سهراب خان سرڪي، ڊاڪٽر

سهراب خان سرڪي، ڊاڪٽر

سهراب خان سرڪي ڊاڪٽر

سهراب خان سرڪي، ڊاڪٽر: ناميارو سياستدان ۽ پ.پ اڳواڻ ڊاڪٽر سهراب خان ولد سردار واحد بخش خان سرڪي، 30 جولاءِ 1968ع تي ڳوٺ ڳڙهي حسن، تعلقي ٺُل، ضلعي جيڪب آباد ۾ پيدا ٿيو. هن ماڊرن هاءِ اسڪول سکر مان مئٽرڪ ۽ گورنمينٽ ڪاليج ٺل مان انٽر پاس ڪئي. ان بعد پوليٽيڪل سائنس ۾ ايم. اي جي ڊگري شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور ميرس مان ورتائين، جنهن بعد ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ڪراچيءَ مان ايم. بي. بي. ايس پاس ڪيائين، ان کانپوءِ هن عملي سياست ۾ حصو ورتو ۽ ابتدا کان وٺي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان وابستہ رهيو آهي.
ڊاڪٽر سهراب سرڪي پهريون ڀيرو 1993ع ۾ آزاد اميدوار طور صوبائي چونڊن ۾ بيٺو ۽ مير حسن خان کوسي کي شڪست ڏئي صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ۽ پوءِ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪيائين. سهراب سرڪي 1997ع جي صوبائي چونڊن ۾ بہ ڪامياب ٿيو ۽ 2002ع جي صوبائي چونڊن ۾ بہ ڪامياب ٿيو ۽ پ.پ.پ (پيٽرياٽ) جو ميمبر رهيو، ان دوران بين الصوبائي رابطن جو صوبائي وزير رهيو. سهراب سرڪي 2013ع وارين چونڊن ۾ پي. ايس 15 جيڪب آباد/ ڪشمور تڪ تان ڪاميابي حاصل ڪئي.
ڊاڪٽر سهراب سرڪي سماجي ڪمن ۾ بہ اڳڀرو رهيو آهي. هن پنھنجي علائقي ۾ ڪاليجن ۽ اسڪولن جي قيام لاءِ عملي ڪوششون ڪيون آهن. مختلف وقتن تي سعودي عرب، فرانس، سنگاپور، شام، دبئي ۽ انگلنڊ جا دورا پڻ ڪري چڪو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1968.07.30  عيسوي

ناميارو سياستدان ۽ پ.پ اڳواڻ ڊاڪٽر سهراب خان ولد سردار واحد بخش خان سرڪي، 30 جولاءِ 1968ع تي ڳوٺ ڳڙهي حسن، تعلقي ٺُل، ضلعي جيڪب آباد ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سراج الدوله نواب
ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو
پيرل قنبر
سَنت شڌارام
جشن واسواڻي دادا
ٽالسٽاء
پلي خانصاحب عطا محمد
انور بلوچ
ترون منسکاڻي
تھمينه سومرو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون