سنگراسي

سنگراسي (ذات): هن ذات لاءِ مختلف روايتون ملن ٿيون، جيڪي هن طرح آهن: (1) هن ذات وارا ڏهر بن جوجو جو اولاد آهن. هن جي ڀائرن جا نالا ڀينين ۽ ڀريو هئا، جيڪي بعد ۾ مسلمان ٿيا ۽ سما سنگراسي سڏرائڻ لڳا. (2) ٻي روايت موجب سنگراسي سوڍن جو اولاد آهن، جن مان ڪجهہ مسلمان تہ ڪجهہ هندو آهن. هي ٿر ۾ رهن ٿا. هندو سنگراسي شري ڪرشن جا پوئلڳ آهن. سندن وڏو راڻو سنگرپت، راڻو کينئرو، غوث بھاؤالدين ملتانيءَ جي تلقين سان مسلمان ٿيو، سنگر جي پٺيان سنگراسي سڏجن ٿا. سنگراسين جا خاص پاڙا هن ريت آهن: آسريا، جکريا، چونڊا، سوڍا، کڻارا، لونڍا ۽ لوڻا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو