سنگاپور

سنگاپور

سنگاپور ملڪ

سنگاپور ملڪ

سنگاپور

سنگاپور (Singapore): هن ملڪ جو سرڪاري نالو جمهوريه سـنگاپـور (Republic of Singapore)، جڏهن تہ پراڻو نالو تماسڪ (Tumasek) آهي. هن تي سنگاپور نالو پوڻ جي حوالي سان روايت آهي تہ ملائي زبان ۾ ’سنگا‘ شينهن کي چوندا آهن ۽ ’پور‘ جي معنيٰ شھر آهي. شينهن جي رهڻ ڪري هن تي نالو سنگاپور پيو. سنگاپور جي آزاديءَ جو ڏهاڙو 9 آگسٽ 1965ع آهي. هن کي گڏيل قومن جي اداري (U.N.O) جي ميمبرشپ 21 سيپٽمبر 1965ع ۾ ملي. سنگاپور جي گاديءَ جو هنڌ سنگاپور سٽي آهي. ڪرنسي يونٽ ڊالر آهي. سال 2010ع جي آدمشماريءَ موجب هتان جي آبادي 5,076,700 آهي. سرڪاري ٻولي انگريزي آهي، جڏهن تہ ملائي، چيني، تامل ۽ ٻيون ٻوليون بہ ڳالهايون وڃن ٿيون. هتي ٻڌمت سان واسطو رکندڙ 30 سيڪڙو، عيسائي 19 سيڪڙو، جڏهن تہ مسلمان 16 سيڪڙو رهن ٿا. هتي ڪجهہ هندو بہ رهائش پذير آهن. هن جي پکيڙ 618 چورس ڪلوميٽر (238 ميل) آهي. سنگاپور ٻيٽ نما ملايا جي اترئين ڪنڊ تي موجود هڪ ٻيٽ آهي. هن جي اوڀر کان اولھہ طرف ڊيگهہ 42 ڪلوميٽر (26 ميل)، اتر کان اولھہ طرف ويڪر 23 ڪلوميٽر (14 ميل) آهي. هي چيني سمنڊ ۽ هندي سمنڊ کي هڪٻئي سان ملائڻ واري گذرگاھہ جي ناڪي تي آهي. هن جي ڀرپاسي ۾ 50 ننڍا ٻيٽ آهن. اتر ۾ هڪڙو سوڙهو سامونڊي گذرگاھہ ’جوهور‘ هن کي ملائيشيا کان ڌار ڪري ٿو. ڏکڻ ۾ ريائوجا ٻيٽ هن کي انڊونيشيا کان ڌار ڪن ٿا. سنگاپور شھر ٻيٽ جي ڏکڻ اوڀر پڇڙيءَ تي آهي. مرڪزي ٻيٽ جي بلڪل وچ ۾ هڪڙو وڏو ٻيلو آهي، ڪناري سان گڏوگڏ تمر جي ٻيلن جا جهڳٽا آهن. سڄي دنيا جي سامونڊي جهازن کي هتان لنگهڻو پوندو آهي. ڪناري جي ڊيگهہ 193 ڪلوميٽر (120 ميل) آهي. سنگاپور جي وڏن شهرن ۾: چانگي، تواس، جورونگ، ني سون، سمباوانگ، ڪوئنز، ٽائون، بيڊوڪ، پلي شون، ووڊلينڊ، يوچو ڪانگ شامل آهن. هتان جو مٿانهون هنڌ تماح هل (بلندي: 177 ميٽر) آهي. هي انتظامي طور تي پنجن ضلعن ۾ ورهايل آهي. خط استوا سنگاپور جي ويجهو لنگهندو آهي. گرميءَ ۾ موسم گهميل پر سڄو سال خوشگوار هوندي آهي. برسات جو ساليانو سراسري مقدار 80 انچ آهي.
سنگاپور جي مکيہ زرعي پيداوار ۾ رٻڙ، ميوا ۽ ڀاڄيون وغيرہ اچي وڃن ٿا. هتان جي مکيہ صنعتن ۾ جھاز ٺاهڻ، تيل جي صفائي، اليڪٽرانڪس جو سامان، ڪيميائي شيون، ڪاغذ، دوائون، ڪپڙو، رٻڙ جون شيون، اسٽيل پائيپ، فوڊ پيڪنگ، ڪاٺ جو سامان ۽ ڪمپيوٽر جا مختلف پارٽس ٺاهڻ جون صنعتون شامل آهن. سنگاپور ۾ ايشيا جو وڏو ۽ دنيا جو بھترين هوائي اڏو ’چانگي انٽرنيشنل ايئرپورٽ‘ آهي، جو 200 ملڪن سان 80 ايئر لائينن ذريعي ڳنڍيل آهي. قومي هوائي ڪمپنيءَ جو نالو ’سنگاپور ايئرلائينز‘ آهي. سنگاپور آزاد جمهوريه آهي، صدر رياست جو مملڪتي اڳواڻ (هيڊ آف اسٽيٽ) ۽ هٿياربند فوج جو ڪمانڊر ان چيف آهي. اڳ پارليامينٽ، صدر کي چونڊيندي هئي، پر 1991ع جي آئيني ترميم کانپوءِ هاڻي صدر سڌو سنئون عوامي ووٽن سان چونڊيو ويندو آهي. سندس مدو 6 سال هوندو آهي. هن وقت سنگاپور جو صدر Tony Tan Keng Yam آهي. سنگاپور ۾ حڪومت جو اڳواڻ وزيراعظم هوندو آهي، جنهن وٽ سڀ انتظامي اختيار هوندا آهن. قانونسازيءَ جو اختيار 83 ميمبرن تي ٻڌل پارليامينٽ کي حاصل آهي، جنهن جا سڀئي ميمبر عوامي ووٽن سان چونڊيا ويندا آهن.
سنگاپور ۾ سنڌين جي هڪ وڏي آبادي رهي ٿي، جن مان اڪثريت اهڙن هندو واپاري ڪٽنبن جي آهي، جيڪي ورهاڱي کان اڳ ئي اتي واپار ڪندا هئا. ورهاڱي کانپوءِ پڻ ڪيترائي ڪٽنب اتي ويا آهن، ۽ اتي مختلف شهرن ۾ رهن ٿا. ڪي واپار تہ ڪي نوڪريون ڪن ٿا، انهن ۾ هندن کان سواءِ ڪافي مسلمان بہ آهن. سنڌ کانسواءِ پاڪستان جي ٻين صوبن جا ماڻهو بہ سنگاپور ۾ رهن ٿا.


لفظ سنگاپورھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو