
سنگهار علي گڻسار
سنگهار علي گڻسار (ڍولڪ نواز): سنگهار علي ولد نذر محمد عرف ميجر خان جو جنم 1986ع ۾ ڳوٺ مھر علي خان مانڌل ضلعي عمرڪوٽ ۾ ٿيو. موسيقيءَ سان چاھہ کيس ورثي ۾ مليو. ننڍپڻ کان ئي گهر ۾ ڍولڪ جي وڄت ۽ رياض ٻڌندو رهيو، جنهنڪري ڍولڪ سان سندس عشق ٿي ويو. اهو ئي سبب آهي، جو ننڍي وهيءَ ۾ ڍولڪ وڄائڻ ۾ ماهر ٿي ويو. سنگهار عليءَ کي شروعاتي تربيت پنھنجي والد صاحب ميجر خان ڏني، جڏهن تہ سندس روحاني استاد مرحوم استاد سومار خان (والهيرو) رهيو. سنگهار علي ننڍڙيءَ عمر ۾ پهريون دنگل خانصاحب خير محمد خان جي ورسيءَ تي ڪيو، ان تقريب ۾ سنڌ توڙي پنجاب جا راڳي موجود هئا، جن کيس تمام گهڻو داد ڏنو. ان وقت سنگهار عليءَ جي عمر ڏھہ سال هئي. ٻيو دنگل استاد علي نواز خان جي تاجپوشيءَ واري محفل ۾ وڄايائين ۽ ٽيون دنگل قلندر لال شھباز جي عرس جي موقعي تي فقير رحمان علي سائينءَ جي ڪافيءَ ۾ وڄايائين، جتي پنجاب جا وڏا راڳي: ڪالي خان (طبلي نواز(، تنوير علي ۽ ٻيا موجود هئا. هن دنگل ۾ بہ سنگهار علي تمام گهڻو داد حاصل ڪيو. سنگهار علي استاد امير علي، امبر مهڪ، شفيع فقير، حيدر علي خان ۽ ڪلاسيڪل راڳي گلزار علي خان کانسواءِ ٻين ڪيترن لوڪ ۽ ڪلاسيڪل راڳين سان ساٿ سنگت ڪري تمام وڏي مڃتا حاصل ڪري چڪو آهي.