سنگيتا بجلاڻي

سنگيتا بجلاڻي

سنگيتا بجلاڻي

سنگيتا بجلاڻي: بالي ووڊ جي نامور سنڌي اداڪارہ ۽ اڳوڻي ماڊل سنگيتا بجلاڻي 9 جولاءِ 1960ع تي سنڌ جي تاريخي شھر سيوهڻ ۾ جنم ورتو. بعد ۾ سندس مائٽ ڀارت لڏي ويا. هن پنھنجي عملي زندگيءَ جي شروعات ماڊلنگ کان ڪئي. سنگيتا 1980ع ۾ حسن جو مقابلو کٽي ’مس انڊيا‘ جو خطاب حاصل ڪيو. مس انڊيا جو خطاب ماڻڻ کانپوءِ مشھور ٿي ۽ هن ڪمرشل ماڊلنگ بہ ڪئي. 1980ع ڌاري هن فلمي دنيا ۾ پير پاتو ۽ سڀ کان پهرين جي. پي دتا جي سپرهٽ فلم ’هٿيار‘ ۾ ڪم ڪيو. 1989ع ۾ هن فلم ’ترديو‘ ۾ ڪم ڪيو، جيڪا پڻ ڪافي مقبول ٿي. هن 1990ع ۾ مهيش ڀٽ جي فلم ’جرم‘ ۾ بہ اداڪاري ڪئي ۽ فلم فيئر سپورٽنگ ايڪٽريس جو اوارڊ حاصل ڪيو. هن انهن فلمن کانسواءِ ٻين بہ ڪافي فلمن ۾ پنھنجي اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا، جن ۾: عزت، يوگاندر، يوڌا، خون ڪا قرض ۽ وشنو ديوا فلم شامل آهن. سنگيتا فلمن ۾ ڪم ڪرڻ سان گڏوگڏ دور درشن ٽي. وي جي مقبول پروگرام ’رنگولي‘ ۽ زي ٽي. وي جي پروگرام ’چاندني‘ ۾ بہ ٽائيٽل رول ادا ڪندي رهي. سنگيتا مشھور هندستاني ڪرڪيٽر اظهرالدين سان شادي ڪرڻ کانپوءِ 1995ع ۾ فلمي دنيا کي ڇڏي ڏنو ۽ گهريلو زندگيءَ کي ٽائيم ڏئي رهي آهي.


لفظ سنگيتا بجلاڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1960.07.09  عيسوي

سنگيتا بجلاڻي 9 جولاءِ 1960ع تي سنڌ جي تاريخي شهر سيوهڻ ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ارل اسٽين
خورشيد حسن شيخ
حفظ ﷲ علوي مير
رايا ييگورووا
آريسر واھي فقير
ڀرڳڙي ڊاڪٽر محمد بخش
پيرو کٽي
بابا نيڀراڄ
ڄام غلام قادر خان
بھرام سھراب رستم جي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون