سنگهار سومرا

سنگهار سومرا: هي سومرن جو هڪ قبيلو آهي، جن جو ڳوٺ ئي ’سنگهار سومرا‘ سڏجي ٿو، جيڪو ڪرناڻين ۽ نصرپور جي وچ تي ديھہ سومرا ۾ آهي. سنگهار سومرا انهيءَ ڪري ٿا سڏجن، جو اهي امير سنگهار سومري جو اولاد آهن، جن جو ذڪر ڪتاب ’تاريخ معصوميءَ‘ ۾ بہ ٿيل آهي. ٽنڊي الهيار کان اوڀر ڏکڻ تي ’پاڪ سنگهار‘ جو قبو بہ ٺهيل آهي. ذاتين جي انسائيڪلوپيڊيا ۾ مصنف خير محمد ٻرڙو هن ذات جي باري ۾ لکي ٿو تہ سنگهار، ملاح ۽ مهاڻا آهن ۽ اُهي ٺٽي ضلعي جي کاري واري حصي ۾ رهن ٿا.


لفظ سنگهار سومراھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو