سنڌ ۾ ڪپڙي جي صنعت

سنڌ ۾ ڪپڙي جي صنعت

هنر مند  ڪپڙو اوڻندي

هنر مند ڪپڙو اوڻندي

اوني ڪپڙو

اوني ڪپڙو

کاڌي ڪپڙو

کاڌي ڪپڙو

اجرڪ

اجرڪ

سوسي ڪپڙو

سوسي ڪپڙو

سنڌ ۾ ڪپڙي جي صنعت

سنڌ ۾ ڪپڙي جي صنعت: سنڌ ۾ ڪيتريون ئي صنعتون قائم هيون جهڙوڪ: ڪپڙي ۽ ڀرت جو ڪم، چمڙيءَ جي رڱاوت، عاج تي نقاشي ۽ ڪاشيءَ جو ڪم، مڇي ۽ کير مان تيار ٿيندڙ شيون، مختلف قسم جو ٿلهو توڙي سنهو، خاص ڪري سوٽي يا اُن ۽ ريشم سان گڏيل سوٽي ڪپڙو سنڌ جي مکيه صنعت هئي.
ڪپڙي اُڻڻ جا مرڪز: ماضيءَ ۾ يا ماضي قريب ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪپڙو ٺهندو هو ۽ ڪپڙي جي صنعت جا وڏا مرڪز: ٺٽو، نصرپور، سيوهڻ، مٽياري، هالا نوان، هالا پراڻا، آراضي (لڳ سيوهڻٽلٽي، ن، وسي (ضلعو ٽنڊو محمد خان)، حيدرآباد، ٽنڊو آدم، نواب شاهه، سڪرنڊ، کهڙا، گنبٽ، راڻيپور، لقمان، پير جو ڳوٺ، خيرپور، پريالوءِ، سکر، روهڙي، لکي غلام شاهه، وزير آباد، ماڙي (ضلعو شڪارپورشڪارپور، ڳڙهي ياسين، لاهوري محلو لاڙڪاڻو، دودائي (تعلقو لاڙڪاڻو)، عبدو، چڪ، ڀِرڪڻ، طيب، رستم، باگڙجي، وڏا مهيسر، ٽنڊو مستي خان، راهوجا، ماڇي (لڳ پير ڳوٺ)، ڪلواڙي، امروٽ، صدر جي (ضلعو خيرپور)، ڪراچي وغيره هئا. انهن صنعتي مرڪزن مان ڪافي مرڪز ختم ٿي چڪا آهن.
لاڙڪاڻو ضلعو ڪنهن زماني ۾ ڪپڙي جي صنعت جو وڏو مرڪز هو. لاڙڪاڻي جي گزيٽيئر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته، ”قديم زماني ۾ لاڙڪاڻو سوٽي توڙي ريشمي ڪپڙي جو وڏو مرڪز هو“. هينئر لاڙڪاڻي ضلعي جي ڪنهن ڳوٺ ۾ ڪو آڏاڻو ڪونهي. ان کان سواءِ ٻين به ڪيترن ئي شهرن مان هيءُ هنر ختم ٿي چڪو آهي. ڪن ڳوٺن ۾ سنڌي ڪورين کان سواءِ ماڙيچا به ڪپڙو ٺاهين ٿا، اهي مارواڙ کان لڏي آيل آهن. اتر سنڌ ۾ ماڙيچا گهڻوڪري سکر شهر ۽ روهڙي ڊويزن جي ڳوٺن: پني عاقل، سانگي نور شاهه جي ڀٽ، ڪنڌرا، ڊرٻ ميهر شاهه، سرتانپور، خانڳڙهه، گهوٽڪي ۽ ان جي پسگردائيءَ جي شهرن: ڏهرڪي، رهڙڪي ۾ رهن ۽ ڪپڙو ٺاهين ٿا. هي ٿر ۾ ڏيپلي ۽ ڇاڇري ۾ ڪپڙو ٺاهين ٿا.
لاڙ ۾ ماڙيچا گهڻو ڪري ’دهران‘ ٺاهيندا آهن، جن کي ’ڏوڙا‘ يا ’کٿا‘ به چيو ويندو آهي. هي کٿا ڪتيل ان مان ٺاهيا ويندا آهن ۽ سيءَ کان بچاءُ لاءِ جسم کي ويڙهڻ جو ڪم ڏيندا آهن. انهن جو بر ننڍو ٿيندو آهي، انهيءَ ڪري ٻن ٽڪرن کي سُئيءَ سان ڳنڍيو ويندو آهي. ’دهران‘ نالو به انهيءَ ڪري پيو آهي، جو ٻن ٽڪرن ڳنڍڻ سان جڙندو آهي. اتر ۾ رهندڙ ماڙيچا به ’دهران‘ ٺاهيندا آهن، پر هو اڪثر ڪري انگوڇا ۽ پوتڙا ٺاهيندا آهن.
هنرمند ۽ واپاري: هن هنر سان وابسته ٻه طبقا هوندا هئا: هڪڙا ڪارخانيدار ۽ ٻيا مزدور ۽ هنرمند. ڪپڙو اُڻندڙ مزدورن کي ’وانڍ‘ ۽ واپاريءَ کي ’اوستو‘ سڏيو ويندو هو. هي رواج قديم زماني کان هلندو پيو اچي. قديم زماني ۾ گهرن ۾ ائٽ هوندا هئا، جن تي عورتون سُٽ ڪتينديون هيون. سيٺ يا واپاري کانئن تيار ٿيل سٽ خريد ڪري ويندا هئا. شاهه لطيف، سُر ڪاپائتيءَ ۾ انهيءَ تهذيب ۽ تمدن جي ترجماني ڪئي آهي. هنري انقلاب کانپوءِ سُٽ ملن ۾ تيار ٿيڻ لڳو آهي.
