سنگار رس

سنگار رس (هندي عشقيہ شاعري): مغل دؤر ۾ هندستان ۾ هڪ پائيدار نظامِ حڪومت قائم هو. اڪبر جي دؤر ۾ مسلمانن ۽ هندن جي وچ ۾ اتحاد هو. ملڪ جو اقتصادي نظام بہ سڌريل هو. ان دور ۾ علم ۽ فضل، حڪمت ۽ هنر جي قدرداني هئي. جيئن مصوري، موسيقي، عمارتسازي، شاعري وغيرہ. جيئن تہ ان دور ۾ هندي ٻوليءَ ۾ جيتوڻيڪ اڃا ڀڳتي شاعريءَ جو دؤر هو، پر تنهن هوندي ان سان گڏ نئين حسن نواز عشقيہ شاعري ’سنگاررس‘ جي دلچسپ نالي سان نروار ٿي. مغليه دؤر کان اڳ جي هندي شاعرن پڻ پنھنجي ڪلام ۾ محبوب جي حسن ۽ سينگار جي مضمونن کي نهايت مؤثر نموني ۾ نباهيو هو. شهنشاھہ اڪبر جي دؤر حڪومت کان ’سنگاررس‘ يا عشقيہ شاعري، هندي شاعري جي ذوق ۽ تخيل جو خاص عنوان بڻي ۽ عام توڙي خاص جو ان ڏانهن زياده توجھہ ٿيو.
رس: ’رس‘ سنسڪرت زبان جو هڪ جامع لفظ آهي، جنهن جي لفظي معنيٰ آهي ’انتهائي لطف، لذت، خوشي يا مسرت‘. اصطلاحي معنيٰ موجب ’رس‘ سنسڪرت ۾ جماليات (Aesthetics) جي دائري ۾ هڪ خاص فلسفي جي حيثيت رکي ٿو، جنهن جو تعلق خاص طرح شاعريءَ ۽ ناٽڪ جي سببن، اثرن ۽ اهڃاڻن سان آهي. ’سنسڪرت ادب جي تاريخ‘ جي مصنف ’بيرائيڊيل ڪيٿ‘ ان کي ’قلبي وارداتن ۽ ڪيفين جي نظرئي‘ سان تعبير ڪيو آهي. محقق پنڊت حبيب الرحمان، ان کي ’فلسفہ انبساط‘ قرار ڏنو آهي. هن مستند سنسڪرت ماخذن جي تصديق سان رس يعني ’فلسفهء انبساط‘ جي نالي سان هڪ مستقل ڪتاب لکيو آهي. سندس تحقيقي نتيجن مطابق رس جي معنيٰ ۽ ماهيت هن طرح آهي، مثلاً: بھار جي موسم آهي، بادل ڇانيل آهي ۽ هڪ حسينہ نهايت ئي مٺي آواز سان ڳائي ٿي. ٻڌندڙ جيڪو اهو نظارو ڏسڻ ۾ محو آهي، تنهن جي دل ۾ محبت پيدا ٿئي ٿي. اهي مڙيئي ظاهري ڳالهيون سندس محبت کي ويتر پڙڪائين ٿيون. ان جذبي جي اثر هيٺ سندس اکين مان لڙڪ لڙي پون ٿا ۽ هو پريشان ٿي وڃي ٿو. ان بعد سندس اها نفسياتي ڪيفيت اميد، مايوسيءَ، جنون ۽ شڪستہ دليءَ ۾ تبديل ٿئي ٿي. بهار، بادل، حسينہ ۽ راڳ انهن جذبن جا ’محرڪ‘ آهن، (ڳوڙها ڳڙڻ ۽ مايوسي، جيڪي دل جي حالت کي ظاهر ڪرڻ واريون ڪيفيتون آهن، انهيءَ جذبي جا اثر آهن. اميد، مايوسي، جنون ۽ شڪستہ دلي ’منقلبات‘ يعني عارضي جذبات آهن. ناٽڪ ۽ شاعريءَ ۾ محرڪات، اثرات ۽ ’منقلبات‘ جي منظر (Scene) پيدا ڪرڻ سان مستقل جذبي ۾ هڪ غير محدود لذت، وجداني لطف ۽ پاڪيزہ روشني پيدا ٿئي ٿي ۽ ان وقت انهيءَ مستقل جذبي کي ’رس‘ چئجي ٿو. اهڙيءَ طرح 9 مستقل جذبات، پنھنجي ارتقائي منزلن مان گذري، علي الترتيب: (1) عشق، (2) کِل (هنسي)، (3) رحم،
(4) غضب، (5) بهادري، (6) دهشت، (7) نفرت، (8) حيرت ۽ (9) سڪون جا ’رس‘ بنجن ٿا، جن کي سنسڪرت ۾ (1) شرنگار رس، (2) هاس رس، (3) ڪرڻ رس، (4) ردر رس، (5) وير رس، (6) ڀيانڪ رس، (7) ويٿبس رس، (8) ادڀت رس ۽ (9) شانت رس چيو وڃي ٿو. مطلب تہ 9 مستقل جذبن سبب ’رس‘ جا بہ 9 قسم ٺهيل آهن.
پنڊت وشوناٿ ’ساهتيہ درپن‘ ۾ معتبر عالمن جي سند سان هي نظريو پيش ڪيو آهي تہ ’تجربو ٻڌائي ٿو تہ هر ’رس‘ جو اصلي جوهر ’تحير‘ آهي ۽ انهيءَ ڪري هر جاءِ ’حيرت‘ جو ئي رس هئڻ گهرجي.
ويدن ۾ آتما (روح) کي رس چيو ويو آهي. ساهتيہ شاسترن (فنِ شاعريءَ) جي ڪتابن ’ڪاويه پرڪاش‘، رس گنگاڌر، ساهتيہ درپن وغيرہ مان بہ هنن نظريي جي تائيد ٿئي ٿي. انهن سڀني ۾ ’رس‘ ۾ انتهائي مسرت جو هجڻ مڃيو ويو آهي.
رس جي انهيءَ تشريح مطابق سنسڪرت جي هيءُ چوڻي بلڪل درست آهي تہ شاعريءَ ۾ محويت ذريعي ’خدائي مسرت‘ جي لطف اندوزي ’رس‘ آهي. جڏهن محبت، بهادريءَ وغيرہ جا علمي واقعا شاعريءَ يا ڊراما ۾ مصنوعي محرڪن، اثرن ۽ منقلبات ذريعي ڏسندڙ، پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ جي آڏو پيش ڪجن ٿا، تہ اهي سندس وحدت نما احساس کي جاڳائي هڪ قسم جو عالم محويت ۽ تحير پيدا ڪن ٿا. ان محويت جي عالم ۾ شاعراڻو لٽريچر پڙهندڙن ۽ ڊراما ڏسندڙن جو وجدان جنهن ’مسرت زباني‘ مان لطف اندوز ٿئي ٿو، اهو ئي ’رس‘ آهي.
رس جي معنيٰ ۽ ماهيت بابت جيڪي نظريا اصولي حيثيت رکن ٿا، تن مان پهرئين ۾ سنسڪرت جي جمالياتي فڪر جي دائري ۾ ’فن شاعريءَ‘ جي ماتحت ’رس‘ جي عملي نظريي جي تشريح ٿيل آهي ۽ ’رس‘ جي معنيٰ توڙي قسمن کي واضح ڪيو ويو آهي. قدري انهيءَ ساڳيءَ معنيٰ ۾ سنڌي زبان ۾ پڻ ’رس‘ جو لفظ استعمال ٿئي ٿو. حقيقت ۾ رس جو پيدا ٿيڻ ‘رس‘ جي لذت جو پيدا ٿيڻ آهي. انهيءَ ڪري محاوراً چئي سگهجي ٿو تہ ’رس پيدا ٿيو‘. سنڌيءَ ۾ بہ چوندا آهن تہ ’رس لڳو آهي‘. جيئن چئبو آهي ’فلاڻي (ڳائيندڙ) جو رس لڳو آهي‘، ساڳيءَ طرح ڪنهن بہ محفل جي ميٺاج ۽ سرور کان متاثر ٿي، ان کي مجاز جي ’رس ڀري محفل‘ يا ’رس ڀري رهاڻ‘ چوندا آهن. ’رس رهاڻيون‘ ۽ رس راماڻا، ساڳي معنيٰ ۾، سنڌيءَ جا عام مروج اصطلاح آهن. انهن اصطلاحن مان ظاهر آهي تہ سنڌيءَ ۾، لفظ ’رس‘ جي اصل معنيٰ ۽ ماهيت وارو تخيل موجود آهي، تنهنڪري ’رس‘ جي سمجهاڻي نفسياتي نقطهءنظر کان ڏني وئي آهي، جنهن جو مقصد آهي تہ جيتوڻيڪ مختلف جذبن جي آڌار تي ’رس‘ کي جدا جدا نالن سان سڏيو ويو آهي. ويدانت توڙي اسلامي تصوف جي روشنيءَ ۾، ’ذاتِ الاهي‘ سان تعبير ڪيو ويو آهي. ڇو تہ ’ذاتِ الاهي‘ ئي لا محدود مسرت ۽ وجداني تجليءَ جو واحد سرچشمو آهي.
انسان جا 9 مستقل جذبا، جن جي آڌار تي آسانيءَ خاطر ’رس‘ جا بہ 9 قسم تجويز ڪيا ويا آهن، تن مان هڪ ’شرنگار رس‘ آهي. ’شرنگار رس‘ هڪ نفسياتي ڪيفيت آهي، جنهن جي ارتقائي درجي کي عشق ۽ محبت سان تعبير ڪري سگهجي ٿو. اصل سنسڪرت نظرئي موجب ’شرنگ‘ محبت جي ديوتا ’ڪام ديو‘ جي اُڀرڻ کي چئجي ٿو. انهيءَ اُڀرڻ جي سبب ۽ اعلى ترين هيرو جي رس کي عشق جو رس چئجي ٿو. انهيءَ مناسبت سان هندي زبان جي نئين عشقيہ شاعريءَ تي ’سنگار رس‘ جو اصطلاحي نالو پيو، پر انهيءَ اصطلاحي نالي ۽ اصل ’شرنگاررس‘ ۾ جيڪو فرق آهي، تنهن کي سمجهڻ ضروري آهي. ’شرنگار رس‘ ’رس‘ جي فلسفي جي دائري ۾ اچي ٿو ۽ ’رس‘ جي 9 قسمن مان هڪ قسم جو نالو آهي. پر سنگار رس جو اصطلاحي نالو آهي، جنهن جو تعلق هندي عشقيہ شاعريءَ سان آهي. ’شرنگار رس‘ اها بي انتها سرور ۽ لطف واري نفسياتي ڪيفيت آهي، جنهن کي شاعريءَ يا ڊرامن ذريعي محبت جي مستقبل جذبي جي محرڪن، اثرن ۽ عارضي علامتن جي عملي يا بياني منظرن جي پيش ڪرڻ سان پيدا ڪيو وڃي. ’سينگار رس‘ هندي زبان ۾ هڪ شاعريءَ جو قسم آهي، جنهن جو عنوان اڪثر عشق و محبت آهي. اها عشقيہ شاعري (يعني سينگار رس) بذات خود ’شرنگار رس‘ ناهي، مگر ان جي ذريعي ’شرنگاررس‘ پيدا ڪري سگهجي ٿو.
’شرنگار رس‘ ۽ ’سينگار رس شاعري‘ ۾ ڄڻ حقيقت ۽ مجاز وارو فرق آهي ۽ چئي سگهجي ٿو سينگار رس جا اڪثر شاعر پنھنجي نئين فن جي مجازي دلچسپين ۾ ئي محو ٿي ويا. سندن شاعريءَ جي اڪثر تصنيفن جي نالن ۾ ’رس‘ جو لفظ داخل آهي، جنهن مان ظاهر آهي تہ نظرياتي طور هو ’رس‘ جي حقيقت کان واقف هئا. پر عملي طور سندن شاعراڻا احساس ۽ جذبا ’شرنگار رس‘ جي بنيادي محرڪ (عورت) ۾ محو ٿي ويا ۽ سندن معجزا نما شعر پڻ عورت جي ظاهري حسن ۽ سينگار جو نذر بنجي ويا.
سينگار رس شاعريءَ جا عنوان شروع کان ئي هندي عشقيہ شاعريءَ جا رجحان ’نايڪا ڀيد‘ ۽ ’سينگار‘ جي عنوانن سان نمودار ٿيا. انهن ٻن مضمونن کانسواءِ ٽيون موضوع وري ’پدمڻي‘ عورت جي مخصوص ۽ معياري سونهن سوڀيا ۽ عادتن ۽ طريقن جي خيالي نظرئي جي صورت ۾ نروار ٿيو.
نايڪا ڀيد ’نايڪ‘ يا ’نائڪ جي معنيٰ آهي: قافلي جو سالار، سردار، مربي يا سرتاج. ’نايڪا‘ يا ’نائڪا‘ معنيٰ نايڪ جي زال، عشقيہ يا ڊرامائي شاعريءَ جي خاص اصطلاح ۾ ’نايڪا‘ معنيٰ سورمي (هيروئين). انهيءَ لحاظ کان ’نايڪا ڀيد‘ معنيٰ سورمي يا هيروئن جي دل جو راز يا محبت جي مام، جنهن کي هوءَ پنھنجي لفظن ۾ ڪناين ۽ اشارن سان ظاهر ڪري. عشقيہ شاعريءَ جي استاد شاعرن، هيروئن جي زباني، محبت جي مام کي نهايت نازڪ خياليءَ ۽ حسنِ بيانيءَ سان پنھنجي شاعري ذريعي نروار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ شاعريءَ جي انهيءَ موضوع کي ’نايڪا ڀيد‘ نالو ڏنو. هن فن جي شروعات، ڪرپا رام ڪئي. نواب عبدالرحيم خان خانان هن فن ۾ ’بردي نائڪ ڀيد‘ نالي ڪتاب لکيو ۽ ديوڪي نندن ’نايڪا ڀيد‘ ۾ ’سرنگار چتر‘ ڪتاب لکيو، جيڪو نهايت مقبول ٿيو.
شرنگار رس جي بنيادي اڀاريندڙ (عورت) جي سهڻيءَ ۽ سينگاريل تصور کي ذهن نشين ڪرائڻ لاءِ نُڪتي دانن جوان عورت جي حسن کي چمڪائڻ لاءِ اٺاويھہ زيوَر ڪارگر قرار ڏنا آهن، جن ۾ (1) ڪيفِ شوق، (2) وجدِ محبت، (3) جوشِ محبت، (4) رنگ روپ يعني جسماني حسن، (5) رهنمائي، (6) جمال، (7) محبوبيت، (8) بخيه ڪاري، (9) نرمائي، (10) ثابت قدمي، (11) مماثلت يعني تہ اندام، لباس، زيورن ۽ محبت ڀرين ڳالهين ذريعي محبوب سان مشابهت پيدا ڪرڻ، (12) ادا، (13) سينگار يعني فطري حسن کي چمڪائڻ خاطر ٿورو سينگار ڪرڻ: مثلاً شفاف پاڻيءَ سان غسل ۽ بدن جي صفائي، پان سان لب ڳاڙها ڪرڻ ۽ نرم، نازڪ ۽ صاف ڪپڙا پائڻ، (14) غرورِ حسن،
(15) رنگين ڪرشما يعني تہ انتهائي مرغوب شيءَ جي حاصل ٿيڻ واريءَ خوشيءَ سبب ذرا مرڪ، ذرا گريہ خشڪ، هلڪي کِل، ذروخوف، ذري ڪاوڙ ۽ ذرو انوکي ٿڪ جو اظهار ڪرڻ، (16) محويت جي ادا، (17) جهجهڪ، (18) گهٻراهٽ، (19) نزاڪت، (20) ناز، (21) شرميلائي، (22) ونجهل، (23) ڄاڻي اڻ ڄاڻائي، (24) اُس، (25) اشتياق، (26) ٽهڪ، (27) ڇرڪڻ، (28) چِلوِلائي اچي وڃن ٿا.
اصلي ۽ اصولي نظرئي موجب جوانيءَ ۾ حسن جا مٿيان چمڪائيندڙ سببَ گهڻو ڪري محبوب جي محبت جي جذبن ۽ احساسن، ناز و ادا جي نفسيات، مخصوص ردِ عمل ۽ حرڪتن، حسنِ اطوار ۽ عادتن سان تعلق رکن ٿا. محبوب جو جسماني ۽ ظاهري سينگار انهن اٺاويهن ذريعن مان فقط ٻہ ذريعا آهن. ’سنگار رس‘ جي استاد شاعرن، پنهنجن شعرن ۾ مجموعي طور انهن سڀني حسين ادائن ۽ دلفريبن کي بيان ڪيو، پر سندن خاص ڌيان ٻن مخصوص خوبين يعني جسماني حسن ۽ ظاهري سينگار ڏانهن ئي مائل رهيو.
محبوب جي جسماني حسن جو موضوع بذاتِ خود ڪافي ڪشادو هو. قد قامت شڪل شبيھہ، چهري جي رونق، رفتار ۽ گفتار جي مختلف نمونن ۾ ڪيترائي مضمون مخفي هئا. اکين جي اشارن ۽ زلفن جي پيچن ۾ ڪيترائي بيان بيتاب هئا. مشاعرن لاءِ محض محبوب جي فطري حسن جي تعريف جو مضمون ڪافي وسيع هو. ان سان گڏ محبوب جي ظاهري هار سينگار جي شامل موضوع ويتر انهيءَ ميدان کي ڪشادو ڪيو. فطري حسن جي گوناگون رعناين جي تہ انتها ئي ڪا نہ هئي، پر ظاهري هار سينگار جي قسمن کي شمار ڪرڻ نسبتاً آسان هو. انهيءَ ڪري هن فن جي ماهرن عورت جا جملي ’سورهن سينگار‘ قرار ڏنا، ان کانپوءِ ’سورهن سينگار‘ بذات خود هن فن جو هڪ خاص مضمون بنجي ويو.
پياري لال مطابق اهي ’سورهن سينگار‘ پراچين زماني کان هلندا اچن ٿا. عالمِ شباب ۾ جيڪي زيور عورت جي حسن کي چمڪائين ٿا، اُهي جملي 28 چيا ويا آهن. انهن کانسواءِ 28 وصفن ۾ ظاهري ساٺ سينگار رڳو هڪ زيور طور شمار ٿيل آهن. ظاهر آهي تہ ’سورهن سينگار‘ جو اصطلاح پوءِ جي ايجاد آهي ۽ ان جو تعلق ظاهري ساٺ سينگار جي سورهن قسمن سان آهي. هندي شاعريءَ پنھنجي اوائلي آزاد تخيل وارا دور طئہ ڪري، جڏهن ’سينگار رس‘ جي نسبتاً تصنع ۽ تڪلف واري دؤر ۾ قدم رکيو، تڏهن هن فن جي سگهڙن، شاعرن ۽ ڪلاسيڪي شاعرن جي شعور ۾ محبوب جي ظاهري سينگارن متعلق اهي اشارا/ ڪنايا اچي چڪا هئا، جن سان سندن ذهن مانوس ٿي چڪا هئا، تن جو اندازو لڳائي مجموعي طور جملي سورهن قسمن جا سينگار مڃيا ويا. ٻيو تہ ’سورهن سينگارن‘ جي نظريي جي رائج ٿيڻ سان محض سينگارن جي قسمن جي مجموعي عددن جي سڃاڻپ ٿي تہ سينگار جا قسم مجموعي طور 16 آهن، پر اهي ڪهڙا ڪهڙا آهن، ان بابت ڪا لازمي حد بندي مقرر ڪانہ ٿي.
مغليه دؤر کان اڳ جي هندي شاعرن بہ پنھنجي ڪلام ۾ محبوب جي حسن ۽ سينگار جي مضمونن کي نهايت مؤثر نموني ۾ نباهيو هو. ملڪ محمد جائسيءَ (1542-1477) هندي جي اوَڌي ٻوليءَ ۾ پنھنجي شاهڪار پدماوت‘ (1540ع) ۾ سلطان علاؤالدين جي آڏو، راگهو پنڊت جي زباني، جيڪو پد ماوتي راڻيءَ جي حسن ۽ سينگار جو منظر چٽيو آهي، سو هندي شاعريءَ ۾ هن معنيٰ ۾ ڄڻ ڪلاسيڪي حيثيت رکي ٿو. ڪرپارام پهريائين ان ڏس ۾ قدم وڌايو، پر هن ميدان جو شهسوار مهاڪوي بھاري لال هو. بھاري لال پٽ ڪيشو راءِ، سنبت 1603 ۾ گوبندپور، ضلعي گواليار ۾ ڄائو ۽ سنبت 1663 ۾ گذاري ويو. جئپور جي راجا جئسنگ کيس جئپور ۾ گهرائي پنھنجي درٻار جي خاص شاعرن جي صف ۾ جڳھہ ڏني ۽ جڏهن بھاري لال پنھنجي مشھور شاعرانه شاهڪار ’ست سئي‘ (ست سؤ) دوهن کي پورو ڪيو تہ راجا جئسنگهہ کيس ست سؤ اشرفيون انعام ۾ ڏنيون. بھاري لال جو عاشقانه ڪلام هندي شاعريءَ ۾ اُتم مڃيو ويو آهي ۽ سنگار رس ۾ سندس درجو مڙني شاعرن ۾ مٿاهون مڃيو ويو آهي.
اڪبر جي عھد جا ٻيا شاعر جن عشقيہ شاعري ۾ شھرت حاصل ڪئي، اُهي هئا: (1) عبدالرحيم خان خانان، جنهن پنھنجي شاعريءَ جي ٻين تصنيفن سان گڏ ’سنگار سورٺا‘ نالي پڻ ڪتاب لکيو. (2) فيضي، (3) گنگ، (4) تان سين (1610- 1560)، (5) سيناپتي (1649-1589)، (6) مبارڪ، جنهن جا دوها بھاري لال جي دوهن سان مناسبت رکن ٿا،
(7) بلڀدر سنڌيا مسر، جنهن جي تصنيفن مان ’سنگهار گوبرڌن‘ آهي. انهن کانسواءِ 1631ع ۾ سندر نالي هڪ شخص کي ’ڪوي راءِ‘ جو خطاب ڏنو ويو ۽ هن شاعريءَ جي فن تي ’سندر سنگار‘ نالي ڪتاب لکيو، جنهن جو ترجمو برج ڀاشا ۾ ٿيو. عالم، سنبت 1735 ۾ ’سنگهار رس‘ عشقيہ شاعريءَ جو ناليوارو شاعر ٿيو. هو پهريائين برهمڻ هو پر پوءِ هڪ رنگريزڻ جي عشق ۾ مسلمان ٿيو. ’عالم کيلي‘ نالي سندس ڪتاب مشھور ٿيو. 1784ع- 1800ع ڌاري ’ديوڪي نندن‘ نالي مشھور شاعر ٿيو، هن جو ڪتاب ’سرنگار چرتر‘ نهايت مقبول ٿيو. 1796ع ڌاري اعظم خان نالي شاعر مشھور ٿيو، جنهن جو ڪتاب ’سنگار درپن‘ مقبول ٿيو. سيد عبدالجليل بلگراميءَ جي ڀاڻيجي سيد غلام نبي بلگراميءَ جيڪو ’رس لين‘ جي لقب سان مشھور ٿيو، تنهن سن 1701ع ۾ ’انگ درپن‘ ۽ سن 1731ع ۾ ’رس پرٻوڌ‘ نالي ڪتاب تصنيف ڪيا.


لفظ سنگار رسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو