سنڌ ۾ لغت نويسيءَ جي ارتقا

سنڌ ۾ لغت نويسيءَ جي ارتقا :
سنڌ ۾ لغت سازيءَ جا پيرا کڻجن ٿا ته اُن جا آثار اسان کي سترهين صديءَ جي ابتدا ۾ ملن ٿا. ان ڏس ۾ سنڌ جي تاريخي اهميت واري شهر ٺٽي جي هڪ وڏي عالم، ڪاتب ۽ لغت نويس مُلا عبدالرشيد الحسني المدني التتويءَ (وفات 1680-1681ع) جون عربي ۽ فارسيءَ ۾ لکيل ٻه لغتون اهم آهن، جن مان هڪ عربي- فارسي لغت ‘منتخب اللغات شاهجهاني’ يا ‘راشدي عربي’ سڏي وئي آهي، جيڪا 1636-1640ع ۾ لکي وئي ۽ مغل شهنشاهه شاهجهان کي منسوب ڪئي وئي هئي. هن لغت جا اڳتي هلي 1808ع، 1816ع ۽ 1836ع وارن سالن ۾ مولوي الله داد جي تصحيح ۽ ايم- لوسرن جي مقدمي سان ڪلڪتي مان مختلف ڇاپا شايع ٿيا. هيءَ لغت 1835ع ۽ 1869ع ۾ لکنؤ مان ۽ 1862ع ۾ بمبئيءَ مان پڻ شايع ڪئي وئي. ملا عبدالرشيد جي ٻي لغت، فارسي-عربيءَ ۾ ‘فرهنگ راشدي’ يا ‘راشدي فارسي’ جي نالي سان عام طرح مقـبـول آهي، جيڪا هن 1653ع ۾ مڪمل ڪـري، ان جو انـتـسـاب به مغل بادشاهه شاهجهان کي ڪيو هو. هيءَ لغت، فرهنگ جهانگيري، فرهنگ سروري ۽ مجمع الفارس جي سوڌيل، سنواريل ۽ وڌايل صورت چئي وڃي ٿي. هن لغت کي بعد ۾ مولوي ذوالفقار عليءَ نظر مان ڪڍيو ۽ ‘اسپلٿ’ جي مقدمي سان 1870-1875ع ۾ ٻن جلدن ۾ شايع ڪئي وئي. هن لغت جا قلمي نسخا، سنڌ يونيورسٽيءَ ۽ پنجاب يونيورسٽيءَ جي لائبريرين ۾ موجود آهن.
مغل- ڪلهوڙا دؤرکان پوءِ ٽالپر دؤر (1843-1783ع) ۾ ‘سنڌي- فارسي’ ۽ ‘فارسي- سنڌي’ لغتون قلمي مسودن جي صورت ۾ ملن ٿيون ۽ اُهي سرڪاري عملدارن ۽ ڪورٽن جي لکپڙهه لاءِ گرمکي يا ديوناگريءَ ۽ فارسي لپين ۾ لکيون ويون هيون. سال 1836ع ۾ ڊبليو. ايڇ. واٿن (W.H.Wathen) ۽ 1843ع ۾ جارج اسٽئڪ (George Stack) سنڌي لفظن جون ٻه مختصر نام-مالهائون/فهرستون (Vocabularies) لکيون، جيڪي ‘جرنل آف ايشياٽڪ سوسائٽي آف بنگال، ڪلڪتي’ ۾ شايع ٿيون. اهڙيءَ طرح آر. ليچ (R. Leech) هند سرڪار جي آفيسن ۾ استعمال لاءِ هندستان جي ستن مکيه زبانن جي لفظن جي هڪ نام مالها/ فهرست (Vocabulary) تيار ڪئي، جنهن ۾ سنڌي زبان جا لفظ به شامل هئا. هيءَ فهرست 1838ع ۾ بمبئيءَ مان شايع ٿي. ائين محسوس ٿئي ٿو ته انگريز دؤر ۾ ئي صحيح لغت نويسيءَ جي ابتدا ٿي آهي. هن دؤر ۾ سڀ کان اڳ هڪ اهڙي لغت ملي ٿي، جيڪا آخوند عـبدالرحـيـم ‘وفـا’ عبـاسيءَ ‘جواهر لغات سنڌي اڪيچار’ نالي سان تربيت ڏني هئي، جنهن ۾ سنڌي لفظ ۽ انهن جون فارسيءَ ۾ معنائون ڏنيون ويون هيون. سنڌي ٻوليءَ جي نامور اسڪالر، محقق ۽ لغت نويس، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو رايو آهي ته “هيءَ لغت لازمي طور انگريز دؤر ۾ تيار ڪرايل ‘سنڌي- انگريزي’ ۽ ‘انگريزي- سنڌي’ لغتن کان اڳ ۾ تيار ڪئي وئي هوندي.” [هيءَ لغت سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ڇپائي پڌري ڪئي آهي.]
انگريز دؤر ۾ ملازمن، شاگردن، استادن توڙي پرڏيهي آفيسرن کي سنڌي سکڻ جي سهولت مهيا ڪري ڏيڻ لاءِ ‘سنڌي- انگريزي’ ۽ ‘انگريزي- سنڌي’ لغتن جي ضرورت محسوس ٿي. ان ڏس ۾ سڀ کان اڳ اُن وقت جي حيدرآباد جي ڊپٽي ڪليڪٽر، ڪئپٽن جارج اسٽئڪ، 1848ع ۾ ‘انگريزي- سنڌي’ لغت لکي، جيڪا 1849ع ۾ بمبئيءَ مان شايع ٿي. هن جي تيار ڪيل ‘سنڌي- انگريزي’ لغت، سر بئرو ايلس ايڊٽ ڪري ڇپرائي هئي. هي ٻيئي لغتون ديوناگري لپيءَ ۾ ڇپيون هيون. ڪئپٽن جارج اسٽئڪ جي انهن ٻنهي لغتن کانپوءِ اهميت واري لغت، انگريز پادريءَ ۽ عالم جي.شرٽ ۽ ٻن سنڌي عالمن اڌارام ٿانورداس ميرچنداڻيءَ ۽ مرزا صادق عليءَ جي تيار ڪيل ‘سنڌي- انگريزي لغت’ آهي، جيڪا 1879ع ۾ ڪراچي ايجوڪيشنل ڊپارٽمينٽ ڇپائي پڌري ڪئي هئي ۽ اُها عربي- سنڌي لپيءَ ۾ هئي. ان کانسواءِ لڪشمڻ وشنو پرانچ ڀائيءَ 1868ع ۾ ‘سنڌي- انگريزي لغت’ لکي ۽ ديوان ڪوڙيمل چندن مل کلناڻيءَ 1904ع ۾ ‘انگريزي- سنڌي لغت’ لکي، جيڪي ٻيئي لغتون پڻ عربي- سنڌي لپيءَ ۾ هيون.
19 صديءَ جي شروعات ۾ پرمانند ميوارام رامچنداڻيءَ جون ٻه لغتون ‘سنڌي- انگريزي لغت’ (1910ع ۾) ۽ ‘انگريزي- سنڌي لغت’
(1933ع ۾) شايع ٿيون، جيڪي سنڌي لغت نويسيءَ جي ميدان ۾ تمام وڏي اهميت رکن ٿيون. هن جي سنڌي- انگريزي لغت ۾ پنجويهن هزارن جي لڳ ڀڳ سنڌي لفظن جون معنائون انگريزيءَ ۾ ڏنيون ويون آهن. هنن ٻنهي لغتن جي اهميت ۽ افاديت کي محسوس ڪندي، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشوري ۽ ساهتيه اڪيڊمي دهليءَ ان جا نوان ڇاپا شايع ڪرايا آهن. ان کانپوءِ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي تائين ڪيتريون ئي ننڍيون وڏيون سنڌي- انگريزي ۽ انگريزي- سنڌي لغتون تيار ٿينديون رهيون، جن ۾ بولچند ڊوليمل (1909ع)، خانچند نانواڻيءَ (1915ع)، جي. بي. آڏواڻيءَ (1917ع)، سڄڻ سنگهه فتح سنگهه (1922ع)، نانڪرام ڌرمداس ميرچنداڻيءَ (1928ع) موهن لال جوتسنگهه شاهاڻيءَ (1937ع)، آنندرام. ٽي. شاهاڻيءَ (1942ع) ۽ ڊبليو. اي. شاهاڻيءَ (1942ع) جون ڊڪشنريون اهميت جوڳيون آهن. انهن مان وري آنندرام ٽي. شهاڻيءَ جي ‘سنڌي- انگريزي لغت’ اڄ تائين وري وري سنڌ ۽ هند ۾ ڪيترائي ڀيرا ڇپجندي پئي رهي آهي.
پاڪستان جي قيام کانپوءِ سنڌ ۽ هند ۾ سنڌي- انگريزي، انگريزي- سنڌي، هندي- انگريزي- سنڌي لغتون به ڇپيون آهن، جن ۾ ايم. ايڇ. رامچنداڻيءَ ۽ اي. ڊي. لالواڻيءَ (1952ع)، ميمڻ عبدالحسين (1957-1959ع)، واسواڻيءَ ۽ پرڀداس (1963ع)، ثناءُالله شيخ (1967ع)، سيد علي ڏني شاهه (1988ع) ۽ ٻين جون لغتون اچي وڃن ٿيون.
انگريزي- سنڌي لغتن کانسواءِ اردو- سنڌي ۽ سنڌي- اردو لغتن جي سلسلي ۾ ابن الياس سومري(1950-1951ع) ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ڊاڪٽر غلام مصطفى خان (1959-1960ع) جون لغتون اهم آهن. عربي- سنڌي لغتن ۾ وري حاجي محمود خادم (1975ع) ۽ غلام حسين جلباڻيءَ (1988-1989ع) جي ڇاپي لغتن کانسواءِ ڪيترين عربي- سنڌي ۽ فارسي- سنڌي قلمي لغتن جا نشان پڻ ملن ٿا. علم طب جي سنڌي لـغتـن ۾ حڪـيـم پرڀـداس (1935ع)، حـڪيـم مـحمـد جـعـفـر انصاريءَ (1946ع) ۽ حڪيم نياز همايونيءَ (1960ع) جون تيار ڪيل، سوڌيل ۽ سنواريل لغتون اهميت جوڳيون آهن. جيستائين نج سنڌي- سنڌي لغتن جو سوال آهي ته ان ڏس ۾ سنڌ جي عظيم اسڪالر ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي نگرانيءَ ۽ تصحيح سان تيار ٿيل ‘جامع سنڌي لغات’ ابتدائي جلدَ ۽ پوءِ علامه قاسميءَ جي نگرانيءَ ۾ تيار ٿيل جلدَ اهم آهن، جن کي بعد ۾ ڊاڪٽر بلوچ وري سوڌي سنواري ڇپايو. اها انتهائي اهم لغت آهي، جنهن جي اهميت سڀ کان اول 1940ع ۾ جي ايم سيد محسوس ڪئي هئي، جيڪو ان وقت سنڌ جو وزير تعليم هو ۽ جنهن ‘سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ’ قائم ڪرايو هو. اُن بورڊ، عالمن جي هڪ ڪاميٽي مقرر ڪئي، جنهن ڪيترن سالن جي عرصي کانپوءِ صرف پهرين چئن اکرن (الف، ب، ٻ، ڀ) تي ڪم ڪيو. 1951ع ۾ جڏهن ان بورڊ جي نئين سر تشڪيل ‘سنڌي ادبي بورڊ’ جي نالي سان ڪئي وئي، تڏهن ان وقت بورڊ جي نائب صدر جي ايم سيد جي خصوصي ذاتي دلچسپيءَ سان ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي نگرانيءَ ۾ سنڌي لغت جو ڪم ٻيهر شروع ٿيو، جنهن صاحب پنهنجن ڪيترن مددگارن ۽ تعلقي وار ڪارڪنن جي سهڪار سان ورهين جا ورهيه جاکوڙ ڪري، هن عظيم منصوبي کي تڪميل تي پڄايو. هن وقت سنڌي زبان جي ان کان وڌيڪ ڪابه مستند جامع لغت موجود نه آهي. ان کان سواءِ هن وقت تائين ڇپيل لغتن ۾ جي. شرٽ جي ‘اکر ڌاتو’ (1866ع)، جهمٽ مل نارو مل وسڻائيءَ جي ‘وئتپتي ڪوش’ (1886ع)، ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ جي ‘غريب اللغات’ (شاهه جي سرن تي آڌارت: 1907ع)، مرزا قليچ بيگ جون تيار ڪيل لغتون: ‘لغات لطيفي’ (1914ع) ۽ ‘لغات قديمي’ (1924ع)، عبدالڪريم سنديلي جون تيار ڪيل لغتون ‘تحقيق لغات سنڌي’ (1963ع) ۽ ‘سچل لغت’ (1984ع)، نجف علي شاهه ڪمتر نقويءَ جي [شاهه جي رسالي جي ڪنجي: اکر ‘الف’ تي مشتمل] ‘ٻاروچي ٻولي’ (1984ع) ۽ ڊاڪٽر غلام قادر سومري جي ‘ٻِٽن لفظن جي لغت’ (1996ع)، ‘سنڌي ڪلاسيڪي شاعرن جي لغت’ (2006ع) ڊاڪٽر فهميده حسين جي سهيڙيل اهم لغتون آهن.
ان کان سواءِ سنڌي اصطلاحن ۽ پهاڪن جون ويهارو کن اهم لغتون پڻ هن وقت تائين ڇپجي چڪيون آهن. بهرحال سنڌي زبان ۾ لغت سازيءَ جو پهريون ۽ وڏو ڪارنامو ’جامع سنڌي لغات‘ آهي، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ پنجن جلدن ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، انهن جلدن ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب سان گڏ علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ ۽ ٻين ڪيترن عالمن، اديبن ۽ استادن جون خدمتون شامل آهن. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جڏهن سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جو چيئرمئن (1991-1994ع) رهيو ته هن سنڌي لغت بابت وڌيڪ تحقيق ۽ تاليف جو ڪم شروع ڪرايو، جنهن ۾ پهريون منصوبو ‘هڪ جلدي سنڌي لغت’ جي تڪميل هئي، جيڪا ڊاڪٽر بلوچ صاحب جون 1997ع ۾ مڪمل ڪري، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ کي ڇپائيءَ لاءِ ڏني ۽ اٿارٽيءَ 1998ع ۾ شاندار گيٽ اپ سان ڇپائي پڌري ڪئي. ان کانپوءِ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ 5 جلدن واري لغت کي [ڪجهه گهٽايل] ٽن جلدن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڇپرايو. ان کان سواءِ سنڌ ۽ هند جي هاڪاري عالم ۽ اديب، گنگارام سمراٽ جي چونڊ لفظن تي مشتمل لغت ‘اسان کي متان وساريو’ جي عنوان سان مئي 1999ع ۾ ڇپائي پڌري ڪئي.
سنڌي زبان ۾ هن وقت تائين ڇپيل مختلف لغتن جا تفصيل هيٺ ڏجن ٿا:
سنڌي- انگريزي ۽ انگريزي- سنڌي لغتون:
(1) ‘سنڌي زبان جي ووڪيبلري’، ڊبليو. ايڇ. واٿن: 1836ع
(2) ‘سنڌي زبان جي ووڪيبلري’، ڪئپٽن جارج اسٽئڪ:1843ع
(3) ‘انگريزي- سنڌي ڊڪشنري’، ڪئپٽن جارج اسٽئڪ، 1849ع
(4) ‘سنڌي- انگريزي ڊڪشنري’، ڪئپٽن جارج اسٽئڪ: 1800ع
(5) ‘انگريزي- سنڌي ڊڪشنري’، لڪشمڻ وشنو پرانچ پائي، 1868ع
(6) ‘سنڌي- انگريزي ڊڪشنري’، جي. شرٽ اُڌارام ۽ مرزا صادق علي: 1879ع
(7) ‘انگريزي- سنڌي لغت’، ڪوڙو مل چندن مل کلناڻي: 1904ع
(8) ‘انگريزي- سنڌي ڊڪشنري’، بولچند ڊولو مل، 1901-1909ع
(9) ‘پريميئر ڪنسائيز انگريزي- سنڌي ڊڪشنري’، جي. بي.آڏواڻي، 1910ع
(10) ‘سنڌي- انگريزي لغت’، پرمانند ميوارام: 1910ع
(11) ‘انگريزي- سنڌي ڊڪشنري’، خانچند نانواڻي: 1915ع
(12) ‘انگريزي- سنڌي لغت’، سڄڻ سنگهه فتح سنگهه: 1922ع
(13) ‘نامنڪليچر آف سنڌ ڪراپس’، ڄيٺمل ڪوڙومل آڏواڻي: 1925ع
(14) ‘اسٽئنڊرڊ انگريزي- سنڌي ڊڪشنري’، نانڪرام ڌرمداس ميرچنداڻي: 1928ع
(15) ‘انگريزي- سنڌي ڊڪشنري’ (پاڪيٽ سائيز)، خانچند نانواڻي: 1928ع
(16) ‘انگريزي- سنڌي لغت’، پرمانند ميوارام، 1933ع
(هن لغت جا نوان ڇاپا ساهتيه اڪيڊميءَ ۽ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشوري ڇپايا آهن)
(17) ‘انگريزي- سنڌي لغت’، آنند ٽي. شاهاڻي، 1942ع
(سنڌ ۽ هند ۾ هن لغت جا اڄ تائين ڪيترائي ڇاپا ڇپجندا پئي رهيا آهن)
(18) دي پاڪيٽ سائيز انگريزي- سنڌي ڊڪشنري، ڊبليو. اي. شاهاڻي، 1942ع
(هن لغت جو ٻيو ڇاپو 1952ع ۾ ۽ ٽيون 1957ع ۾ به نڪتو هو)
(19) ‘ويهين صديءَ جي انگريزي- سنڌي ڊڪشنري’، ايم. ايڇ. رامچنداڻي ۽ اي. ڊي. لالواڻي: 1952ع
(20) ‘پاڪ نيشنل سنڌي- انگريزي لغت’، ميمڻ عبدالحسين، 1957ع
(هيءَ لغت سنواري سُڌاري، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران پاڪيٽ سائيز ۾ ٻيهر ڇپائي وئي آهي، جنهن جا ٻه ڇاپا پڌرا ٿي چڪا آهن)
(21) ‘پاڪ نيشنل سنڌي- انگريزي لغت’، غلام رسول شاهه، 1957ع
(22) ‘پاڪ ٽرپليٽ’ (انگريزي، سنڌي، اردو)، ميمڻ عبدالحسين، 1959ع
(23) ‘هندي، انگريزي- سنڌي ڊڪشنري’ (انڊيا)، ديپچند، 1962ع
(24) ‘هندي- انگريزي ۽ سنڌي ڊڪشنري’ (اجمير)، واسواڻي ۽ پرڀداس، 1963ع
(25) ‘مهراڻ انگريزي- سنڌي ڊڪشنري’، ثناءُالله شيخ، 1967ع
(26) ‘سنڌي- انگريزي لغت’، محمد منير چنا، 1967ع
(27) ‘جامع سنڌي- انگريزي لغت’، ايم.ايل. خوبچنداڻي، 1968ع
(هيءَ لغت، دکن ڪاليج جي سنڌي لغت پروجيڪٽ هيٺ ڇپايل آهي)
(28) ‘انگريزي- سنڌي لغت’، غلام اصغر ونڊير، 1972ع
(29) ‘انگريزي- سنڌي ڊڪشنري’ (آفيس جي لکپڙهه لاءِ)، سيد غلام مصطفى شاهه ۽ غلام اصغر ونڊير، 1972ع
(30) ‘همدرد انگريزي ٽو سنڌي ڊڪشنري’، امان الله ايم. عباسي، 1977ع
(31) ’نيو سنڌي ٽو سنڌي ائنڊ انگلش ڊڪشنري‘، امان الله عباسي، 1978ع
(32) Yadgar Dictionary (Eng to Eng to Sindhi)، اَي. ڊي. شاهه ۽ بشير احمد منگي، 1980ع
(33) ‘جديد سائنٽيفڪ ڊڪشنري’، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو، 1987ع
(34) ‘يادگار ڊڪشنري- انگريزي ٽو انگريزي ۽ انگريزي ٽو سنڌي’، سيد علي ڏنو شاهه، 1988ع
(35)Dictionary of Scientific & Technology Terms (انگريزي- سنڌي)، ايم. اي. قاضي، 1994ع
(36) ‘سنڌي- هندي- انگريزي تصويري ڊڪشنري’،ڊاڪٽر ڪنيالال ليکواڻي، 1998ع
(37) The New Scientific Dictionary (Eng to Sindhi)، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو، 2003ع
(38) Sindhica Dictionary (Eng to Sindhi)، 2003ع
(39) ‘سنڌي انگريزي لغت’ (3 جلد)، رشيد احمد ميمڻ، 2003ع
(40) ‘سوشيالاجيءَ جي لغت’ (انگريزي- سنڌي)، ڊاڪٽر تنوير جوڻيجو، 2004ع
(41) ‘انگريزي- سنڌي ڊڪشنري’، عبدالرشيد ميمڻ، 2006ع
(42) ‘آڪسفورڊ باتصوير ڊڪشنري’ (انگلش- سنڌي)، اِي. سِي. پرن وَيل (ترجمو: جاويد ڀٽو)، 2007ع
(43) ‘هڪ جلدي سنڌيڪا لغت’، عبدالستار بلوچ، 2006ع
(44) ‘قانون جي لغت’ (انگريزي- سنڌي)، خليل الرحمان، 2006ع
(45) ‘پرنٽ ٽيڪنالاجيءَ جي لغت’ (انگريزي-سنڌي)، محمد امين لغاري، 2007ع
(46) ‘هيماٽالاجيءَ جي لغت’ (انگريزي- سنڌي)، پروفيسر رشيده ڀٽي، 2010ع
(47) ‘تعميرات جي لغت’ (انگريزي- سنڌي لغت)، سيد حاڪم علي شاهه ۽ محمد عثمان ميمڻ، 2010ع
(48) ‘بئنڪاريءَ جي لغت’ (انگريزي- سنڌي)، سيد حاڪم علي شاهه ۽ محمد عثمان ميمڻ، 2011ع
(49) ‘بين الاقوامي تعلقات جي لغت’ (انگريزي-سنڌي)، انعام شيخ، 2012ع
(50) Oxford English to Sindhi Dictionary، 2012ع
(51) ‘جاگرافيءَ جي لغت’ (انگريزي- سنڌي)، رضوان گل، 2012ع
(52) ‘موسمي تبديلي ۽ ماحوليات جي ڊڪشنري’ (انگريزي- سنڌي)، ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجو، 2014ع
(53) ‘ميڊيڪل ڊڪشنري’ (انگريزي- سنڌي)، ڊاڪٽر عاشق حسين بدوي، 2015ع
(54) ‘ميڊيڪل ڊڪشنري’ (سنڌي- انگريزي)، ڊاڪٽر عاشق حسين بدوي، 2015ع
سنڌي لغتون
(1) ‘اکر ڌاتو’، پادري جي. شرٽ: 1866ع
(2) ‘ونتپتي ڪوش’، جهمٽمل نارومل وسڻاڻي، 1886ع
(3) ‘غريب اللغات’ (شاهه جي ٽن سُرن: ڪلياڻ، يمن ڪلياڻ ۽ کنڀات جي معنيٰ تي مشتمل لغت)، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، 1907ع
(4) ‘لغات لطيفي’، مرزا قليچ بيگ، 1914ع
(5) ‘لغات قديمي’، مرزا قليچ بيگ، 1924ع
(6) ‘شرح لطيفي’ (سُر ڪلياڻ)، ڊاڪٽر گربخشاڻي، 1925ع
(7) ‘تحقيق لغات سنڌي’، عبدالڪريم سنديلو، 1936ع
(8) ‘جامع سنڌي لغات’ (جلد-1)، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، 1960ع
(9) ‘سنڌي علمي لفظن جو ذخيرو’، شاهجهان قريشي، 1965ع
(10) ‘سنڌي زبان جي بنيادي لغت’، پير حسام الدين راشدي، غلام مصطفى قاسمي، محمد ابراهيم جويو ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا: 1973ع
(11) ‘لاڙ جي لغت’، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو: 1975ع
(12) ‘ڌاتو ڪوش'>سامي ڌاتو ڪوش’، عبدالڪريم سنديلو: 1978ع
(13) ‘جامع سنڌي لغات’ (جلد-2)، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، 1981ع
(14) ‘جامع سنڌي لغات’ (جلد-3)، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، 1984ع
(15) ‘سچل لغت’، عبدالڪريم سنديلو: 1984ع
(16) ‘ٻاورچي ٻولي’ (شاهه جي رسالي جي ڪليد: الف اکر)، نجف علي شاهه ڪمتر نقوي: 1984ع
(17) ‘جامع سنڌي لغات’ (جلد-4)، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، 1985ع
(18) ‘جامع سنڌي لغات’ (جلد-5)، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، 1988ع
(19) ‘لغات سنڌي مخففات’، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ: 1991ع
(20) ‘سنڌي جونيئر اسڪول ڊڪشنري’، آفتاب ابڙو، 1992ع
(22) ‘سنڌي ٻٽن لفظن جي لغت’، ڊاڪٽر غلام قادر سومرو: 1996ع
(24) ‘هڪ جلدي سنڌي لغت’، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، 1998ع
(25) ‘اسان کي متان وساريو’ (وساريل لفظن جي لغت)، گنگارام سمراٽ: 1999ع
(26) ‘سنڌي اُپڀاشائن جا چونڊ لفظ’ (سنڌي سوڍڪي، مينگهواڙي، جتڪي ۽ ڪڇي)، ڊاڪٽر پرسو جيسارام گدواڻي ۽ لالجي همٿو جي سوٽهڙ، 1999ع
(28) ‘روشـنـي’ (شاهه جي ڪلام جي لغت)، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: 2002ع
(29) ‘جتڪي ٻولي’، مرتب: ن. ب. بلوچ، 2003ع
(30) ‘ٻوليءَ سندا ٻول’، شهيد سومرو، 2005ع
(31) ‘سنڌ جا فصل’، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو، 2008ع
(32) ‘سنگيت سنسار’ (موسيقيءَ جي لغت)، مرتب: سيد حاڪم علي شاهه بخاري ۽ محمد عثمان ميمڻ، 2008ع
(33) ‘هارپ جي لغت’، سيد صالح محمد شاهه، 2010ع
(34) ‘مفصل سنڌي لغت’ (الف)، 2014ع
قلمي سنڌي لغتون
(1) شاهه جي رسالي جي لغت (قلمي)، مولوي هدايت الله هالائي
(2) سنڌي لغت (قلمي)، مولوي علي محمد مهيري، 1920ع
(3) سنڌي لغت (قلمي)، لالا هاسانند، 1947ع کان اڳ
(4) سنڌي لغت (قلمي)، سهج رام، 1947ع کان اڳ
(5) مجمع زبانن جو راڳ، گدائن جو ساڳ (قلمي): خليفو مير محمد، ايم مرحوم گل محمد: 1940ع
(6) سنڌي لغت (پهريان چار اکر) قلمي، محمد بخش واصف
(7) ساهتي لغت (قلمي)، ڊاڪٽر غلام قادر سومرو
(8) لغت گنان (قلمي)، مظهر خواجا
(9) هاري لغت (قلمي)، ڊاڪٽر سيد صالح محمد شاهه
اردو- سنڌي لغتون
(1) ‘نئين اردو سنڌي لغت’، محمد بخش واصف: 1950ع
(2) ‘اردو سنڌي لغت’، الياس سومرو'>ابن الياس سومرو: 1951ع
(3) ‘سنڌي اردو لغت’، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ ڊاڪٽر غلام مصطفى خان: 1959ع
(4) ‘اردو سنڌي لغت’، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ ڊاڪٽر غلام مصطفى خان: 1960ع
(5) ‘اردو سنڌي لغت’، عبدالستار بلوچ، 2003ع
هندي- سنڌي لغتون
(1) ‘بنيادي سنڌي- هندي’، ڊاڪٽر ڪنيالال ليکواڻي: 1995ع
(2) ‘هندي- سنڌي لغت’، اصغر راؤ، مترجم: محمد پناهه ڦرڙو
سنڌي- براهوي لغتون
(1) ‘براهوي لغت'>سنڌي براهوي لغت’، ڊاڪٽر داد محمد خادم بروهي، 2004ع
فارسي سنڌي لغتون
(1) ‘جواهر لغات سنڌي اڪيچار’، آخوند عبدالرحيم عباسي: 1993ع
(2) ‘ڪشف الفيوض’، فتح محمد .اي هالائي
(3) ‘فرهنگ همايوني’ (قلمي)، عبدالغفور همايوني
(4) ‘فارسي- سنڌي لغت’، فيض محمد سڪندري (اڻ ڇپيل)
عربي سنڌي لغتون
(1) ‘الياقوت والمر جان في شرح غريب القرآن’، محمد حماد الله السنڌي هاليجوي، 1975ع
(2) ‘عربي سنڌي لغت’ (3 جلد)، غلام حسين جلباڻي، 1988-1990ع
(3) ‘محمود اللغات’ (قلمي)، حاجي محمود خادم
علم طب جون سنڌي زبان ۾ لغتون
(1) ‘مخزن الدويات’، حڪيم پرڀداس: 1935ع
(2) ‘فرهنگ جعفري يا تحفة الدويات’، حڪيم محمد جعفر انصاري: 1946ع
(3) ‘فرهنگ جعفري’ (حڪيم محمد جعفر:وڌايل سڌاريل)، مرتب: نياز همايوني، 1960ع
(4) ‘فرهنگ همايوني’ (3 جلد)، فقير عبدالغفور مفتون همايوني، مرتب: نياز همايوني، 2004ع
(5) ‘طبي لغات ’ ، رسول لاکو'>حڪيم غلام رسول لاکو، 2014ع
ان کان سواءِ هندستان جي مشهور لغت نويس، وشوناٿ، دنڪر نروڻي (پوني) مان ‘ڀارتيه ڪهاوت ڪوش’ نالي هندي- انگريزي پهاڪن جي لغت، ٽن ڀاڱن ۾ 1967ع، 1979ع ۽ 1983ع ۾ ڇپائي پڌري ڪئي آهي، جنهن ۾ 1200 سنڌي پهاڪن جون معنائون (انگريزيءَ ۾)، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي صاحب جون لکيل شامل ڪيون ويون آهن.
[هن مواد جي تياريءَ ۾ ڊاڪٽر بلوچ جي ‘جامع سنڌي لغات’، ‘جواهر لغات سنڌي اڪيچار’ ۽ ‘هڪ جلدي سنڌي لغات’ جي مهاڳن، سنتداس پنهومل ڪشناڻيءَ جي ڪتاب ‘سنڌي پهاڪا ۽ محاورا ’ تي ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي جي لکيل مهاڳ، مخدوم طالب الموليٰ جي تيار ڪيل ‘لغات سنڌي مخففات’ تي ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جي لکيل مهاڳ، ۽ نئين زندگي (مارچ 1993ع) ۾ ڇپيل محبوب اختر پٺاڻ جي مضمون ‘سنڌ ۾ لغت نويسيءَ جي مختصر تاريخ’ مان مدد ورتي وئي آهي.]
ان کان سواءِ سنڌيءَ ۾ اديبن، آثار قديمه ۽ ٻولين وغيره جون ڊائريڪٽريون به ڇپيون آهن، جن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو:
(1) سنڌي اديبن جي ڊائريڪٽري، مرتب: ڊاڪٽر غلام علي الانا، 1978ع
(2) سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري، سيد حاڪم علي شاهه بخاري ۽ محمد عثمان ميمڻ، 2008ع
(3) بلوچستان جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري، سيد حاڪم علي شاهه بخاري ۽ محمد عثمان ميمڻ، 2013ع
(4) ڏکڻ ايشيا جي ٻولين ۽ لپين جي ڊائريڪٽري، سيد حاڪم علي شاهه بخاري ۽ محمد عثمان ميمڻ، 2010ع
(5) ڏيهي پرڏيهي ساز (سازن جي ڊائريڪٽريسيد حاڪم علي شاهه بخاري ۽ محمد عثمان ميمڻ، 2011ع


هن صفحي کي شيئر ڪريو