ورهاڱي کان اڳ موجوده پاڪستان واري ايراضيءَ ۾ سُٽ جو ڪوبه ڪارخانو نه هو. احمد آباد ۽ ڪلڪتي ۾ سُٽ ٺهڻ جون مِلون هونديون هيون، جتان مختلف هنڌن ڏانهن تيار ٿيل سٽ موڪليو ويندو آهي.
ڪپڙي جون خوبيون: واپارين ۽ سياحن جي بيانن مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جو ڪپڙو گهاٽو ۽ عمدو اُڻيل هوندو هو. انهيءَ ڪري سڄي اوڀر ۾ تيار ٿيندڙ ڪپڙي کان اهم سمجهيو ويندو هو ۽ ان کي ٻين ملڪن جي ڪپڙي تي ترجيح ڏني ويندي هئي، ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ سنڌ جو ڪپڙو وڌيڪ سستو به هوندو هو. جنهنڪري سنڌ جو اڻيل ڪپڙو هندستان، اولهه ايشيا ۽ يورپ ۾ ڏاڍو مقبول هوندو هو. ان کان سواءِ بصري، اوڀر آفريڪا، يمن، ايراني نار ۽ ايران ۾ به وڏي پئماني تي وڪامندو هو. انڊيا ڪمپني'>ايسٽ انڊيا ڪمپني سنڌ مان ڪپڙو خريد ڪري، مختلف ملڪن ڏانهن موڪليندي هئي ۽ ناڻو ڪمائيندي هئي. فائدي جي مدنظر ڪمپنيءَ جو سنڌ وارن ايجنٽن کي حڪم مليل هو ته سڄي سنڌ جي مال جي رسد کي فوري طلب جي خيال کان پاڻ وٽ ڪافي ذخيرو گڏ ڪري رکندا هئا. هنن کي پنهنجي بالا آفيسرن کان اها به خاطري مليل هئي ته جيئن سنڌ جا بافتا انگلنڊ ۾ گهڻي مقدار وڪامندا هئا، ان ڪري هو ٻين هنڌن جي مال ۾ ڪَتر وجهي به سنڌ جي آرڊر جو اندازو وڌائين. هُو سنڌ جي ڪپڙي جي واپار جي سٺي رپورٽ پنهنجي علمدارن کي ڏيندا هئا. سنڌ ايندڙ سياح لکن ٿا ته ”سوٽي ڪپڙي جي لحاظ کان ٻين سڀني ڪوٺين کان سنڌ جي ڪوٺي وڌيڪ اطمينان جوڳي ۽ جاري رکڻ جهڙي آهي.“
سنڌي ڪپڙو ۽ يورپي واپاري: يورپي واپارين ۽ تاجرن جي بيانن مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ ڪيترن ئي قسمن جو عمدو ڪپڙو تيار ٿيندو هو ۽ پري پري تائين ويندو هو. سنڌي ڪوري نه فقط سُٽ مان ڪپڙو تيار ڪندا هئا، پر ڪشمير ۽ خراسان کان ڪچو ريشم گهرائي نهايت نفيس ڪپڙو تيار ڪندا هئا. ٺٽي جو نفيس گلبدن، اجرڪ ۽ بسترن جون چادرون ڏورانهن ڏيهن تائين مشهور هيون. سنڌي ڪاريگر، ڪرمان جي نرم پشم مان خوبصورت شالون تيار ڪندا هئا. روهڙيءَ جي ’تسر‘، جنهن کي ’دريائي‘ سڏيندا هئا، ايراني واپاري وڏي شوق سان خريد ڪندا هئا.
ايران کان روهڙي ايندڙ سياح ’جوزف سالبئنڪ‘ جي بيان موجب، ”سکر ۽ روهڙي ۾ ڪورين جو وڏو تعداد رهندو هو. هو ڪپڙو به تيار ڪندا هئا ۽ ڪپڙي ۽ نير جو واپار به ڪندا هئا.“ هو سندن ڏيتي ليتي ۽ وهنوار جي ڏاڍي تعريف ڪري ٿو. ان کانپوءِ نڪولس وٿنگٽن سن 1616ع ۾ سنڌ ۾ آيو. هو پڻ سنڌ جي ڪپڙي ۽ ٻين شين جي تعريف ڪري ٿو. مطلب ته مغل دؤر ۾ سنڌ ڪپڙي جو اهم مرڪز ۽ وڏي تجارتي منڊي هئي. يورپي واپاري هتان ڪپڙو خريد ڪري يورپ ۽ ٻين ملڪن ۾ سٺ سيڪڙو نفعي سان نيڪال ڪندا هئا. سن 1631ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ٺٽي ۾ سنڌ جي واپار لاءِ پهريون ڀيرو ڪوٺي قائم ڪئي ۽ ڪپڙي جي خريداري شروع ڪئي. لاڙ ۾ ٺٽو، حيدرآباد، نصرپور، وچولي ۾ سيوهڻ، هالا، ڪنڊيارو ۽ سري ۾ گنبٽ، روهڙي، سکر ۽ شڪارپور ڪپڙي جا وڏا واپاري مرڪز هئا. انهيءَ ڪري انڊيا ڪمپني'>ايسٽ انڊيا ڪمپني نصرپور ۽ سيوهڻ ۾ به ننڍا مرڪز قائم ڪيا. ٺٽي جي ڪوٺيءَ جي منتظمين 62-1635ع جي رهائش دوران ٺٽي بابت لکيو آهي ته: ”ٺٽي ۾ ڪورين جا اٽڪل ٽي هزار خاندان آهن، جن مان گهڻو حصو چونڪري تي (کس) ڪپڙو تيار ڪري ٿو، جيڪو ترڪي ۽ ايران ۾ گهڻو وڪامي ٿو. هتان جا واپاري اهو ڪپڙو گهڻي تعداد ۾ ڪانگو (ايران جو ڪانگو بندر) ۽ بصري جي بندرن ڏانهن موڪليندا آهن.“
نصرپور جي ڪوٺيءَ وارا لکن ٿا ته: ”ٺٽي جي ويجهو ٻيو شهر نصرپور آهي، جيڪو ڪپڙي تيار ڪرڻ جو اهم ترين مرڪز آهي، رپورٽن موجب ان ۾ 3 هزار ڪورين جا خاندان آباد آهن.“
ان زماني ۾ نصرپور جو بافتو گهڻو مشهور هو، جنهن جو بَــرُ هڪ وال جو هوندو هو. ڏيساور ۾ ان جي تمام گهڻي گُهر هوندي هئي. انهيءَ ڪري ڪمپنيءَ جي نمائندن هڪ ڀيري نصرپور مان بافتي جا ڇهه هزار وال خريد ڪيا. سيوهڻ بابت لکن ٿا ته ”سيوهڻ ۾ اٽڪل هڪ هزار ڪٽنب ڪورين جا رهن ٿا، جيڪي بهترين قسم جو ڪپڙو تيار ڪن ٿا.“
ڪمپنيءَ جي ايجنٽن کي درٻيلي (ڊڀري) جون جوڙون گهڻو پسند هونديون هيون ۽ اهي شوق سان خريد ڪندا هئا. گنبٽ جو ڪپڙو کين ڪنڊياري جي ڪپڙي کان به بهتر نظر ايندو هو. سنڌ ۾ انهن ڏينهن ۾ مختلف هنڌن تي ڪپڙو اُڻيو ويندو هو، جن مان مقبول قسم هي هئا: ’هرک سادو، ڇُريل ۽ سنهو، ’بافتو‘، ’ڇيٽ‘، ’ململ‘، ’سوسي ۽ گربي‘، ’لونگيون‘، ’گيگم‘، ’حلواڻ‘، ’کيس‘، ’چنيون‘، ’تسر‘، ’سوڙيون‘، ’پٿراڻيون‘ ۽ ’اجرڪ‘.
انهن نمونن جو ذڪر انگريز واپارين ۽ سياحن به ڪيو آهي، ململ ۽ غاليچن جا ڪيترائي قسم هوندا هئا. ’جوزف سالبئنڪ‘ ڪيترن ئي قسمن جي ململ ۽ غاليچن جو ذڪر ڪيو آهي. ’والٽرپيٽان‘ به ململ جا ڪيترائي قسم ڄاڻايا آهن. ’وٿنگٽن‘ بافتن جون خوبيون بيان ڪيون آهن. ’اليگزينڊر هئملٽن‘ سنڌ جي جُوڙين کي نرم، عمدو ۽ مضبوط سڏيو آهي، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڪپڙي جي صنعت ۾ سنڌ جو ڪيڏو نه وڏو ناماچار هو. سترهين صديءَ کان ارڙهين صديءَ جي ٽين چوٿائيءَ تائين سنڌ جي ڪپڙي جي صنعت دنيا جي مارڪيٽ تي ڇانيل رهي. سنڌ جي ڪلهوڙي حاڪم غلام شاهه جي ڏينهن ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ 1758ع ۾ ٺٽي ۾ ٻيهر ڪوٺي قائم ڪئي. انهن ڏينهن ۾ ڪمپني ٻئي ڪپڙي سان گڏ شڪارپور مان پٽ جون شالون به خريد ڪندي هئي. ٻين شهرن حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻي ۾ به ريشمي ڪپڙو تيار ٿيندو هو. ايشيا ۾ شهزادن لاءِ شالون، لونگيون، ڇُرَ جو ڪپڙو ۽ اجرڪ سنڌ مان روانا ٿيندا هئا. ٺٽي شهر جي اڌ آبادي ڪپڙي اُڻڻ جي ڪم ۾ رُڌل رهندي هئي.
ڪپڙي جي واپار مان فائدو ڏسي ڪمپنيءَ، غلام شاهه ڪلهوڙي کان تمام گهڻيون سهوليتون ورتيون ۽ ڪپڙي جي واپار وڏي ترقي ڪئي. 1761ع واري پرواني موجب انگريزن کانسواءِ ٻين يورپي قومن کي سنڌ ۾ اچڻ تي بندش وڌي وئي. 1771ع ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي وفات ڪئي، جنهن بعد ميان سرفراز ڪلهوڙي ڪمپنيءَ جي وڌندڙ طاقت ۽ سياسي چالبازين کي ڏسندي 1785ع ۾ ڪوٺيون بند ڪري ڇڏيون.
سنڌ ۾ ٺهندڙ ڪپڙو
سوٽي ڪپڙو: سنڌ، سوٽي ڪپڙي جو گهر آهي ۽ قديم دؤر کان سنڌ جو ڪپڙو برآمد ٿيندڙ مکيه شين مان هڪ هو. سنڌ ۾ ڪپڙي جي قسمين قسمين نمونن، سهڻي خاصيت ۽ هلڪي قيمت جي ڪري ٻاهر گهڻي طلب هئي. ان وقت سنڌ ملڪ ۾ ٺهندڙ سوٽي ڪپڙي جي ڪيترن نمونن مان ڪن جو ذڪر هيٺ ڏجي ٿو:
هرک سادو ۽ ڇريل، سنهو ۽ ٿلهو بافتو: ان دؤر ۾ سنڌ اندر عاليشان قسم جي ڪپهه پيدا ٿيندي هئي، جيڪا اڄ به پيدا ٿئي ٿي. انهيءَ ڪپهه جو وڏو حصو سنڌ پنهنجي ئي ڪپڙي تيار ڪرڻ ۾ صرف ڪندي هئي. پورچوگيز حڪومت جو سرڪاري روزنامچو رکندڙ ائنٽونيو بوڪارو (35-1631ع) جي بيان مان پتو پوي ٿو ته سنڌ جي پنهنجي مقامي ڪپهه جي پيدائش به پوري ڪانه پوندي هئي. انڪري ڪافي انداز ۾ ڪپهه، ڪڇ ۽ نگنا (Nagana) مان درآمد ڪئي ويندي هئي. سنڌ اندر ٿلهيءَ توڙي سنهيءَ تند وارو سُٽ به ڪتيو ويندو هو.“ ڪپڙي لاءِ ڪم ايندڙ ڪيترائي رنگ ۽ خاص ڪري نير سنڌ ۾ ئي پيدا ڪيو ويندو هو. اهو نير سوٽي ڪپڙي جي رڱڻ ۽ ڇُرائيءَ لاءِ عام طرح استعمال ڪيو ويندو هو. اهو ڪپڙو ان وقت هر هنڌ ڏاڍو مقبول هو. ان دور جي سمورن سياحن ۽ سياسي ايلچين سنڌ جي سوٽي ڪپڙي جي بهتر گڻن جي ساک ڀري آهي. سترهين صديءَ جي واپاري ايجنٽن جا بيان موجود آهن، جن مان خبر پئي ٿي ته سنڌ اندر ٺهندڙ سوٽي ڪپڙي ۾ ڪم ايندڙ سُٽ ’هڪ ساريڪو ڪتيل‘ هوندو هو ۽ ڪپڙي جو اوڄو ’گهاٽو ۽ سهڻو‘ هوندو هو. سنڌ ۾ تيار ٿيندڙ ڪپڙي جي خاصيت اهڙي عمدي ۽ عاليشان هوندي هئي، جو ٿيوناٽ، ٺٽي جي ڪاريگرن کي نهايت هنرمند ڪاريگرن جو خطاب ڏنو. هئملٽن ٻڌائي ٿو ته ”سنڌ جو سوٽي ڪپڙو هڪ سادي ڊزائين وارو ۽ نهايت لسائيءَ سان اڻيل هوندو هو.“
ريشمي ڪپڙو: سترهين ۽ ارڙهين صديءَ ڌاري سنڌ ۾ ريشمي ڪپڙي جي صنعت اوج تي هئي، جن ڏينهن ۾ ٺٽو عروج تي هو. ان وقت سنڌ ۾ عاليشان ۽ دلڪش ريشمي لونگيون تيار ٿينديون هيون، جن ۾ تاڃي ريشمي هوندي هئي ۽ پيٽو سٽ جو ڪتب آندو ويندو هو. سنڌ توڙي هندستان جا نواب ۽ امير ماڻهو انهن لونگين کي گلوبند، دستارن ۽ واسڪوٽين طور استعمال ڪندا هئا. سنڌ جون لونگيون پرڏيهي مارڪيٽن ۾ جلد کپي وينديون هيون، جتي انهن جي ڪافي طلب هوندي هئي. انهيءَ صنعت لاءِ ڪچو ريشم چين، ايران ۽ ترڪستان مان درآمد ڪيو ويندو هو. ريشمي ڪپڙي تي سون ۽ چانديءَ جي ڌاڳن سان عاليشان ڀرت ڀريو ويندو هو، جنهن کي چمڪدوزي يا ڪيمخواب سڏيو ويندو هو. اهڙو به وقت ايندو هو، جڏهن شالن، چوغن، ٽوپين، ٻارن جي شلوارن، زناني لباس ۽ وهاڻن تي چاندي ۽ ريشم سان ڀرت ٿيل سامان جي ڏاڍي گهُر ٿيندي هئي. سنڌ ۾ اهو هنر ٿرپارڪر ضلعي ۾ ٺهندڙ چنين ۾ ملي ٿو. اهي چنيون سوٽي ڪپڙي کي ڳاڙهو رنگ ڏئي، مختلف رنگن جي ريشمي ڌاڳي سان مٿس ڳوڙهو ڀرت ڀري، منجهس ٽڪون هڻي تيار ڪيون وڃن ٿيون. هر قسم جي ڀرت سان ڀريل چوليون ۽ گج اڄ به عورتون ڀرن ٿيون. شالن، اٺن ۽ گهوڙن جي تلن تي پڻ اهو ڀرت ڀرايو وڃي ٿو. چنيءَ جو هنر، سنڌ جو قديم هنر آهي، جيتوڻيڪ سترهين ۽ ارڙهين صديءَ جي سياحن، واپارين ۽ تجارتي ايجنٽن جي بيانن ۾ ان جو ذڪر ڪونه ٿو ملي. پرڏيهي واپاري ۽ سياح رڳو سنڌ ۾ سوٽي ۽ ريشمي ڪپڙي جو واپار ڪرڻ ٿي آيا، پر تڏهن به انهن سنڌ جي چنين ۽ سنڌي هنر جي ٻين عجيب شين جو ڪو به ذڪر ڪو نه ڪيو آهي، جو انهن شين جي پرڏيهي مارڪيٽن ۾ ايتري طلب نه هئي. ڀرت جو هنر سرپرستي نه هئڻ ڪري گهڻو ماٺو ٿي ويو، پر اڃا به ڏيساور جي مارڪيٽن ۾ ان جي طلب آهي ۽ اڃا تائين سنڌي واپاري ٻاهرين ملڪن ڏانهن وڪڻڻ لاءِ کڻي ويندا آهن.
اوني ڪپڙو: سنڌ ۾ اوني ڪپڙي جي صنعت سوٽي، ريشمي صنعت مان هڪ آهي. اوني مال ۾ گهڻو ڪري غاليچا، ڪمبل، کٿا، دوهران، فراسيون، لويون ۽ خرزينون اچي وڃن ٿيون، اڄ به حيدرآباد ضلعي ۾ جت ۽ بلوچ قبيلن جو زالون واندڪائيءَ جي وقت ڪمبل ۽ اونيون فراسيون ٺاهڻ ۾ گذارين ٿيون. ٿرپارڪر جا ڪمبل جن کي کٿا پڻ سڏيو وڃي ٿو، اُهي پائدار هئڻ ڪري گهڻا پسند ڪيا وڃن ٿا.
سنڌ ۾ اُن تمام گهڻي ۽ عمدي قسم جي پيدا ٿئي ٿي، ڇو ته سنڌ ۾ جتي ڪٿي رڍون جام آهن ۽ خاص ڪري اڀرندي طرف ٿر جي رڻ ۽ الهندي طرف کيرٿر جبلن جي لاهين تي رڍون تمام گهڻي انداز ۾ ملن ٿيون. ان کانسواءِ ٻڪريءَ جي وارن (ڏاس) مان به ڪيتريون شيون تيار ٿين ٿيون. جهڙوڪ: ٿيلها، ڪمبل، جن کي ’خريز‘ چيو وڃي ٿو. خرزينون، جن کي بار بردار جانورن تي اناج کڻڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. اهي خرزينون گهڻو ڪري ڪاري يا ناسي رنگ جون ٿينديون آهن ۽ نهايت پائدار ۽ مضبوط هونديون آهن.
کيس: سنڌي کيس تي اهڙيون ته نفيس ڊزائينون هونديون آهن، جنهن کي ڏسندي دل خوش ٿي ويندي آهي. سوٽي کيس سان گڏ ريشمي کيس به هوندا آهن. کيس ٻن پيرن کان وڌيڪ پيرن جي سٽاءَ سان اُڄندو آهي. جيتري نفيس ۽ ڳوڙهي ڊزائين هوندي، ايترا گهڻا پير هوندا آهن. چئن پيرن کان ٻٽيهن پيرن تائين کيس ٺاهيندا آهن. اوچا کيس ٻن پيرن ۾ اُڄندا آهن، پوءِ گهر ۾ عورتون ٻن پڙن کي ملائڻ لاءِ وچ ۾ پٽ يا سٽ جي کِيرَ يا ڪنڊڙو هڻنديون آهن. هن وقت سنڌ ۾ گنبٽ، ٺٽي ۽ نصرپور جا کيس تمام مشهور آهن.
لونگي: سنڌ جون لونگيون گهڻو ڪري ريشم مان ٺهنديون آهن ۽ ڪن ۾ زريءَ جا ڌاڳا به وڌا ويندا آهن. سنڌي لونگي بنا ڪلي ٿيندي آهي، جيڪا پٽڪي وانگر ٻڌي ويندي آهي. اڳي سنڌي لونگيءَ جو رواج گهڻو هوندو هو ۽ لونگي عزت ۽ مان مرتبي جي نشاني سمجهي ويندي هئي. لونگي گهوٽ کي مڱڻي يا شاديءَ ۾ ڪُلهن تي وڌي ويندي هئي يا موڙ ٻڌڻ مهل مٿي تي ٻڌائي ويندي هئي. امير ماڻهو يا حڪمران طبقي جا ماڻهو انعام طور به ڪنهن ماڻهو کي لونگي ڏيندا هئا. فوتيءَ تي به لونگي وڌي ويندي هئي. ماضي قريب ۾ پٽڪي جو هڪ قسم ’پيچون‘ به ٺهندو هو، جيڪو سپاهي ٻڌندا هئا. اهي پيچون هر هنڌ ٺهندا هئا، پر هينئر انهن جو رواج ڪونهي.
ململ: هن قسم جي ڪپڙي کي ماضيءَ ۾ ’سنڌڻ‘ چيو ويندو هو، هينئر ان کي ململ چيو ويندو آهي. اها تمام سنهي سٽ مان ٺهندي آهي، جيڪو ڪوري اُن کي ٺاهيندو آهي ته اُن کي ’ململ ڪوري‘ چيو وڃي ٿو. ان کانپوءِ جيڪو کٽي ان کي ڌوئي صاف ڪندو آهي، اُن کي ’لڇي ململ‘ چيو ويندو آهي. قديم زماني ۾ ملتان تائين سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ ململ ٺهندي هئي. هينئر سنڌ ۾ ململ ٺاهڻ جو رواج ختم ٿي ويو آهي.
کاڌي: کاڌي، ململ کان ٿورو ٿلهو ڪپڙو هوندو آهي. قديم زماني ۾ ململ کانپوءِ ۽ کاڌي جو ڪپڙو وڌ مان وڌ تيار ڪيو ويندو هو. هن کي سوسي وانگر ڪني ڪانه ٿيندي آهي. هن مان گهڻو ڪري قميصون ۽ پهراڻ ٺهندا آهن. چادرون ۽ گاديلا به کاڌيءَ جو قسم آهن. کاڌيءَ جو هڪ قسم ’روهڙي مل‘ آهي. هيءُ ڪپڙو پهريائين روهڙيءَ جي ڪارخانن ۾ ٺهندو هو، انهيءَ ڪري مٿس اهو نالو پيو. کاڌيءَ جو رواج هينئر گهڻو گهٽجي ويو آهي، البت نفيس قسم جي ٿلهي ميٽائين رنگ جي کاڌي فيشن طور پاتي وڃي ٿي. ان کانسواءِ کاڌي مختلف رنگن ۽ ڊزائينن ۾ به ٿيندي آهي.
شوهي: ٿلهي سٽ مان اڇو ڪپڙو تيار ٿيندو آهي، جنهن کي شوهي سڏيو ويندو آهي. اهو ڪپڙو عام طرح سياري ۾ پاتو ويندو آهي. هن ڪپڙي جو رواج قديم زماني کان هلي پيو. اڳ هن مان ماڻهو پهراڻ، صدريون، چادرون ۽ سوڙيون ٺهرائيندا هئا. هينئر هي ڪپڙو صرف سوڙين ٺاهڻ ۾ ڪم اچي ٿو. ڪپڙي کي سوڙين جي صورت ڏيڻ لاءِ مخصوص نموني ڇُريو ويندو آهي.
جوڙي: شوهي کان وڌيڪ ٿلهو ڪپڙو به تيار ڪيو ويندو هو، جنهن کي جوڙي چيو ويندو هو. ’جوڙي‘ غريب ماڻهو پائيندا هئا ۽ ان جو رواج انگريز دؤر تائين موجود هو. جوڙي صرف اڇي ٿيندي هئي. موهن جي دڙي جي آثارن مان معلوم ٿئي ٿو ته ان زماني ۾ به هن قسم جو ڪپڙو ٺهندو هو. ڇاڪاڻ ته ان قسم جي ڪپڙي جي رڳڙ جا نشان ڪن مهرن تي مليا آهن. قديم زماني ۾ ڪپڙي جي ٿان کي به ’جوڙي‘ سڏيو ويندو هو. ڪنهن شاعر چيو آهي:
ڪوري آهيان مان ڪوري،
اڻان هٿ ڪپڙي جو ٻڌايان جوڙي،
گنبٽ کهڙا راڄ اسان جو،
راڻيپور دنگ توڙي.
هينئر جوڙيءَ جو رواج مڪمل طور تي ختم ٿي ويو آهي.
اَجرڪ: اجرڪ، سنڌ جي خاص نشاني آهي. هيءُ هڪ قسم جي ويڙهڻ جو ڪپڙو آهي، جنهن تي ڳاڙهي ۽ نيري رنگ جا نقش هوندا آهن. هن ڪپڙي جو استعمال قديم زماني کان هلندو پيو اچي. موهن جي دڙي جي آثارن مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جا ماڻهو ان زماني ۾ به اجرڪ اوڍيندا هئا، ڇاڪاڻ ته پروهت (King Priest) جي مجسمي کي اهڙي چادر ويڙهيل آهي، جنهن جي ڊزائين اجرڪ جهڙي معلوم ٿئي ٿي. ڪي اجرڪ هڪ پڙا ته ڪي ٻه پڙا ٿيندا آهن. عورتون ٻن پڙن کي ملائڻ لاءِ وچ تي کِير هڻنديون آهن. اڄڪلهه اجرڪ سنڌي ثقافت جو اهڃاڻ سمجهيو وڃي ٿو. اجرڪ مان عورتون قميصون، مرد بشرٽون ۽ ٽائيون به تيار ڪرائين ٿا. ڊزائين جي حوالي سان اجرڪ جا ڪيترائي قسم آهن، جن ۾: ڪڪر، ڦلن، دٻلين ۽ جاميٽريءَ جون ڊزائينون ٿينديون آهن.
قديم زماني ۾ اڇي جوڙيءَ کي رنڱي، ڇُري اجرڪ تيار ڪئي ويندي هئي، هينئر بافتي يا هرک مان اجرڪ تيار ڪئي وڃي ٿي. ريشمي ڪپڙي مان به اجرڪ تيار ٿئي ٿي. اجرڪ جي ڇُرائي ۽ رنڱائي سان ڪورين جو واسطو ڪونهي. قديم زماني ۾ اهو ڪم کٽي ڪندا هئا. (وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو: ’انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا‘، جلد پهريون، صفحو نمبر 132).
کهنبو: کهنبو عورتن جي مٿي ڍَڪڻ جو خاص ڪپڙو ٿيندو هو، جنهن تي مخصوص نقش نگار هوندا هئا. کهنبو خاص طرح سان شاديءَ رات ڪنوار کي پارايو ويندو هو. هينئر هي رواج گهٽ آهي، البت فيشن طور اسڪارف پاتا ويندا آهن، جيڪي مختلف قسم ۽ ڊزائين جا هوندا آهن. کهنبي جو رواج تمام قديم زماني کان سنڌ ۾ هو. موهن جي دڙي جي ڪن مورتين ۽ مهرن تي اُڪريل عورتن جي تصويرن جي مٿي تي اهڙي نموني جو ڪپڙو نظر اچي ٿو. محققن جو خيال آهي ته سوٽي ڪپڙي کي ڪلف ڏئي ڪنهن قالب ۾ وجهي اهو مٿي جو ڪپڙو تيار ڪيو ويندو هو. هينئر ’کهنبو‘ ململ مان ڇري، رنڱي ۽ ڪلف ڏئي ٺاهيو وڃي ٿو.
سُوسي: سنڌ جو خاص ڪپڙو ’سُوسي‘ آهي. اڳين زماني ۾ نه فقط عورتون پر مرد به سوسيءَ جون سٿڻون وڏي شوق سان پائيندا هئا. هن ڪپڙي جي نسبت بابلي تهذيب جي شهر ’سوسا‘ سان آهي. معلوم ٿئي ٿو ته ’سوسا‘ طرف هي ڪپڙو تمام گهڻي انداز ۾ ويندو هو. انهيءَ ڪري مٿس اهو نالو پيو. انگريزن جي دؤر تائين هي ڪپڙو ايران، عراق، مسقط، يمن وغيره تائين ويندو هو. هن کي سنڌ ۾ ڪن هنڌن تي ’ڪورڪي‘ به چيو ويندو آهي. هن ڪپڙي ۾ مختلف رنگن جون پٽيون ٿينديون آهن، اها ڊزائين ڪپڙي اُڻڻ وقت مختلف رنگن جي تاڃين ذريعي رکي ويندي آهي. پٽيون ڳاڙهيون، ڪرمچي، ڪاريون، سايون، نيريون وغيره ٿينديون آهن، جيڪي سوسيءَ جي ڪپڙي جي سڃاڻپ آهن.
قديم زماني ۾ نفيس ۽ عمدي قسم جي سوسيءَ جي تاڃيءَ کي آڏاڻي تي اُڻڻ کان اڳ ۾ ملائم ڪيو ويندو هو ۽ تاڃيءَ کي پائڻ (پٽڙي لئي) ۾ پسائي ڪانن ۽ ڪاٺين ۾ گهوڙين تي ڊگهو ڪري، ٻه ٽي ماڻهو مٿان بيهي، ان کي خاص قسم جي وڏن برشن سان نرم ۽ ملائم ڪندا هئا، ان کي پائمو چيو ويندو هو، پائمي جو رواج انگريزن جي دؤر تائين موجود هو. سوسيءَ جي ٻيءَ اهم نشاني آهي ته هن قسم جي ڪپڙي کي ’جڏ رنگ‘ جي ڪَني نه ٿيندي آهي، جنهن رنگ جو ’تر‘ هوندو، ڪني ان کان مختلف رنگن جي ٿيندي آهي. سوسيءَ کي لاڙ ۾ ’گربي‘ چيو ويندو آهي. هن جو بَر ڏهن گرهن کان وال تائين ٿيندو آهي. سوسي سوٽي به ٿيندي آهي ته ريشمي به. هنر جي لحاظ کان هن جا ٻه قسم ٿين ٿا، سادي سوسي ۽ موٺڙو. موٺڙي تيار ڪرڻ لاءِ ڪوري اُڻڻ وقت ڊزائين موجب رٿيل چار پيرا مٽيندو آهي. هينئر موٺڙي ۾ سونهري تار به وڌي وڃي ٿي، ان کي ’چمڪي موٺڙو‘ يا ’تار‘ وارو موٺڙو يا ’تلا‘ سڏيو وڃي ٿو. سادي سوسي ۽ موٺڙي ۾ فرق هيءُ هوندو آهي ته موٺڙي ۾ ليڪو هوندو آهي، جيڪو ٻه رنگو يا ٽه رنگو ٿيندو آهي. ان ۾ اڇي ۽ مختلف رنگن واريون تارون اهڙي نموني جڙيل هونديون آهن، جو ليڪي وارا رنگ ٽوپي وانگر ور وڪڙ سان نظر ايندا آهن. سوسيءَ جو ليڪو سڌو ٿيندو آهي. ڪن سوسين ۾ پٽا به ٿيندا آهن. موٺڙي ۽ سوسيءَ جي ڊزائين موجب ڪيترائي قسم ٿين ٿا، جن مان ڪجهه قسم هيٺ ڄاڻائجن ٿا:
(1) گلبدن: هن ۾ ڳاڙهو يا واڱڻائي ترو هوندو آهي ۽ وچ ۾ اڇا ليڪا ٿيندا آهن، هن کي ’ڪوري‘ يا ’هڪ ليڪي‘ به چوندا آهن ۽ ڪي ’ميرخاني‘ به چون. جيڪب آباد وارا هن کي ’گيگم‘ سڏيندا آهن. ماضيءَ ۾ هن کي سوسيءَ جو بهترين قسم سمجهيو ويندو هو. هن سوسيءَ جي وڏي عزت هوندي هئي. خوشحال ۽ امير ماڻهن جون عورتون هن قسم جون شيون پائينديون هيون. ڪلاسيڪي شاعر شاهه عنات به چيو آهي:
’گلبدن جو گجريون، ارم اوڍيائون‘
امير ماڻهو هن ڪپڙي جون سٿڻون وڏي شوق سان پائيندا هئا. ڪن اميرن ۽ زميندارن ته هن ڪپڙي تي خوش ٿي، ڪورين کي زمينون انعام ۾ ڏئي ڇڏيون. هن کي ڪوري ’سنهه خطو’ به سڏيندا هئا.
(2) دوخطي: گلبدن ۾ هڪ ليڪو ٿيندو آهي. هن ۾ ٿوري ٿوري وڇوٽيءَ تي ليڪا ٿيندا آهن.
(3) ملتاني ڇڳي: هيءَ ڇڳي اصل ملتاني ڊزائين آهي ۽ سنڌ ۾ رائج ٿي، ان کي ’ملتاني ڇڳي‘ سڏيو ويو.
(4) ڪنگڻي پاو: هن کي پنج پٽو به سڏيندا آهن.
(5) سوسنو: هن کي ’بنوشو ۽ نير پڌي‘ به چوندا آهن.
(6) ڪناويز: هن کي ’سر‘ به چوندا آهن. هي گهڻو ڪري ريشم مان ٺهندو هو. پنجاب ۾ ان کي ناسو به چوندا آهن.
(7) دوخطي چوتار: هن ۾ گڏ ٻه اڇا ليڪا ٿيندا آهن، پر هر ليڪي ۾ ٻن تارن بدران چار تارون ٿينديون آهن. هن کي ’چرٻي‘ به چيو ويندو آهي.
ان کان سواءِ: (8) پنج رنگي، (9) ڇهه رنگي، (10) ست رنگي، (11) سنهي ڇڳي، (12) اڳٽ پٽي، (13) مور کنڀي، (14) سرڻ،
(15) ڄمون، (16) ڀڳڙي ڦار، (17) موٺ، (18) ڪچومون، (19) ڪشمش، (20) تڪمي تي، (21) تيلي پٽو، (22) بادامي، (23) ليمائي، (24) وفائي، (25) مٽرگل وغيره قابل ذڪر آهن.
سنڌ ۾ سوسيءَ جا وڏا وڏا مرڪز هوندا هئا، جن ۾ هالا، گنبٽ، کهڙا، پير جو ڳوٺ، لاهوري محلو لاڙڪاڻو، سکر ضلعي جا ڳوٺ، ماڙي، لکي غلام شاهه، وزير آباد، شڪارپور، چڪ، ڀرڪڻ وغيره. هينئر سوسي جو رواج ڪجهه قدر گهٽ ٿي ويو آهي، انهيءَ ڪري هينئر سوسي فقط هالا، گنبٽ ۽ کهڙن ۾ ٺهي ٿي، سا به تمام ٿوڙي تعداد ۾، ٻئي ڪنهن به شهر ۾ سوسي ڪانه ٿي ٺهي. تنهن هوندي به سوسي سنڌ ۾ شوق سان پاتي ويندي آهي ۽ تحفي طور به ڏني ويندي آهي.
انگوڇا: انگوڇو چوڪڙي نما ڪپڙو ٿيندو آهي، جيڪو عام طرح ڏيڍ کان ٻه وال ڊگهو ۽ مُني وال کان ويڪرو ٿيندو آهي. چوڪڙي سنهي ۽ ليڪو ڳاڙهو ٿيندو اٿس، پر جيڪڏهن ترو ڳاڙهو ته ليڪو وري اڇو ٿيندو اٿس. ڪن ڊزائينن ۾ پٽو ليڪو به ٿيندو اٿس. هن کي ڪني به ٿيندي آهي. انگوڇو وهنجڻ لاءِ استعمال ٿيندو آهي. عام ماڻهو ڪم ڪار وقت استعمال ڪندا آهن. ٻهراڙيءَ جا ڪيترا ماڻهو مٿي تي انگوڇو ٻڌندا آهن، خاص ڪري اتر سنڌ ۾ انگوڇي جو تمام گهڻو رواج آهي. سکر ۽ خيرپور ضلعن جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ انگوڇو تمام وڏي تعداد ۾ تيار ٿئي ٿو. سڌوجن جو يعقوب ڪوري سهڻا انگوڇا ٺاهيندو هو، جن جو مشهور شاعر ارجن سڪايل به ذڪر ڪيو آهي. سنڌي ڪورين کانسواءِ سکر شهر ۾ مهاجر ڪوري ۽ ماڙيچا به انگوڇو ٺاهين ٿا. انگوڇي جو استعمال سنڌ ۾ عام آهي، اڪثر مزدور طبقو انگوڇو استعمال ڪري ٿو. ٿر واري پاسي انگوڇي جو استعمال وڌيڪ آهي.
پوتڙو: سنڌ جي گرم علائقن ۾ پوتڙي جو استعمال ڪيو ويندو آهي. هي مردن کي چيلهه کان هيٺ پيرن تائين هوندو آهي. پوتڙي کي ’گوڏ‘ به چوندا آهن. پوتڙو ٻن والن کان ٽن والن تائين ڊگهو ٿيندو آهي. هن جو برَُ سوا وال يا ڏيڍ وال ٿيندو آهي. خاص طرح سان اُتر سنڌ ۾ گوڏ جو رواج عام آهي. عام طور ٻهراڙيءَ جا ماڻهو گوڏ ٻڌندا آهن، خوشحال ماڻهو ۽ ڪامورا به اونهاري ۾ گهرن ۾ گوڏ ٻڌندا آهن. سنڌ کان سواءِ پنجاب ۾ گوڏ جو رواج عام آهي. عورتون به گوڏ پائين. پاڪستان کان سواءِ ٻين ڪيترن ئي ملڪن: هندستان، انڊونيشيا، ملائيشيا، ڪمبوڊيا، ٿائلينڊ ۽ يمن وغيره ۾ پڻ گوڏ ٻَڌڻ جو رواج عام آهي. سنڌ ۾ گوڏ جو رواج قديم زماني کان هلندو پيو اچي. موهن جي دڙي جي آثارن مان معلوم ٿئي ٿو ته اهو رواج ان زماني ۾ به موجود هو. موهن جي دڙي جي هڪ مجسمي کي چيلهه تي هڪ ڪپڙو ٻڌل آهي. يجر ويد ۾ به اهڙي ڪپڙي پهرڻ جو ذڪر آيو آهي ۽ ان کي ’يوپاوتيا‘ چيو ويندو آهي. اهو لفظ سنڌي لفظ ’پوتڙو‘ جي بدليل صورت معلوم ٿئي ٿو. پراڻي زماني ۾ اڇي ڪپڙي کي نير جي رنگ ۾ ٻوڙي تيار ڪيو ويندو هو، پر پوتڙي کي پاسن ۽ وچ تي ڊزائين ٺاهڻ لاءِ اڇي ڪپڙي کي پهريائين ڊزائين موجب ڌاڳا ٻڌي پوءِ نير ۾ ٻوڙيو ويندو هو. نير مان ڪڍڻ کانپوءِ سُڪائي ڌاڳا کوليا ويندا هئا، ته ڊزائين ظاهر ٿي پوندي هئي. هينئر اهو رواج گهڻو گهٽجي ويو آهي. هينئر اُڻڻ وقت ٽي مختلف ڊزائينون رٿيون وينديون آهن. اهي ڊزائينون ڪي پٽي واريون هونديون آهن ته ڪي ليڪي واريون ڪي موٺڙي تي هونديون آهن ته ڪي چوڪڙيءَ تي هونديون آهن. هٿ سان هلندڙ اُڏاڻن کان سواءِ پاور لوم (مشين) تي به پوتڙا تيار ٿين ٿا.


لفظ سنڌ ۾ ڪپڙي جي صنعتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو