سنگهہ (لفظ جو بنياد): کشتري (کتري)، جن کي هن وقت راجپوت سڏيو وڃي ٿو، پنھنجي نالي پٺيان سنگهہ/سنگ جو لفظ استعمال ڪندا آهن، جنهن جي لغوي معنيٰ ’شينهن‘ آهي، يعني ’بھادر‘. کتري تاريخ ۾ انتهائي بهادر، جنگجو، سورما، جوڌا، راجا ۽ مهاراجا رهيا آهن. اهو ئي سبب هو، جو کترين نالي سان گڏ ’سنگهہ‘ جو خطاب اختيار ڪيو. هن لفظ جو بنياد ٽئين وڪرمي سنبت کان ملي ٿو، جڏهن ايران جي شهنشاھہ هندو سڀيتا کي پنهنجو ڪيو ۽ پنھنجي نالي سان گڏ ’سنگهہ‘ لفظ ويرتا/ بهادريءَ لاءِ ڪم آندو. پهريائين گجرات راجپوتانا، مالوا، ڪاٺياواڙ ۽ دکن تي راڄ ڪرڻ واري شاڪ جاتي ايراني کترب ونسي (نسل) بھادر راجا رُودر داما جي پٽ، مھا پرتابي راجا ردرسنگهہ پنھنجي نالي پويان سنگهہ لڳايو. مالوا جي پرمار راجائن جي نالي جي پڇاڙيءَ ۾ سنگهہ لفظ لڳائڻ جو رواج وڪرمي سنبت 10 ۾، ميواڙ جي گهلوتن ۾، وڪرم سنبت 12 ۾، ڪڇواهن ۾ وڪرم سنبت 12 ۾، چوهاڻن وٽ وڪرمي سنبت 13 ۾ ۽ مارواڙ جي راٺوڙن ۾ وڪرمي سنبت 17 صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ رائج ٿيو. راجپوتن جي اثر هيٺ سکن جي ڏهين گرو گوبندسنگهہ (وڪرمي سنبت: 1722ع-1765ع) ارڙهين صديءَ ۾، سنگهہ جو لفظ پنھنجي نالي ۾ استعمال ڪيو هو. هاڻي هي لفظ سکن جي عام سڃاڻپ جوڪارڻ بڻجي ويو آهي. جيڪڏهن ڪنهن بہ دين/ ڌرم جو ماڻهو سک پنٿ کي اختيار ڪري ٿو تہ سندس نالي پٺيان ’سنگهہ‘ ضرور لڳايو ويندو آهي.