سنگ سچ ۽ سونهن جو (ڪتاب): هي ڪتاب سنڌي لوڪ ادب سان تعلق رکي ٿو، جنهن ۾ سگهڙ وريام فقير شيخ جي سگهڙائپ واري شاعري ڏنل آهي، جنهن جو مرتب ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو آهي. هن ڪتاب جو انتساب وريام فقير پنھنجي مرشد پير پاڳاري سيد صِبغت ﷲ شاھہ جي نالي ڪيو آهي. ڪتاب جي بئڪ ٽائٽل تي ڪتاب جي مرتب ڊاڪٽر غلام نبي سڌائي جا ’ڪتاب جي باري ۾‘ جي عنوان سان مختصر تاثرات شامل آهن. رنگين ٽائيٽل ، ڊيمي سائيز، پڪي جلد ۽ 96 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب رائل ڪرائون پريس لکيدر شڪارپور پاران 2001ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، جنهن جي قيمت 50 روپيا آهي.