فاطمي خليفي المعز ڪنهن ريت ميدان تان هٽائي ورتو. (تاريخ سنڌ، عرب دور، ص: 482-483) ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ لکي ٿو ته، ملتان کي اسماعيلي داعين ’المعز‘ جي دور ۾ فتح ڪيو. المعز جي دور ۾ قاهره جو بنياد رکيو ويو ۽ الازهر مسجد به هن فوجي اڳواڻ ٺهرائي، جيڪا پوءِ آفريڪا جو اهم علمي مرڪز بنجي وئي. ان وقت جي فاطمي خلافت جي سڄي مسلم دنيا ۾ خاص اهميت ٿي. فاطميت جو ايراني باطني تسلط وارن قلعن سان به ڪو تعلق نه هو. ان سان گڏ دروزي فرقي جو به ملتانين جي اسماعيلين سان ڪو واسطو نه هو. دروزي فرقي جو باني محمد بن اسماعيل الدروزي هو. هي فرقو يارهين صدي عيسويءَ جي پهرئين ڏهاڪي ۾ وجود ۾ آيو هو. محمد بن اسماعيل ڇهين فاطمي خليفي ابو علي منصور الحڪم جو خاص ماڻهو هو. 354هه/ 699ع جي هڪ لکت موجب، مصر جي فاطمي خليفي جا بينر سنڌ موڪليا ويا هئا. لڳي ٿو ته سنڌ ۽ مصر جي حاڪمن، هڪ ٻئي کي تسليم ڪيو هو. علمن جي مٽاسٽا کان سواءِ ٻيون به ڪي شيون اينديون وينديون رهنديون هيون. ان دور ۾ عباسي خليفن جو اثر ختم ٿي چڪو هو. بشاري مقدسيءَ 375هه/ 986ع ۾ منصوره ۾ ڏٺو ته، خطبي ۾ عباسي خليفن بجاءِ، فاطمي خليفي جو نالو ورتو ويندو هو. مسجد ۾ نماز لاءِ ٻانگ به فاطمي خليفن جي طرز تي ڏني ويندي هئي. ملتان ۾ اسماعيلي يا قرمطي پرچار رڪجي وئي هئي. البت سنڌ ۾ اهو اثر موجود هو. بشاري مقدسي اهو به لکي ٿو ته شيراز جي بوحد نالي حاڪم سان به منصوره جو تعلق هو. بوحد حڪمران فاطمين جو پوئلڳ هو. پر سنڌ ۽ شيراز جي لاڳاپن کي عام نه ڪيو ويو هو. اسماعيلي فاطمين ۽ قرمطين ۾ شديد اختلاف هئا. ان ڪري سنڌ ۽ ملتان جي اسماعيلين ۽ قرمطين ۾ ڪي به لاڳاپا نه هئا. ٿي سگهي ٿو ته قرمطين ٿوري عرصي لاءِ ملتان تي قبصو ڪيو هجي. ملتان جي قرمطين ۽ سنڌ جي اسماعيلين ۾ ڪڏهن به ڪي لاڳاپا نه رهيا، ڇو ته ٻنهي فرقن ۾ سخت مذهبي اختلاف رهيا. (تاريخ سنڌ، عرب دور، ص: 484-485)
ڊاڪٽر پٺاڻ جي راءِ آهي ته ابن اثير ۽ البيرونيءَ جي لکڻين ملتان جي اسماعيلي قرمطين بابت غلط فهمين کي جنم ڏنو، ان ڪري ملتان ۽ منصوره جي حاڪمن کي ’مرتد‘ سڏيو ويو ۽ فاطمي خليفن کي سچو مسلمان نه سمجهيو ويو، اهي بغداد جي عباسي خليفن جا مخالف هئا. اهو ساڳيو دور آهي، جڏهن محمود غزنوي طاقتور بادشاهه ٿي اڀريو. محمود، فاطمين جي سخت خلاف ۽ عباسي خليفن جي حمايت ۾ هو. بشاري نالي عرب سياح 375هه/ 986ع ۾، ملتان ۽ منصوره جي حاڪمن کي فاطمين جو مڃيندڙ ڏٺو ۽ کين مرتد جو درجو ڏنو. بشاري خود سنڌ آيو هو. مٿي ذڪر ڪيل مذهبي ماحول جي اثر هيٺ محمود کي هيءَ ڳالهه نه وڻي ته هن جي ارد گرد اهي حاڪم حڪومت ۾ هجن. هن ملتان جي حاڪمن کي سزا ڏني ۽ منصوره تي به حملو ڪيو، جتي جو حاڪم ’خفيف‘ (سومرو) نالي سان هو. خفيف، محمود جي حملن جو ٻڌي جهنگ ڏي فرار ويو هو. حقيقت شاعر فرخيءَ جي شعر مان معلوم ٿئي ٿي. (تاريخ سنڌ، عرب دور، ص: 485-487)
پير حسام الدين راشدي، هباري بادشاهن جي لسٽ ڏيندي اٺ نالا ڏنا آهن، ليڪن آخري يا اٺين بادشاهه جو نالو ’خفيف‘ لکندي، وضاحت ڪري ٿو ته هي سومرو حاڪم هو. خود ممتاز پٺاڻ به عرب دور جي خاتمي تي سومرا حاڪميت جي حقيقت تسليم ڪري ٿو. وڌيڪ اهو به ته اسماعيلي داعي ابن سومار راجا بل هو، پر وڌيڪ درست نالو بلراج پٽ سومر يا سومار ٿيندو. سومرن ڪيئن حڪومت حاصل ڪئي آهي، ان بابت وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي.
عرب دور جو انتظامي، ادبي ۽ ثقافتي جائزو:
عرب سنڌ جي حالتن، ريتن رسمن ۽ ملڪي انتظام کان اڻواقف هئا. ان ڪري هنن سنڌ تي قبضي بعد اندروني انتظام مقامي ماڻهن حوالي ڪيو. شروع ۾ عربن ماڻهن جو قتل عام ڪيو. مندر ڊاٺا ۽ شهرن کي باهيون ڏنيون، پر قبضي کانپوءِ نرم رويو اختيار ڪيائون. هنن سنڌ جي شهرن تي انتظام لاءِ پنهنجا عرب گورنر رکيا. اتي فوجي ڇانوڻيون قائم ڪري قلعن جي حفاظت ڪئي. عدالتي انتظام لاءِ قاضي مقرر ڪيا. عرب جاگرافيدانن مطابق سنڌ ملڪ پنجن صوبن ۾ ورهايل هو، جن ۾ ملتان، منصوره، ڪزدار (خضدار)، توران ۽ مڪران صوبا شامل هئا، جن تي الڳ الڳ حاڪم مقرر ڪيل هئا، جن کي مقرر ڪرڻ وقت هڪ خلعت، ٻه ترارون، ٻه زرهون، هڪ جهنڊو، هڪ طوق ۽ هڪ منڊي ڏني ويندي هئي. اهو گورنر يا حاڪم صوبي جي فوج جو ڪمانڊر ۽ خزاني جو منتظم اعليٰ هوندو هو. کيس ڍل ۽ ٻيا ٽيڪس گهٽائڻ ۽ وڌائڻ ۽ مرڪزي خزاني جا مقرر ڪيل پئسا، جيڪي ڏن يا خراج جي صورت ۾ ورتا ويندا هئا، مرڪز تائين پهچائڻ جي ذميواري پڻ مليل هوندي هئي. فوجين لاءِ خاص قانون ٺاهيا ويا هئا، انهن جي خاندان جو مڪمل تحفظ ڪيو ٿي ويو، انهن کي پگهار کانسواءِ جنگ جي حالت ۾ هٿ آيل مال مان حصو ڏنو ويندو هو. فوجيءَ جي موت يا معذور ٿيڻ جي صورت ۾ سندس خاندان جي پرورش جي ذميواري حڪومت تي هئي. جنگ ۾ ڪاميابيءَ جي حالت ۾ فوجين کي مال غنيمت سان گڏ خراج ۽ زمينون ڏنيون وينديون هيون. فوجي لشڪر وٽ گهوڙا جام هوندا هئا، ان کانسواءِ اُٺ سوار فوج پڻ ٺاهي وئي، عربن جي آخري دور ۾ هاٿي پڻ رکيا ويا. مالياتي انتظام جي حوالي سان عربن، سنڌ ۾ ٻين قبضي ڪيل ملڪن وارو ساڳيو قانون لاڳو ڪيو. عربن توڙي غير عربن کان ٽيڪس وصول ڪيا ويندا هئا. اهو ٽيڪس سڌو وصول ڪيو ويندو هو، جيڪو مرڪزي سرڪار جي خزاني ۾ ويندو هو. خراج يا عشر آباد زمينن تي ورتو ويندو هو. زڪوات ۽ صدقو، مقرر ملڪيت تي فقط مسلمانن کان ورتو ويندو هو. جزيو يا ٽيڪس، عربن کان اڳ به لاڳو هو، جيڪو پوءِ به لاڳو رکيو ويو. غنيمه ۽ خمس الڳ هو، جنهن جو مقصد مال غنيمت مان حصو هو، جيڪو عربن جي مرڪزي حڪومت کڻندي هئي. عشر فقط واپاري مال تي وصول ٿيندو هو، جيڪو پڻ هڪ قسم جو محصول هو. اهو محصول خاص ڪري ڌارين واپارين کان ورتو ويندو هو. عربن جي قبائلي رسمن جي ڪري عدالتي نظام انتظاميه کان الڳ هو. صوبن ۾ گورنر انصاف ڪرڻ لاءِ قاضي مقرر ڪندا هئا. گورنرن جي دور کانپوءِ جڏهن خودمختيار حڪومت قائم ٿي، تڏهن منصوره جي هباري حاڪمن پڻ مختلف ماڳن ۽ شهرن لاءِ قاضي مقرر ڪيا هئا. مشهور جاگرافيدان المسعوديءَ ڄاڻايو آهي ته ”جڏهن هو منصوره ۾ آيو هو، تڏهن اتي جو قاضي عرب دنيا جي مشهور شخصيت ابو شوراب جي اولاد مان هو.“ سنڌ ۾ جيڪي قاضي مقرر ڪيل هئا، انهن جا فيصلا گهڻو ڪري عربن تائين محدود هئا، پر ڪن حالتن ۾ مقامي ماڻهن جا فيصلا به ڪيا ويندا هئا. عام طور مقامي ماڻهن لاءِ الڳ قانون هو، تن جا فيصلا پنچائت ذريعي ڪيا ويندا هئا. قاضي يا جج جو عهدو خاص ڪري ڪنهن عالم کي ڏنو ويندو هو، جيڪو شرعي قانون کان واقف هجي. عربن جي شروعاتي دور ۾ سنڌ ۾ ڪو به جيل يا قيدخانو نه هو، پر بعد ۾ جيل پڻ قائم ڪيا ويا. عامر عنبسه سنڌ جو پهريون حاڪم هو، جنهن ديبل جي مندر جو ڪجهه حصو جيل ۾ تبديل ڪيو. اهو جيل سنڌ ۾ مرڪزي جيل طور استعمال ڪيو ويو، بعد ۾ ٻيا به ڪيترائي جيل قائم ڪيا ويا. هباري خاندان جي دور ۾ سنڌ جي اڪثر شهرن ۾ جيل قائم ڪيا ويا، خطرناڪ قيدين لاءِ تهخانا پڻ ٺهرايا ويا. محمد بن قاسم سنڌ تي قبضي ڪرڻ کانپوءِ برهمڻ دور جون لاڳو ڪيل بندشون برقرار رکيون ۽ انهن سان گڏ مقامي قبيلن تي ڪي فرائض عائد ڪيا. جنهن موجب مقامي ماڻهن لاءِ اهو لازم ڪيو ويو ته ڪو به عرب مسافر سندن حدن اندر داخل ٿئي ته ان جي ٽن ڏينهن تائين مهماني ڪندا ۽ عرب واپارين جي مال جي حفاظت پڻ ڪندا. خليفي بن عبدالعزيز'>عمر بن عبدالعزيز (اموي) جي دور ۾ ڪن ماڻهن اسلام قبول ڪيو هو، پر اهو دور ٿورو عرصو هليو. نون مسلمانن جي محبت ۽ جذبي جو ڪو به خيال نه ڪيو ويو. نتيجو اهو نڪتو، جو انهن مسلمان ٿيل ماڻهن مان ڪيترائي واپس پنهنجن اصلوڪن مذهبن ۾ داخل ٿي ويا. سنڌ جي عرب گورنرن مذهب بدلائڻ کي ڪا به اهميت نه پئي ڏني، هر مذهب واري کان جزيه وصول ڪيو ويندو هو. بنو اميه جي دور ۾ جيڪي به قومون يا ماڻهو مسلمان ٿيا هئا، تن تي ’موالي‘ نالو رکيو ويو ۽ انهن جو درجو عربن کان گهٽ رکيو ويو. بنو اميه جي دور ۾ هڪ نهايت ظالمانه رسم جو رواج وڌو ويو، جنهن موجب مفتوح قومن جي غير مسلم قبيلن کان ’ٻار ٽئڪس‘ وصول ڪيو ويندو هو. يعني هر گهر يا هر ڪئمپ مان هڪ ٻار زبردستي کسيو ويندو هو، جنهن کي غلام بنائي وڪرو ڪيو ويندو هو. انهي ڪري غير مسلم قومن ۾ بنو اميه لاءِ ڌڪار پيدا ٿيو ۽ وچ ايشيا جي قومن بنو عباسيه وارن جي حمايت ڪئي. جنهنڪري ايراني قومن جي حمايت سان بنو عباسيه، بنو اميه وارن کي شڪست ڏئي اقتدار تي قبضو ڪيو. جڏهن مامون الرشيد بغداد جو خليفو ٿيو، تڏهن عربن، مسلمانن ۽ غير مسلمانن وچ ۾ نفرت گهٽ ٿي. مامون کانپوءِ غير عرب مسلمانن اسلامي سلطنت ۾ پنهنجون پنهنجون رياستون قائم ڪيون، جنهن سبب عربن جي طاقت گهٽ ٿي. سنڌ ۾ عرب، غير مسلمانن کان جزيو وصول ڪندا رهيا، ان ڪري هنن مقامي ماڻهن کي پنهنجي ڌنڌي ۾ ڇوٽ ڏئي ڇڏي هئي. ملڪ جو اندروني واپار غير عربن جي هٿ ۾ هو ۽ ڪن خاص زمينن کانسواءِ ٻيون زمينون پڻ انهن لاءِ ڇڏيون ويون هيون، جيئن اهي پوک ۾ چاهه وٺن ۽ گهڻو اَنُ اُپائين. ديبل جا غير مسلم واپاري اتي ايندڙ جنسون گڏ ڪري رکندا هئا ۽ کوٽ واري وقت ۾ وڏي اگهه تي وڪرو ڪندا هئا. چوريون عام ٿينديون هيون، انهن کي هٿي ڏيڻ ۾ عربن جي مقرر ڪيل ڪامورن جو هٿ هو. عربن پنهنجي پوئين دور ۾ سنڌ جي اقتصادي ترقيءَ لاءِ چڱي ڪوشش ڪئي. پاڻي رسائڻ جو چڱو انتظام ڪيو ويو، جنهن سبب پوک ۾ واڌي ٿي. باغن جو رواج عربن کان اڳي به سنڌ ۾ هو، ان کي وڌيڪ هٿي ڏني وئي. زرعي آبادي وڌائڻ ۽ ڍل وٺڻ لاءِ، زمينون نه آباد ڪندڙن زميندارن ۽ هارين تي ڏنڊ وڌا ويا. سنڌ ۾ ڪمند مان کنڊ ٺاهڻ جو ڌنڌو ان وقت موجود هو، پر عربن کجور مان کنڊ ٺاهڻ جو طريقو ايجاد ڪيو ۽ انهن مان مٺائي ٺاهڻ جو رواج پڻ وڌو. ديبل جي شهر ۾ تلوارون ٺاهيون وينديون هيون، جيڪي گهڻو مشهور هيون. ڪپهه جي پوک سبب ڪپڙي جا آڏاڻا هئا، جتي ڪپڙو ٺاهيو ويندو هو. ديبل بندر تان سنڌ جي ململ، عرب دنيا ڏانهن موڪلي ويندي هئي. چمڙي جا ڪارخانا به هئا، جتي جوتا، پيتيون ۽ بئگون ٺاهيون وينديون هيون، منصوره جا جوتا بغداد ۾ گهڻو پسند ڪيا ويندا هئا. عربن سنڌ ۾ ڪڪڙِن پالڻ جا فارم قائم ڪرايا، جتي ڪڪڙين کانسواءِ مور پڻ پاليا ويندا هئا. ٽامي ۽ پتل جي سامان جون خاص بازارون هيون. عاج مان نهايت نفيس شيون تيار ڪيون وينديون هيون. سنڌ جون مينهون ۽ اٺ عرب ملڪن ڏانهن پڻ موڪليا ويندا ههئا. عربن جو مکيه ڌنڌو واپار هو، پر مقامي واپارين کانسواءِ ترقي ناممڪن هئي. ان ڪري مقامي واپارين کي پڻ سهوليتون ڏنيون ويون، عرب ليکڪن مطابق ديبل جو بندر گهڻو ڪري غير مسلم ماڻهن جي رهائش گاهه هو، جيڪي ملڪ جي اندروني حصن مان مال خريد ڪري گودام ڀري ڇڏيندا هئا. سنڌ ان وقت ٻن واپاري رستن، مڪران جي ڪناري کان فارس ۽ ڪڇ کان سيستان رستي ايران سان ڳنڍيل هئي. عرب دنيا سان ٽيون واپار جو رستو سمنڊ هو، جنهن ذريعي اومان، بصره، يمن ۽ عرب دنيا جا ٻيا بندر ڳنڍيل هئا. اهڙيءَ طرح هندستان جي ٻين بندرن ڀڙوچ، ٿاڻه ۽ کنڀات سان پڻ بندر ڳنڍيل هو. هندستان سان سنڌ جو واپار عروج تي هو. سنڌ جا غوراب سريلنڪا، ڪارو منڊل، ملبار، انڊونيشيا ۽ چين تائين سامان جي ڏي وٺ ڪندا هئا. عرب، اسلام کان گهڻو اڳ هندستان جي سامونڊي ڪناري سيلون (لنڪا) وغيره کان واقف هئا. ديبل ۾ اناج ۽ ٻين واپاري جنسن جي مکيه مارڪيٽ هئي. اتي چين جو مال ۽ هندستان جون خوشبودار شيون آنديون وينديون هيون. عربن جي دور ۾ سنڌ مان ڪٿو، سوٽي ڪپڙو، کنڊ، اناج ۽ ڪڪڙيون ٻاهر موڪليون وينديون هيون. ان کانسواءِ ماکي، لاک، کنئور، بانس جو ڪاٺ ۽ مور ٻاهر موڪليا ويندا هئا. عربن جي دور ۾ سنڌ ۾ مختلف سڪا ڪم آندا ويندا هئا، جن مان ڪي منصوره ۾ ضرب ڪيا ويندا هئا، ٻيا سڪا طاهري يا طاطري هئا، جيڪي واپاري پاڻ سان کڻي ايندا هئا. قاهري سڪا به سنڌ ۾ فاطمين جي اثر سبب رائج ٿيا ۽ سنڌ تي قرمطين جي راڄ قائم ٿيڻ بعد استعمال هيٺ آندا ويا. طاطري ۽ طاهري سڪا عام جام هئا، جيڪي هاڻوڪي آمريڪي ڊالر ۽ انگريزي پائونڊ جو ڪم ڏيندا هئا. ڪن ليکڪن قاهري سڪي بدران قنڌاري سڪو لکيو آهي، جنهن جي قيمت مقامي عربي سڪي جي ڀيٽ ۾ پنجوڻ تي ٻڌائي آهي. عرب دور ۾ سنڌ ۾ زرعي ۽ واپاري ترقيءَ کانسواءِ عربي ادب تمام گهڻي ترقي ڪئي. سنڌ جي عرب گورنرن ۽ ان کانپوءِ منصوره جي آزاد عرب حڪومت جي اميرن عرب شاعرن، عالمن ۽ ليکڪن جي همت افزائي ڪئي ۽ انهن کي سنڌ ۾ گهرايو، جنهن سبب عربي ادب ۾ واڌارو ٿيو. اهو واڌارو سنڌي عالمن جي عرب دنيا ڏانهن وڃڻ ۽ عرب عالمن جي سنڌ ڏانهن اچڻ سبب عمل ۾ آيو. انهن عالمن، ليکڪن، شاعرن ۽ طبيبن پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ ڪافي ڪتاب لکيا. انهن عالمن جي محنت سبب نه رڳو عربي نظم ۾ واڌارو ٿيو، پر نثر، ٻولي ۽ رسم الخط ۾ ترقي ٿي. بنو اميه جو دور عربي ادب جي واڌاري ۽ ترقيءَ جو شروعاتي دور هو. انهيءَ دور ۾ عربي نظم ۽ نثر، توڙي عربي گرامر ۽ صورتخطيءَ ۾ واڌ ٿي. عرب دور ۾ شاعرن، محدثن، عالمن، ليکڪن، فوجين ۽ صنعتڪارن جا پاڻ ۾ لاڳاپا قائم ٿيا ۽ مختلف قومن ۽ ماڻهن جو پاڻ ۾ ميلاپ ٿيو، جنهنڪري ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ واڌ ٿي. سنڌ جي ڪيترن ئي شاعرن، عالمن، اديبن ۽ سائنسدانن عرب دنيا ۾ نالو ڪڍيو. انهن شاعرن ۾ ابو عطا سنڌي، ابو ضلع السنڌي، ڪشاجم ۽ محمد بن محمد بن احمد السنڌي گهڻو مشهور ٿيا. سنڌ جي عربي نثر ۾ مذهبي ادب اهم ڪردار ادا ڪيو، جنهن عربي ادب جي واڌاري ۾ تمام گهڻي مدد ڪئي. قرآن ۽ حديث تي تشريحون لکيون ويون ۽ ڪتاب لکيا ويا، جيڪي مختلف پڙهائيءَ جي درجن لاءِ مقرر ڪيا ويا. انهن عالمن پاران مسجدن ۾ مذهبي تقريرون، بحث مباحثا ڪيا ويا ۽ مختلف ديني ۽ مذهبي مسئلن تي ماڻهن جا رايا قلمبند ڪيا ويا. عربن سڄيءَ سنڌ ۾ علمي مرڪز قائم ڪيا، جن ۾ ديبل، منصوره، قضدار جي علمي مرڪزن عرب دنيا ۾ نالو ڪڍيو. عربي نثر ۾ مذهبي ادب جي حوالي سان بن محمد المنصوري'>احمد بن محمد المنصوري، ابو جعفر المنصوري، محمد ابن ابي شوراب، ابو جعفر ديبلي، احمد بن عبدالله ديبلي، الحسن بن حامد ديبلي، احمد بن محمد ديبلي، بن محمد ديبلي'>خلف بن محمد ديبلي، محمد بن محمد ديبلي، شيخ الاسلام الاوزاعي، ابو معشر السندي، ابو نصرالسندي ۽ ابو محمد السندي اهم سمجهيا وڃن ٿا، جن ڪيترائي ڪتاب لکيا.
عربن جي دور ۾ سنڌ ۾ ڪيترائي شهر آباد هئا، جن ۾ ديبل، راوڙ، برهمڻ آباد، سيوستان، اروڙ، نيرن ڪوٽ، سيوستان، اچ، السڪه، ملتان وغيره شامل هئا. ملتان ان وقت سنڌ جي حڪومت ۾ شامل هو. برهمڻ آباد ۽ راوڙ کان سواءِ ٻيا سڀئي شهر عربن جي دور ۾ آباد رهيا. راوڙ جي شهر ۾ عربن پنهنجي فوجي ڇانوڻي قائم ڪئي ۽ برهمڻ آباد جو شهر تباهه ڪري، اتان جي ماڻهن کي غلام بڻايو. برهمڻ آباد شهر متعلق ڪن محققن جو خيال آهي ته هڪ ڀيرو ٻيهر آباد ٿيو، پر ساڳيو اوج ماڻي نه سگهيو ۽ ويران ٿي ويو. نيرون جو شهر ديبل بندر ۽ سنڌ جي تختگاهه منصوره جي وچ ۾ هو. ياقوت حمويءَ انهيءَ شهر کي ’النيروز‘ لکيو آهي. چچ نامي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ”نيرون هڪ ٽڪر تي اڏيل هو ۽ ان جي ڀر ۾ هڪ وڏو تلاءُ يا ڍنڍ هئي، جيڪا درياهه سان ڳنڍيل هئي ۽ اتي محمد بن قاسم جي بحري ٻيڙي لنگر هنيو هو. عربن جي حملي کان اڳ اتي هڪ ٻڌ شمني (پوڄاري) حڪومت ڪندو هو ۽ ديبل وٽ بديل بن طهفة جي موت کانپوءِ هن عراق جي نگران حجاج بن يوسف سان لکپڙهه جاري رکي هئي. عربن جي حملي وقت نيرون تي ڪا به جلهه ڪانه ڪئي وئي، جو اتي جي ماڻهن عربن جي اچڻ وقت ساڻن صلح ڪيو ۽ ڏن ڏيڻ قبوليو هو.“ الاصطخريءَ جي لکت موجب ”نيرون جو شهر ديبل ۽ منصوره جي وچ ۾ هو، پر ان جو فاصلو ديبل جي مقابلي ۾ منصوره طرف گهٽ هو.“ عربن جي دور ۾ جيڪي تاريخدان نيرون گهمي ويا، انهن شهر کي ڳتيل ۽ ان جي پسگردائيءَ کي آباد ڄاڻايو آهي. عربن جي حملي وقت ديبل جو شهر سنڌ جو سامونڊي بندرگاهه ۽ وڏو شهر هو، جنهن جي چوڌاري مضبوط قلعو اڏيل هو. البلاذريءَ لکيو آهي ته، ”سنڌ تي عربن هٿان پهريون حملو اومان (عمان) مان اتان جي گورنر عثمان بن ابي الماس الثقفيءَ پنهنجي ڀاءُ مغيره کي فوج سان سمنڊ رستي موڪلي ڪرايو. بن ديوائچ'>سمه بن ديوائچ قلعي ۾ موجود فوج وٺي مقابلو ڪيو، جنهن ۾ مغيره مارجي ويو ۽ باقي فوج واپس اومان ڏانهن موٽي وئي. ٻيو حملو بنو اميه جي خليفي وليد پهرئين جي دور ۾ عبدالله بن نبهان السلميءَ جي ڪمان ۾ ٿيو، جنهن ۾ عبدالله بن نبهان قلعي ٻاهران مقابلي ۾ مارجي ويو. ٽيون حملو بديل بن طهفة البجلي ڪيو، جيڪو پڻ ديبل جي فوج هٿان شڪست کائي مارجي ويو.“ چچ نامي جو بيان ٻئي حملي بابت مختلف آهي، جنهن مطابق ”اهو بديل بن طهفة البجلي هو، جنهن ٻيو حملو ڪيو هو ۽ عبدالله بن بجلي سنڌ ۾ ڪونه آيو هو.“ ”عربن جو ٽيون حملو محمد بن قاسم جي هٿ هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ديبل جو شهر تباهه ڪري قلعي تي قبضو ڪيو ۽ اڳ ۾ مليل شڪستن جو بدلو ورتو ويو. عربن جي دور ۾ سڄو عرصو ديبل وڏي شهرت وارو بندر ۽ اهم مرڪز رهيو. سنڌ جو ان وقت اهو ئي واحد سامونڊي بندر هو، پر ان جي بيهڪ سنڌو درياهه کان ڳچ فاصلي تي هئي. ديبل سمنڊ جي ڪناري تي اهڙي هنڌ ٻڌل هو، جو سمنڊ جون لهرون ان جي قلعي جي ڀتين سان ٽڪرائينديون رهنديون هيون. اهو شهر واپار جو وڏو مرڪز هو ۽ ان جي آبادي ڳتيل هئي. پاڻيءَ جا جهاز اولهه توڙي اوڀر جي ملڪن مان مال سان ڀرجي اتي اچي لنگر انداز ٿيندا هئا، ان ڪري واپاري شين جي هرڪا جنس اتي موجود هئي. عرب جاگرافيدانن ڄاڻايو آهي ته، ”ديبل جو شهر سٺي نموني ٺهيل هو ۽ شاهوڪار شهرن ۾ شمار ڪيو ٿي ويو. اهو شهر جابلو علائقي ۾ ٺهيل هو، ان جي پسگردائي غير آباد هئي.“ البلاذريءَ لکيو آهي ته، ”ديبل جي آسپاس اٽڪل هڪ سئو ڳوٺ هئا. عرب ليکڪن مطابق ديبل واپارين ۽ سوداگرن جو مرڪز هو، جيڪي گهڻو ڪري غير مسلم هئا. چچ نامي ۾ آهي ته، ”ديبل جو مندر 40 وال اڀو هو ۽ ان جي مٿان ٺهيل قبو پڻ 40 وال اڀو هو.“ اروڙ جو شهر سنڌ جي ٻڌ حڪمرانن جو صدين تائين گاديءَ وارو هنڌ رهيو هو. ان جي بيهڪ هاڻوڪي روهڙي شهر کان پنجن ميلن تي ٿيندي. چچ نامي جو بيان آهي ته ”اروڙ جو شهر هڪ نهايت ئي خوبصورت جاءِ تي ٺهيل هو ۽ ان ۾ عاليشان جايون، مندر، باغ ۽ نهرون هيون. انهي جي چوڌاري ٻيڻي ديوار ڏنل هئي ۽ منجهس سير ۽ تفريح جو خاصو انتظام ٿيل هو. عربن جي حملي وقت انهيءَ شهر جو حاڪم راجا ڏاهر جو پٽ گوپي هو، جنهن کي شهرين جي غداريءَ سبب فوج سميت قلعو خالي ڪرڻو پيو. جڏهن ته برهمڻ آباد شهر کي اڃا تائين ڪنهن به کنڊر سان پڪي مشابهت نه ڏني وئي آهي. ڪن ليکڪن ان کي دلور جي ڀڙي سان ته ڪن وري ڏيپر گهانگهري جي کنڊرن سان ڳنڍيو آهي، جيڪي ٻئي تعلقي سنجهوري ۾ آهن. سيوستان يا سيوهڻ ملتان، وانگر سنڌ جو نهايت قديم شهر آهي. سيوستان کي سنديمانه سان تشبيهه ڏني وئي آهي، جنهن جو راجا، سڪندراعظم سان جنگ ڪرڻ بدران جبل ۾ لِڪي ويو هو. اهو شهر راجا سامس جي گاديءَ جو هنڌ هو. عربن جي سنڌ تي حملي ڪرڻ وقت سيوستان قديم سنڌ جي هندو حڪومت جي هڪ صوبي جو تختگاهه هو ۽ نهايت ئي شاهوڪار ۽ ڳتيل شهر هو. ان وقت اتي گورنر ٻڌ مذهب جو هڪ شمني (پوڄاري) هو، جنهن پنهنجي راجا خلاف حجاج بن يوسف سان سازباز ڪئي هئي، ان ڪري محمد بن قاسم هڪ معمولي فوج موڪلي شهر تي قبضو ڪيو. چچ نامي ۾ آهي ته ”سيوستان جو گورنر چندرام هو، جنهن سان ٻڌ شمني ٺڳي ڪري قلعو عربن جي حوالي ڪيو.