سنگها تلاءُ

سنگها تلاءُ (ماڳ): سنگها تلاءُ، ننگرپارڪر کان 14 ميل اتر طرف، ويراواھہ شھر جي اولھہ طرف آهي، جنهن جي ويڪرائي ٻہ چورس ميل کن ٿيندي. چيو وڃي ٿو تہ هي تلاءُ ’ڀاڻ/ ڀان‘ نالي هڪ مالدار ماڻهوءَ ٺهرايو هو. برسات جي موسم ۾ هي تلاءُ پاڻيءَ سان ڀرجي تار ٿي ويندو آهي تہ هن ۾ ٻاروهي پاڻي موجود رهندو آهي. ڏکڻ پاسي کان چڻيندا ٽڪريءَ تان لهندڙ ڪونڀا نئن جو پاڻي بہ هن تلاءُ ۾ اچي پوندو آهي. هي سنگها تلاءُ ويراواھہ جي سوڍن کي جاگير طور مليل هو. هن تلاءُ جو پاڻي سُڪڻ کانپوءِ ٻني کيڙي هيرڻ ۽ ڪڻڪ جي پوک ڪئي ويندي آهي. هن تلاءُ تي ڪيترن قسمن جا پرديسي پکي اچي لهندا آهن، هتي هڪ قسم جو ٽي چار فوٽ ڊگهو گاھہ ٿيندو آهي، جنهن کي ڪلورو چئبو آهي، جنهن مان پورهيت کٽن جو واڻ ٺاهيندا آهن ۽ ان گاھہ جي ڦرين جو ٻج ڏڪار جي وقت پيهين ماني ٺاهيندا آهن.


لفظ سنگها تلاءُھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو