سنگي- ڪبابKabab) (Singi/ Singhi-: پراڻن درسي ۽ جاگرافيءَ جي ڪتابن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته: ”سنڌو درياهه، ٿٻيٽ (Tibet) ملڪ جي ’مانسروور‘ ڍنڍ مان نڪري ٿو. هن ڍنڍ کي ٿٻيٽ جا ماڻهو مقدس تصور ڪندا آهن ۽ اهي به هن ڍنڍ کي ’سنڌو درياهه‘ جو سرچشمو ئي سمجهندا پئي رهيا آهن. پر جديد تحقيق اهو ثابت ڪيو آهي ته: ”سنڌو درياهه، مانسروور ڍنڍ کان ٽيهه ميل پريان ڪيلاش پربت جي ان هنڌ تان نڪري ٿو، جنهن کي ’سنگي ڪباب‘ (Singhi- Kabab) يعني ’شينهن جو منهن‘ سڏيو وڃي ٿو. ان ڪري ٿٻيٽ ۾، سنڌو درياه کي ’سنگهي/ سنگي درياهه‘ يعني ’شينهن درياهه‘ (The Lion River) سڏيندا آهن.“
قديم هندو ڏندڪٿائي تصويرن ۾ به هند-سنڌ جي چئن درياهن کي چئن مقدس ساهوارن/ جانورن جي منهن مان نڪرندي ڏيکاريو ويو آهي. برهما پترا کي گهوڙي جي منهن مان وهندي ڏيکاريو ويو آهي، ڪرنالي (گنگانديءَ جي هڪ وڏي سهڪاري ندي) کي مور جي منهن مان نڪرندي ڏيکاريو ويو آهي. ستلج نديءَ کي هاٿيءَ جي منهن مان ۽ سنڌو درياهه کي شينهن جي منهن مان نڪرندي/ وهندي ڏيکاريو ويو آهي. هي چارئي درياهه اوڀر، ڏکڻ، اولهه ۽ اُتر طرف نڪرندي ڏيکاريا ويا آهن.
مانسروور ڍنڍ، دنيا جي مٿانهين هنڌ، سمنڊ جي سطح کان 15000 فوٽ اوچائيءَ تي، ٿٻيٽ جي اولهه ۾ واقع آهي ۽ اها چوڌاري جبلن ۾ گهيريل آهي. هن ڍنڍ کي ٿٻيٽ واسي نه رڳو درياهن جو منبع سمجهندا آهن، پر سندن ويساهه آهي ته خدا هتي رهي ٿو. هو ڪيلاش پربت کي ڪائنات جو مرڪز سمجهندا آهن، جتي سندن عقيدي موجب هزارين ديوتا ۽ قدرت جا روح رهندا آهن.
مانسروور ڍنڍ ۽ ان سان لاڳاپيل هن مقدس ۽ افسانوي ماٿريءَ بابت سڀ کان 17-18 صديءَ ۾ پورچوگيزي ڪئٿولڪ مشنرين ڄاڻ ڏن هئي. هو هن ماٿريءَ ۾ ٻڌ-ڪافرن کي عيسائي بنائڻ لاءِ پهتا هئا. ان کانپوءِ، انڊيا ڪمپني'>ايسٽ انڊيا ڪمپني بنگال جو هڪ انگريز ملازم، وٽرنري سرجن ’مور ڪرافٽ‘ هن پوتر واديءَ ۾ پهتو. هو هتي 1811ع ۾ پهتو ۽ هن ئي مغربي دنيا کي وڌيڪ تفصيل ٻڌايا.
’مور ڪرافٽ‘ هتي پهچڻ لاءِ وڏا ڪشالا ڪڍايا. هو هتي ويس بدلائي پهتو ۽ هن پهريون ڀيرو سنڌو درياهه جي روايتي منبع مانسروور جو واضح ۽ سائنسي مشاهدو ڪيو ۽ ان جا چارئي پاسا گهميو. مانسروور جي گهري مشاهدي کانپوءِ مون ڪرافٽ ان نتيجي تي پهتو ته مانسروور ڍنڍ سنڌو درياهه يا ٻين درياهن جو اصلي منبع/سرچشمو نه آهي. پر هو سنڌو ۽ ٻين درياهن جي نڪرڻ جو اصلي هنڌ معلوم نه ڪري سگهيو.
’سنڌو درياهه‘ جي اصل منڍ يا نڪرڻ جي هنڌ جي معلومات دنيا کي سڀ کان اڳ، سويڊن ملڪ جي هڪ سياح ۽ مهم جو شخص، ’سيون هيڊن’ (Seven Hedin) ڏني. هو 1907ع جي اونهاري ۾ پنهنجن ساٿين سان گڏ مانسروور ڍنڍ تي پهتو. هن سان سفر ۾ گڏ هڪ يورپي دوست، ٽيهه ملازم ۽ مزدور، گهوڙا، خچر ۽ رڍون هيون، جيڪي روزانو ڪُهي کائيندا هئا. ان کانسواءِ سندس سامان ۾ دوائن جي پيتي، سروي جو سامان، نقشي تيار ڪرڻ ۽ لکڻ جو سامان ۽ هڪ ننڍي تهه ٿي سگهندڙ ڪينواس جي ٻيڙي (انگلنڊ جي ٺهيل) هئي، جيڪا هڪ سڙهه ۽ ونجهه سان هلائي سگهبي هئي. هيڊن جي هن ڪٺن سفر جو مقصد اهو هو ته هو برهمپترا ۽ سنڌوءَ جا منڍ ڳولي هٿ ڪري، مانسروور جي تري ۽ اونهاريءَ جي ڄاڻ حاصل ڪري ۽ اهو معلوم ڪري ته مانسروور ڍنڍ ڪيڏي وڏي آهي ۽ ان جي چوڌاري ٻڌن ۽ ٻين مذهبن وارن جا مندر ۽ مٺ ڪيترا آهن.
هندو ڌرم ۽ ٻڌ ڌرم جا پوئلڳ، مانسروور ڍنڍ کي ’ديوتائن جو آستان‘ ڪري مڃيندا آهن. انهن ’هيڊن‘ کي ڏاڍو سمجهايو ته هو مانسروور واريءَ تي هڪ وڏو وڻ آهي، جنهن ۾ ساڌن جا ڪيترا حجرا لٽڪيل آهن. هن وڻ ڍنڍ ۾ هيٺ ديوتائن جي قلعي کي ڍڪي رکيو آهي، جيڏهن ٻيڙي اتي پهتي ته ديوا ڪاوڙجي پوندا ۽ سندس ٻيڙي اونڌي ڪري ڇڏيندا. پر هيڊن نه مڙيو ۽ ٻيڙي ڍنڍ ۾ لاهي اڳتي وڌيو ته خانقاهن جي راهبن کيس گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هي ٻيڙيءَ جو رخ ڦيرائي اندر نڪري ويو. هو پنهنجي ڪم ۾ جنبي ويو ۽ پورا مهيان، ڏينهن رات، ڍنڍ جي گهرائي ۽ اونهائيءَ جي ماپ وٺندو رهيو. آخر هو ان نتيجي تي پهتو ته مانسروور ڍنڍ گهڻي ڀاڱي گولائيءَ ۾ آهي ۽ ان جي ايراضي 15 چورس ميل آهي ۽ ان جي وڌ ۾ وڌ اونهائي 250 فٽ آهي. وڏي ڳالهه ته هن اهو ثابت ڪري ورتو ته ”سنڌو درياهه جو نڪرڻ جو اصل هنڌ مانسروور نه آهي.هن قديم سياح ’مور ڪرافٽ‘ جي رپورٽن ۽ پنهنجي تحقيق رستي اندازو لڳايو ته سنڌوءَ جو اهل سرچشمو اتر طرف ڪٿي آهي، پر کيس ان طرف وڃڻ جي اجازت حاصل نه هئي.
’هيڊن‘ هڪ بيڊپو، بهادر ۽ اورچ سياح ۽ سياستدان هو. هو پنهنجي خچر تي سامان رکي، پنهنجن ماڻهن کي وٺي، ڪيلاش پربت جو چڪر لڳائي، ٿٻيٽ جي اُتر-اولهه ۾ ’سنڌوءَ جي منڍ‘ جي ڳولا ۾ ڀٽڪندو رهيو. اوچتو هڪڙي ماٿريءَ ۾ پهتو، جتي ريڍارن رڍون پئي چاريون. هن انهن کان پڇا ڳاڇا ڪئي، انهن مان هڪڙي هام هنئي ته هو کيس ’سنڌوءَ جو منهن‘ (سنگي-ڪباب) ڏيکاريندو. نيٺ هي ٻئي ڄڻا، جبل جهاڳيندا، ميلن جا ميل پنڌ ڪندا آخر 17000 فوٽن جي اوچائيءَ تي هڪ هموار واديءَ ۾ وڃي پهتا، جتي جبل جي دامن مان هڪ سرجي شڪل جي هڪ اڇي ٽڪري ٻاهر نڪتل هئي. ان ٽڪريءَ جي هيٺان پاڻيءَ جا چشما وهي رهيا هئا، جن جو پاڻي گاهه سان ڇانيل تلائن ۾ گڏ ٿي رهيو هو. سکائون باسيندڙن جا مٽيءَ جا ننڍڙا احرام ۽ پٿرن جون ڍيريون هنڌ هنڌ پکڙيل هيون ۽ پهاڙن تي ڪجهه تحريرون به هيون. هي ئي اهو مقدس هنڌ ’سندوءَ جو منهن‘ هو جيڪو ڏسي هو حيرت ۽ خوشيءَ جي گڏيل احساسن ۾ گهيرجي ويو. هيڊن جي جفاڪشيءَ ۽ کوجنا نيٺ رنگ لاتو. هو لکي ٿو: ”آئون هٿ ٻڌي خاموشيءَ سان سوچيندو رهيس، ۽ فخر ۽ شڪرگذاريءَ سان منهنجو ڳاٽ اوچو ٿي ويو ته آئون اهو پهريون گورو شخص آهيان جيڪو منزل تي پڄي ويو آهيان. آئون اُتي بيهي سنڌو درياهه کي ڌرتيءَ جي گود مان نڪرندو ڏسندو رهيس ته هي آهي عظيم سنڌوءَ (Almighty Sindhu) جو ’شينهن وارو منهن‘
(سنگي-ڪباب).“
واقعي ’سيون هيڊن‘ اهو پهريون اڇي چمڙيءَ وارو شخص هو، جيڪو هن ’طاقت جي سرچشمي‘ سنڌوءَ جي ڦٽي نڪرڻ/ پيدائش واري هنڌ تي پهتو هو. پنهنجي سرچشمي ’سنگي-ڪباب‘ مان نڪرڻ کانپوءِ سنڌو درياهه ٿٻيٽ جي مٿاهين مٿاڇري جي اولهه ۾ واقع اوچين ماٿرين مان سفر ڪندو، اتر اولهه ۽ پوءِ اولهه جو رُخ ڪري ٿو. اهڙيءَ ريت سنڌو درياهه، نقشي ۾ هڪ ’ڏانٽي‘ جي شڪل ٺاهيندو نظر اچي ٿو. بهرحال هن درياهه جي داستان جو پهريون حصو، اولهه ٿٻيٽ جي داستان تي مشتمل آهي، پر مغربي دنيا لاءِ هي داستان بنهه مختصر ۽ نامڪمل آهي، جو اڃا تائين هن علائقي جي تاريخ نه لکي وئي آهي.
سنڌو درياهه، ڪيلاش پربت جي دامن مان ’سنگي-ڪباب‘ وٽان ڦٽي، هماليه جي ڦاٽن مان وهندو، اٽڪل 760 ڪلوميٽر سفر لهي ڪري لداخ ۾ داخال ٿئي ٿو. ڪيلاش جبل، هندو ڏند ڪٿا موجب ديوتائن جو مسڪن ۽ ڀولي ناٿ شو شنڪر جي ’ارضي جنت‘ آهي، جتي شِوَ پنهنجي پريم پتني پاروتيءَ سان گڏ رهندو هو. ’شو لِنگ‘ تخليق جي علامت آهي، جتان انساني نشونما جا سرچشما ڦُٽي نڪرن ٿا. ان حوالي سان شو مهراج جي ڌرتي، ڪيلاش پربت مان نڪرندڙ ’سنڌو درياهه‘ به حيات بخش درياهه آهي. هي درياهه ڪيلاش، لداخ ۽ ڪشمير کان ٿيندو، هي ’سنگي درياهه‘ (شينهن درياهه) پنجاب جا پٽ لتاڙيندو، ڇم ڇم ڪندو، پهڪندو، سنڌ ۾ داخل ٿئي ۽ سندس دم سان ان سموري خطي ۾ آباديون ۽ وسنديون آباد آهن.