“ عربن جي دور ۾ سيوستان کي خاص اهميت مليل هئي. عربن جي حملي کان اڳ وارن آباد شهرن کانسواءِ عربن قبضي بعد ڪجهه شهر ٻڌرايا، جن ۾ هڪ بانيه پڻ هو. محققن جي راءِ مطابق بانيه شهر سنڌ جي عرب حاڪمن جي رهائشگاهه هو، جيڪو منصوره جي ڀر ۾ ٻَڌل هو، جڏهن ته ڪن محققن مطابق اهو شهر بن عبدالعزيز'>عمر بن عبدالعزيز هباريءَ پنهنجي گورنريءَ جي دور ۾ ٻَڌرايو هو. ڪلري شهر لاءِ عرب ليکڪن جي لکت ملي ٿي، جنهن مطابق اهو نهايت ئي آباد، سرسبز ۽ سنڌ جي شاهوڪار حصي ۾ ٺهيل هو. سنڌ جي محققن انهيءَ شهر کي سڪرنڊ جي اوڀر ۾ هڪ ننڍڙي ڳوٺ سان تشبيهه ڏني آهي. اهو شهر سهڻو ۽ ڪاروهنوار وارو شهر هو، جيڪو درياهه جي اڀرندي ڪناري تي ٻَڌل هو. ملتان ۽ منصوره جي وچ ۾ اهو هڪ اهم شهر هو، جتان واپاري قافلن کي مال مهيا ٿيندو هو. عرب ليکڪن منصوره ۽ ڪلريءَ جي وچ ۾ هڪ ڏينهن جو فاصلو ڄاڻايو آهي. بلري شهر ڪلريءَ جي اتر ۾ مهراڻ درياهه جي کٻي ڪپ تي ٺهيل هو، پر انهيءَ شهر کي اڃا تائين ڪنهن ماڳ سان تشبيهه ناهي ڏني وئي. عرب ليکڪن موجب ”بلري جو شهر سنڌ جي تختگاهه منصوره کان ٽن ڏينهن جي پنڌ تي هو.“ منجابري يا منجيرا نگري شهر کي ڪن ليکڪن ’منحاتري‘ پڻ لکيو آهي. الادريسي لکيو آهي ته ”منجابري جو شهر سنڌ جي بندرگاهه ديبل ۽ پنجگور جي وچ ۾ هو ۽ ديبل کان ٻن ڏينهن جي پنڌ تي هو.“ منجابري متعلق مليل اڪثر بيانن مان اندازو ٿئي ٿو ته اهو شهر نيرون جي سامهون درياهه جي ٻئي ڪپ تي ٺهيل هو. ان کانسواءِ هڪ شهر انري جو ذڪر ملي ٿو، جنهن متعلق عرب جاگرافيدانن جو خيال آهي ته اهو شهر بلري ۽ ڪلريءَ جي وچ ۾ هو ۽ ان جو فاصلو ٻنهي شهرن کان هڪ جيترو هو. عربن جي دور ۾ منصوره سنڌ جو اهم شهر هو، جيڪو عربن جو سنڌ ۾ گاديءَ جو هنڌ هو. جاگرافيدان المسعودي ڄاڻايو آهي ته ”منصوره شهر جو بنياد منصوره بن جمهور الڪلبيءَ جو رکيل آهي.“ ذڪريا قزوينيءَ جو بيان ان جي بلڪل ابتڙ آهي، جنهن لکيو آهي ته ”منصوره جو شهر عباسي خليفي ابو جعفر منصور جو ٻڌايل هو ۽ ان کي ’منصوريه ثاني‘ جو نالو ڏنو هو.“ زڪريا قزوينيءَ جي بيان جي ابن الوردي القرشيءَ پڻ تائيد ڪئي آهي. البلاذريءَ جو بيان آهي ته ”منصوره جو باني بن محمد بن قاسم'>عمرو بن محمد بن قاسم هو ۽ اهو شهر بنو اميه دور جي سنڌ جي گورنر حڪم بن عوانه الڪلبيءَ جي گـورنـريءَ ۾ ٺهـرايو ويو.“ هو وڌيـڪ لکـي ٿو ته ”بنو اميـه جي خـليفـي هشام بن عبدالملڪ جي دور ۾ تميم بن زيد العتبيءَ کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو، جنهن جي ڪمزوريءَ جو فائدو وٺندي سنڌ جي ماڻهن ملڪ جو ڳچ حصو واپس فتح ڪري ورتو، جنهن سبب مرڪزي حڪومت حڪم بن عوانه الڪلبيءَ کي سنڌ جو گورنر بنائي موڪليو ۽ هن سنڌ ۾ رهندڙ عرب قبيلن کي هڪ هنڌ گڏ ڪري شهر ٻڌي، قلعو اڏايو ۽ شهر جو نالو ’محفوظ‘ رکيو. اهو شهر عربن جي پناهه جي جاءِ هجڻ سان گڏ سندن مرڪز بڻيو، جتان مقامي باغين تي حملا پڻ ڪيا ويندا هئا. حڪم بن عوانه جي مکيه صلاحڪارن ۾ بن محمد بن قاسم'>عمرو بن محمد بن قاسم به هو، جنهن وڏي مهم سر ڪري گهڻا علائقا پنهنجي قبضي ۾ ڪيا ۽ پنهنجي سوڀ جي خوشيءَ ۾ درياهه جي ٻئي پاسي منصوره جو شهر ٻڌايو.“ ان ڪري اڪثر ليکڪن جي راءِ مان پتو پوي ٿو ته هي شهر محفوظه جي ڀر ۾ درياهه جي ٻئي پاسي هو ۽ بن محمد بن قاسم'>عمرو بن محمد بن قاسم ٻڌايو هو. منصوره جي بيهڪ بابت مختلف قياس آرايون ڪيون ويون آهن، پر محققن جي اڪثريت انهيءَ راءِ تي آهي ته اهو شهر يا ته برهمڻ آباد واري جاءِ تي ٺهيل هو يا ان جي بلڪل ويجهو هو. البلاذريءَ لکيو آهي ته ”منصوره جو شهر انهيءَ ڍنڍ يا ڍوري جي اولهندي ڪناري تي ٺهيل هو، جنهن جي اڀرندي ڪناري تي محفوظه جو شهر هو. اهو ڍورو هند ۽ سنڌ جي وچ ۾ سرحد تصور ڪيو ٿي ويو. اهو شهر برهمڻ آباد کان ڇهن ميلن جي مفاصلي تي ٺهرايو ويو هو.“ ياقوت الحموي، حمزه اصفهانيءَ جي لکت جي حوالي سان لکيو آهي ته ”منصوره در حقيقت برهمڻ آباد جو ٻيو نالو هو. ان جي بيهڪ 93 ڊگريون اتر اوڀر ۽ 22 ڊگريون ڏکڻ اوڀر تي هئي ۽ درياهه (مهراڻ) جي هڪ شاخ ان کي ڦيرو ڏئي، ان کي ٻيٽ مثل بنائي ڇڏيو هو.“ ابو اسحاق الاصطخريءَ ڄاڻايو آهي ته، ”منصوره جو سنڌيءَ ۾ نالو برهمڻ آباد آهي. اهو شهر هڪ ميل ڊگهو ۽ هڪ ميل ويڪرو آهي ۽ ان جي چوڌاري مهراڻ نديءَ جو وهڪرو آهي.“ ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ لکيو آهي ته ”محققن جي انهن بيانن مان ثابت ٿئي ٿو ته منصوره ۽ برهمڻ آباد ٻئي شهر هڪ ئي موقعي تي ٻَڌل هئا، يا ٻئي هڪٻئي کي ايترو ويجهو هئا، جو کين ساڳئي نالي سان سڏيو ٿي ويو.“ جاگرافيدان الادريسيءَ ڄاڻايو آهي ته ”منصوره واپار جو مرڪز هو، اتي غير ملڪي ۽ ملڪي جنسن جو وڏو واپار ٿيندو هو.“
ايم. ايڇ. پنهور هن دور بابت مجموعي راءِ ڏيندي لکي ٿو ته
بنو اميه جا نوَ گورنر (712-751)، ۽ بنو عباس جا چوٽيهه گونر (751-854ع)، سنڌ جي واهن، آبپاشي نظام ۽ واهن ۾ ايندڙ واري يا مٽيءَ جهڙن مامرن کان اڻ واقف هئا. انهن کي مقرر ٽيڪس اوڳاڙيءَ لاءِ موڪليو ويندو هو. ٽيڪس جي مقرري دمشق بغداد جي مرڪزي دفتر خزانه مان ٿيندي هئي. ان ڪري مقامي سطح تي بغاوتون ٿينديون هيون. ان ڪري گورنرن مان ڳچ تعداد ۾ مارجي ويا. ڪي ڊسمس ٿيا. ڪن کي ته باغين نظربند به ڪيو. چند گورنر اهڙا هئا، جي عزت آبرو سان موٽي ويا. سراسري طرح اهي ساڍا ٽي سال گورنري ماڻي سگهيا. ان ڪري نه ته اهي نهري نظام کي سمجهي سگهيا، نه وري خود سنڌ کي. البت هبارين جو 157 سالا دور ساراهه جوڳو آهي. انهن نه رڳو سنڌ جي انتظام کي ضابطي ۾ آندو، پر هر بگڙيل شيءِ کي سڌاريو. ان ڪري ماڻهو هباري حاڪمن مان خوش هئا. (ايم. ايڇ. پنهور، سنڌ جو پوليس نظام (انگريز)، ص: 5-8، گراس روٽس، 2004-2005ع)
وڌيڪ ڏسو : سنڌ ۾ سومرن جو دور