سن ساوڙي

سن ساوڙي: سنڌ جو جهونو ڳوٺ سن ساوڙي، موري کان 25 ڪلوميٽر اوڀر طرف آهي. ڪن تاريخي روايتن موجب راجا ڏاهر سن ساوڙيءَ ۾ اچي رهندو هو. هتي هڪ قديم دڙو بہ آهي، جنهن لاءِ گمان ڏيکاريو ويو آهي تہ اهو ماڳ راجا ڏاهر جي بيٺڪ هئي. سن ساوڙيءَ جي انهيءَ ماڳ کي ’واريءَ جو دڙو‘ سڏيو وڃي ٿو. هي قديم ماڳ ٻُڌ دور جو يادگار آهي. سن ساوڙي، ’سن وِهار‘ جو بگڙيل تلفظ آهي. تاريخ ۾ آهي تہ هن ئي ڳوٺ مان سنڌوءَ جو طاقتور وهڪرو لنگهندو هو، پر وقت گذرڻ سان گڏ درياھہ بہ پنهنجو پاسو بدلائي ويو. سن ساوڙيءَ جي ڀرپاسي ۾ صديون پراڻا آثار مليا آهن، جيڪي سرڪار پاران محفوظ ڪرڻ لاءِ چؤديواري ڏئي، ماهرن کان تحقيق ڪرائي پئي وڃي. سن ساوڙيءَ ۾ زراعت ۽ چوپائي مال تي عام ماڻهن جو گذران آهي. هتي تاريخي قبرستان پڻ آهي، جنهن لاءِ ٻڌايو وڃي ٿو تہ اهو عربن جي دور جو آهي. قديم ٺل مير رڪڻ هتان کان ڇھہ ڪلوميٽر اولھہ ڏکڻ ۾ واقع آهي.


لفظ سن ساوڙيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو