سنگي ڪباب

سنگي- ڪبابKabab) (Singi/ Singhi-: پراڻن درسي ۽ جاگرافيءَ جي ڪتابن ۾ ڄاڻايو ويو آهي تہ: ”سنڌو درياھہ، ٿٻيٽ (Tibet) ملڪ جي ’مانسروور‘ ڍنڍ مان نڪري ٿو. هن ڍنڍ کي ٿٻيٽ جا ماڻهو مقدس تصور ڪندا آهن ۽ اهي بہ هن ڍنڍ کي ’سنڌو درياھہ‘ جو سرچشمو ئي سمجهندا پئي رهيا آهن. پر جديد تحقيق اهو ثابت ڪيو آهي تہ: ”سنڌو درياھہ، مانسروور ڍنڍ کان ٽيھہ ميل پريان ڪيلاش پربت جي ان هنڌ تان نڪري ٿو، جنهن کي ’سنگي ڪباب‘ (Singhi- Kabab) يعني ’شينهن جو منهن‘ سڏيو وڃي ٿو. ان ڪري ٿٻيٽ ۾، سنڌو درياه کي ’سنگهي/ سنگي درياھہ‘ يعني ’شينهن درياھہ‘ (The Lion River) سڏيندا آهن.“
قديم هندو ڏندڪٿائي تصويرن ۾ بہ هند-سنڌ جي چئن درياهن کي چئن مقدس ساهوارن/ جانورن جي منهن مان نڪرندي ڏيکاريو ويو آهي. برهما پترا کي گهوڙي جي منهن مان وهندي ڏيکاريو ويو آهي، ڪرنالي (گنگانديءَ جي هڪ وڏي سهڪاري ندي) کي مور جي منهن مان نڪرندي ڏيکاريو ويو آهي. ستلج نديءَ کي هاٿيءَ جي منهن مان ۽ سنڌو درياھہ کي شينهن جي منهن مان نڪرندي/ وهندي ڏيکاريو ويو آهي. هي چارئي درياھہ اوڀر، ڏکڻ، اولھہ ۽ اُتر طرف نڪرندي ڏيکاريا ويا آهن.
مانسروور ڍنڍ، دنيا جي مٿانهين هنڌ، سمنڊ جي سطح کان 15000 فوٽ اوچائيءَ تي، ٿٻيٽ جي اولھہ ۾ واقع آهي ۽ اها چوڌاري جبلن ۾ گهيريل آهي. هن ڍنڍ کي ٿٻيٽ واسي نہ رڳو درياهن جو منبع سمجهندا آهن، پر سندن ويساھہ آهي تہ خدا هتي رهي ٿو. هو ڪيلاش پربت کي ڪائنات جو مرڪز سمجهندا آهن، جتي سندن عقيدي موجب هزارين ديوتا ۽ قدرت جا روح رهندا آهن.
مانسروور ڍنڍ ۽ ان سان لاڳاپيل هن مقدس ۽ افسانوي ماٿريءَ بابت سڀ کان 17-18 صديءَ ۾ پورچوگيزي ڪئٿولڪ مشنرين ڄاڻ ڏن هئي. هو هن ماٿريءَ ۾ ٻڌ-ڪافرن کي عيسائي بنائڻ لاءِ پهتا هئا. ان کانپوءِ، انڊيا ڪمپني'>ايسٽ انڊيا ڪمپني بنگال جو هڪ انگريز ملازم، وٽرنري سرجن ’مور ڪرافٽ‘ هن پوتر واديءَ ۾ پهتو. هو هتي 1811ع ۾ پهتو ۽ هن ئي مغربي دنيا کي وڌيڪ تفصيل ٻڌايا.
’مور ڪرافٽ‘ هتي پهچڻ لاءِ وڏا ڪشالا ڪڍايا. هو هتي ويس بدلائي پهتو ۽ هن پهريون ڀيرو سنڌو درياھہ جي روايتي منبع مانسروور جو واضح ۽ سائنسي مشاهدو ڪيو ۽ ان جا چارئي پاسا گهميو. مانسروور جي گهري مشاهدي کانپوءِ مون ڪرافٽ ان نتيجي تي پهتو تہ مانسروور ڍنڍ سنڌو درياھہ يا ٻين درياهن جو اصلي منبع/سرچشمو نہ آهي. پر هو سنڌو ۽ ٻين درياهن جي نڪرڻ جو اصلي هنڌ معلوم نہ ڪري سگهيو.
’سنڌو درياھہ‘ جي اصل منڍ يا نڪرڻ جي هنڌ جي معلومات دنيا کي سڀ کان اڳ، سويڊن ملڪ جي هڪ سياح ۽ مھم جو شخص، ’سيون هيڊن’ (Seven Hedin) ڏني. هو 1907ع جي اونهاري ۾ پنهنجن ساٿين سان گڏ مانسروور ڍنڍ تي پهتو. هن سان سفر ۾ گڏ هڪ يورپي دوست، ٽيھہ ملازم ۽ مزدور، گهوڙا، خچر ۽ رڍون هيون، جيڪي روزانو ڪُهي کائيندا هئا. ان کانسواءِ سندس سامان ۾ دوائن جي پيتي، سروي جو سامان، نقشي تيار ڪرڻ ۽ لکڻ جو سامان ۽ هڪ ننڍي تھہ ٿي سگهندڙ ڪينواس جي ٻيڙي (انگلنڊ جي ٺهيل) هئي، جيڪا هڪ سڙھہ ۽ ونجهہ سان هلائي سگهبي هئي. هيڊن جي هن ڪٺن سفر جو مقصد اهو هو تہ هو برهمپترا ۽ سنڌوءَ جا منڍ ڳولي هٿ ڪري، مانسروور جي تري ۽ اونهاريءَ جي ڄاڻ حاصل ڪري ۽ اهو معلوم ڪري تہ مانسروور ڍنڍ ڪيڏي وڏي آهي ۽ ان جي چوڌاري ٻڌن ۽ ٻين مذهبن وارن جا مندر ۽ مٺ ڪيترا آهن.
هندو ڌرم ۽ ٻڌ ڌرم جا پوئلڳ، مانسروور ڍنڍ کي ’ديوتائن جو آستان‘ ڪري مڃيندا آهن. انهن ’هيڊن‘ کي ڏاڍو سمجهايو تہ هو مانسروور واريءَ تي هڪ وڏو وڻ آهي، جنهن ۾ ساڌن جا ڪيترا حجرا لٽڪيل آهن. هن وڻ ڍنڍ ۾ هيٺ ديوتائن جي قلعي کي ڍڪي رکيو آهي، جيڏهن ٻيڙي اتي پهتي تہ ديوا ڪاوڙجي پوندا ۽ سندس ٻيڙي اونڌي ڪري ڇڏيندا. پر هيڊن نہ مڙيو ۽ ٻيڙي ڍنڍ ۾ لاهي اڳتي وڌيو تہ خانقاهن جي راهبن کيس گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هي ٻيڙيءَ جو رخ ڦيرائي اندر نڪري ويو. هو پنھنجي ڪم ۾ جنبي ويو ۽ پورا مهيان، ڏينهن رات، ڍنڍ جي گهرائي ۽ اونهائيءَ جي ماپ وٺندو رهيو. آخر هو ان نتيجي تي پهتو تہ مانسروور ڍنڍ گهڻي ڀاڱي گولائيءَ ۾ آهي ۽ ان جي ايراضي 15 چورس ميل آهي ۽ ان جي وڌ ۾ وڌ اونهائي 250 فٽ آهي. وڏي ڳالھہ تہ هن اهو ثابت ڪري ورتو تہ ”سنڌو درياھہ جو نڪرڻ جو اصل هنڌ مانسروور نہ آهي.هن قديم سياح ’مور ڪرافٽ‘ جي رپورٽن ۽ پنھنجي تحقيق رستي اندازو لڳايو تہ سنڌوءَ جو اهل سرچشمو اتر طرف ڪٿي آهي، پر کيس ان طرف وڃڻ جي اجازت حاصل نہ هئي.
’هيڊن‘ هڪ بيڊپو، بھادر ۽ اورچ سياح ۽ سياستدان هو. هو پنھنجي خچر تي سامان رکي، پنهنجن ماڻهن کي وٺي، ڪيلاش پربت جو چڪر لڳائي، ٿٻيٽ جي اُتر-اولھہ ۾ ’سنڌوءَ جي منڍ‘ جي ڳولا ۾ ڀٽڪندو رهيو. اوچتو هڪڙي ماٿريءَ ۾ پهتو، جتي ريڍارن رڍون پئي چاريون. هن انهن کان پڇا ڳاڇا ڪئي، انهن مان هڪڙي هام هنئي تہ هو کيس ’سنڌوءَ جو منهن‘ (سنگي-ڪباب) ڏيکاريندو. نيٺ هي ٻئي ڄڻا، جبل جهاڳيندا، ميلن جا ميل پنڌ ڪندا آخر 17000 فوٽن جي اوچائيءَ تي هڪ هموار واديءَ ۾ وڃي پهتا، جتي جبل جي دامن مان هڪ سرجي شڪل جي هڪ اڇي ٽڪري ٻاهر نڪتل هئي. ان ٽڪريءَ جي هيٺان پاڻيءَ جا چشما وهي رهيا هئا، جن جو پاڻي گاھہ سان ڇانيل تلائن ۾ گڏ ٿي رهيو هو. سکائون باسيندڙن جا مٽيءَ جا ننڍڙا احرام ۽ پٿرن جون ڍيريون هنڌ هنڌ پکڙيل هيون ۽ پهاڙن تي ڪجهہ تحريرون بہ هيون. هي ئي اهو مقدس هنڌ ’سندوءَ جو منهن‘ هو جيڪو ڏسي هو حيرت ۽ خوشيءَ جي گڏيل احساسن ۾ گهيرجي ويو. هيڊن جي جفاڪشيءَ ۽ کوجنا نيٺ رنگ لاتو. هو لکي ٿو: ”آئون هٿ ٻڌي خاموشيءَ سان سوچيندو رهيس، ۽ فخر ۽ شڪرگذاريءَ سان منهنجو ڳاٽ اوچو ٿي ويو تہ آئون اهو پهريون گورو شخص آهيان جيڪو منزل تي پڄي ويو آهيان. آئون اُتي بيهي سنڌو درياھہ کي ڌرتيءَ جي گود مان نڪرندو ڏسندو رهيس تہ هي آهي عظيم سنڌوءَ (Almighty Sindhu) جو ’شينهن وارو منهن‘
(سنگي-ڪباب).“
واقعي ’سيون هيڊن‘ اهو پهريون اڇي چمڙيءَ وارو شخص هو، جيڪو هن ’طاقت جي سرچشمي‘ سنڌوءَ جي ڦٽي نڪرڻ/ پيدائش واري هنڌ تي پهتو هو. پنھنجي سرچشمي ’سنگي-ڪباب‘ مان نڪرڻ کانپوءِ سنڌو درياھہ ٿٻيٽ جي مٿاهين مٿاڇري جي اولھہ ۾ واقع اوچين ماٿرين مان سفر ڪندو، اتر اولھہ ۽ پوءِ اولھہ جو رُخ ڪري ٿو. اهڙيءَ ريت سنڌو درياھہ، نقشي ۾ هڪ ’ڏانٽي‘ جي شڪل ٺاهيندو نظر اچي ٿو. بهرحال هن درياھہ جي داستان جو پهريون حصو، اولھہ ٿٻيٽ جي داستان تي مشتمل آهي، پر مغربي دنيا لاءِ هي داستان بنھہ مختصر ۽ نامڪمل آهي، جو اڃا تائين هن علائقي جي تاريخ نہ لکي وئي آهي.
سنڌو درياھہ، ڪيلاش پربت جي دامن مان ’سنگي-ڪباب‘ وٽان ڦٽي، هماليہ جي ڦاٽن مان وهندو، اٽڪل 760 ڪلوميٽر سفر لھي ڪري لداخ ۾ داخال ٿئي ٿو. ڪيلاش جبل، هندو ڏند ڪٿا موجب ديوتائن جو مسڪن ۽ ڀولي ناٿ شو شنڪر جي ’ارضي جنت‘ آهي، جتي شِوَ پنھنجي پريم پتني پاروتيءَ سان گڏ رهندو هو. ’شو لِنگ‘ تخليق جي علامت آهي، جتان انساني نشونما جا سرچشما ڦُٽي نڪرن ٿا. ان حوالي سان شو مهراج جي ڌرتي، ڪيلاش پربت مان نڪرندڙ ’سنڌو درياھہ‘ بہ حيات بخش درياھہ آهي. هي درياھہ ڪيلاش، لداخ ۽ ڪشمير کان ٿيندو، هي ’سنگي درياھہ‘ (شينهن درياھہ) پنجاب جا پٽ لتاڙيندو، ڇم ڇم ڪندو، پهڪندو، سنڌ ۾ داخل ٿئي ۽ سندس دم سان ان سموري خطي ۾ آباديون ۽ وسنديون آباد آهن.


لفظ سنگي ڪبابھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو