سَنکُ

سَنکُ

سَنکُ

سَنکُ

سنک

سَنکُ (Conch): اصل ۾ هي سامونڊي ’ڪوڏ‘ ٿئي. جنهن جي ڊيگهه ۽ ويڪر به مختلف هوندي آهي. هن جو سرو سوڙهو هوندو آهي. اتان ڦُوڪ ڏبي آهي ته کليل ٻئي پاسي کان نفيل جهڙو پر ٿلهو آواز نڪرندو آهي. هي سامي فقير ۽ پينار پاڻ سان کڻندا آهن. هن ساز جو موسيقيءَ سان ڪو واسطو نه آهي. نه ڪو هن مان ڪي سر ئي نڪرن، پر آواز سان واسطي جي ڪري هن جو ذڪر ڪيو ويو آهي هن ساز جو هندو ڌرم سان وڏو ۽ اوائلي واسطو آهي. هن جي وڄت نيڪي يا ڀلائيءَ جي برائيءَ تي فتح جو اعلان سمجهبي آهي. سنک جو ذڪر اٿر ويد ۾ به آهي. هي ايامن کان انسان جي استعمال هيٺ آهي. ڀڳوت گيتا ۾ لکيل آهي ته جنگ دوران هي ساز گهڻو وڄايو وڃي ٿو. هن ساز کي پنج جنيا سنگ، ديواڌت، مهاشن ڀونڊر ۽ ٻين نالن سان به سڏيو وڃي ٿو. هي نالا هن جي مختلف جسامت جي ڪري آهن. مندرن ۾ هي ساز صبح شام عبادت لاءِ وڄايو وڃي ٿو. ڀٽائيءَ به هن جو ذڪر جوڳين ۽ سامين وارن سُرن ۾ ڪيو آهي. سندس هڪ بيت جي سٽ آهي ته:
سامي کڻي سنک، وڄائي واٽ ٿيا“


لفظ سنکھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو