سنگيتا بجلاڻي

سنگيتا بجلاڻي

سنگيتا بجلاڻي

سنگيتا بجلاڻي: بالي ووڊ جي نامور سنڌي اداڪارہ ۽ اڳوڻي ماڊل سنگيتا بجلاڻي 9 جولاءِ 1960ع تي سنڌ جي تاريخي شھر سيوهڻ ۾ جنم ورتو. بعد ۾ سندس مائٽ ڀارت لڏي ويا. هن پنھنجي عملي زندگيءَ جي شروعات ماڊلنگ کان ڪئي. سنگيتا 1980ع ۾ حسن جو مقابلو کٽي ’مس انڊيا‘ جو خطاب حاصل ڪيو. مس انڊيا جو خطاب ماڻڻ کانپوءِ مشھور ٿي ۽ هن ڪمرشل ماڊلنگ بہ ڪئي. 1980ع ڌاري هن فلمي دنيا ۾ پير پاتو ۽ سڀ کان پهرين جي. پي دتا جي سپرهٽ فلم ’هٿيار‘ ۾ ڪم ڪيو. 1989ع ۾ هن فلم ’ترديو‘ ۾ ڪم ڪيو، جيڪا پڻ ڪافي مقبول ٿي. هن 1990ع ۾ مهيش ڀٽ جي فلم ’جرم‘ ۾ بہ اداڪاري ڪئي ۽ فلم فيئر سپورٽنگ ايڪٽريس جو اوارڊ حاصل ڪيو. هن انهن فلمن کانسواءِ ٻين بہ ڪافي فلمن ۾ پنھنجي اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا، جن ۾: عزت، يوگاندر، يوڌا، خون ڪا قرض ۽ وشنو ديوا فلم شامل آهن. سنگيتا فلمن ۾ ڪم ڪرڻ سان گڏوگڏ دور درشن ٽي. وي جي مقبول پروگرام ’رنگولي‘ ۽ زي ٽي. وي جي پروگرام ’چاندني‘ ۾ بہ ٽائيٽل رول ادا ڪندي رهي. سنگيتا مشھور هندستاني ڪرڪيٽر اظهرالدين سان شادي ڪرڻ کانپوءِ 1995ع ۾ فلمي دنيا کي ڇڏي ڏنو ۽ گهريلو زندگيءَ کي ٽائيم ڏئي رهي آهي.


لفظ سنگيتا بجلاڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1960.07.09  عيسوي

سنگيتا بجلاڻي 9 جولاءِ 1960ع تي سنڌ جي تاريخي شهر سيوهڻ ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

درس محمد سچل
پريم چند منشي
غوث بخش بروهي
سيد محمد عالم شاھہ شيرازي
پير حسام الدين راشدي
آبش بھراڻي
برڪت علي ڀٽ
رضوي سيد محمد شريف
پانڌي خان لغاري اول
رائڌڻ منڌرو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون