سهانجڙو
سهانجڙو Horseradish Tree): ٻوٽو): سهانجڙو، سنڌ جو هڪ مشهور وڻ آهي، جيڪو 15 کان 20 فوٽ قداور ٿيندو آهي. سهانجڙي جو ٿڙ ٿلهو ٿيندو آهي، جيڪو 5 کان ڇهه فوٽ ويڪرو ۽ مضبوط ٿيندو آهي. سهانجڙي جو وڻ سال ۾ ٻن کان ٽي دفعا گل ۽ ڦر جهليندو آهي، جيڪي اڇا ڳاڙها ٿين ٿا. هن جون ڦريون هڪ کان ٻه فوٽ ڊگهيون ٿينديون آهن، جن ۾ ٽڪنڊي شڪل جو ٻج ٿيندو آهي. سهانجڙي کي سنڌيءَ ۾ ’سئانجڙو/ سوانجڙو‘ به چوندا آهن.
هي وڻ سنڌ کانسواءِ هماليه جي هيٺين علائقن، بلوچستان، خيبر پختونخوا، هندستان جي اڪثر علائقن، سريلنڪا، برما ۽ ٻين گرم ملڪن ۾ پوکيو ويندو آهي.
هن وڻ کي اردوءَ ۾ سينجنا/ سونجنا، انگريزيءَ ۾ Horse Radish Tree ۽ نباتاتي ٻوليءَ ۾ Moringa Oleifera Iam سڏيو ويندو آهي.
هن وڻ جي سطحي کل يعني ٿُڙ مان کنئور ملندو آهي، جيڪو مختلف دوائن ۾ ڪم ايندو آهي. هن جون ڦريون، ڇوڏا ۽ ٻيا حصا، سنڌ ۽ بنگال جا حڪيم دوائن لاءِ ڪم آڻيندا آهن. اُهي دوائون هاضمي، قبضيءَ جي خاتمي، سوزش، پيٽ جي ڪيڙن، ڦرڙين، چٽيءَ، ڪن ۽ مٿي جي سور، نانگ جي چڪ، سنڌن جي سور، گلي جي سوزش ۽ مرگهيءَ جي بيمارين ۾ ڪم اينديون آهن. سهانجڙي جي پاڙ جو رس مثاني جي پٿريءَ کي ختم ڪندو آهي.
سهانجڙي جو ڇوڏو ڀوري رنگ جو ٿيندو آهي. سهانجڙي ۾ ٿڙ کان مٿي ٽاريون نڪرنديون آهن، جن ۾ ڊگها پن، ٽاريءَ جي ٻنهي پاسن کان آمهون سامهون ٿين ٿا. وڻ جا تازا ڦُٽل حصا ٻُر/ بُجن ۽ پنن وارا، ڇانو ڏيندڙ ٿين ٿا. ننڍڙا پن (ٻُونگر) ٽن کان 9 گڏيل جوڙن جي صورت ۾ هوندا آهن. ٻونگر جي مٿين سطح هلڪي بوجري ۽ هيٺين سطح سڻڀي ۽ چمڪدار ٿئي ٿي. پاسي واري ٻونگر (ننڍڙا پن) شڪل ۾ بيضوي (Oval) ٿئي ٿي، جڏهن ته چوٽيءَ وارا پن ان جي ابتڙ ڏسڻ ۾ ايندا آهن. هن وڻ جي گل تي بيضي نما گونچ هوندا آهن. هي وڻ جنوريءَ کان اپريل تائين واڌ ڪندو آهي.