سـهـروردي سلـسلـو: تـصـوف جي دنيا جا چـار اهـم سـلـسـلا: سهروردي، چشتي، قادري ۽ نقشبندي خاص اهميت رکن ٿا. صوفين جا ڪي ٻيا سلسلا به معروف آهن، جن ۾ باطني، ملامتي ۽ قلندري سلسلا اچي وڃن ٿا. ان کانسواءِ مٿي ذڪر ڪيل چئن طريقن ۾ وڌيڪ تقسيم ٿي ڪجهه نوان سلسلا به پيدا ٿيا. ان هوندي به مکيه اهميت ذڪر ڪيل چئن سلسلن کي حاصل پئي رهي آهي.
سهروردي سلسلي جو بنياد شيخ ابوالنجيب عبدالقاهر رکيو. جنهن سهرورد، ايران ۾ 1077ع ۾ جنم ورتو ۽ ان نسبت سان سهروردي سڏجڻ ۾ آيو. نامور صوفي امام محمد غزاليءَ جي ڀاءُ شيخ محمد ۽ سيد عبدالقادر جيلانيءَ کان روحاني فيض حاصل ڪيائين. ديني ۽ روحاني تعليم جي تڪميل کان پوءِ بغداد جي مشهور درسگاهه ’نظاميه‘ ۾ مکيه منصب تي رهيو. سن 1161ع ۾ بيت المقدس جي زيارت لاءِ روانو ٿيو، پر کيس ڪاميابي حاصل نه ٿي. ان ڪري موٽي دمشق آيو ۽ درس تدريس ۾ مشغول رهيو. سندس هدايت ۽ وعظ عام ماڻهن تي تمام گهرو اثر ڇڏيو. اعليٰ درجي جو مصنف هو ۽ ڳچ ڪتاب لکيائين، جن مان ٻه محفوظ رهيا.
شيخ ابو النجيب عبدالقاهر 1168ع ۾ بغداد ۾ وفات ڪئي. سهروردي سلسلو جيتوڻيڪ اڳتي هلي وڌيڪ ٽن سلسلن: ڪبرويه، شطاريه ۽ فردوسيه ۾ تقسيم ٿيو. ليڪن هن خاص سهروردي طريقي کي، شيخ جي ڀائٽيي شيخ شهاب الدين عمر سهرورديءَ سنڀاليو ۽ پنهنجن خليفن ذريعي ان کي اسلامي دنيا ۾ پري پري تائين پهچايو. شيخ ابونجيب جو نسبي سلسلو حضرت ابوبڪر صديقرضه سان ملي ٿو. شيخ ابونجيب جي تعليمات جو خلاصو ڪجهه هن طرح آهي: اخلاق، انتباه، فقر، صدق، صبر، رضا، اخلاص، توڪل علي الله، احوال، قرب، محبت، خوف، حياء، يقين، مشاهدو وغيره.
تصوف جي هن سلسلي جي وسعت لاءِ ان جي بانيءَ پنهنجن خليفن کي تيار ڪيو، جن اسلامي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڃي ’سهروردي سلسلي‘ جو پرچار ڪيو. شيخ ابونجيب جي خليفي شيخ نجم الدين ڪبريٰ، ’ڪبرويه سلسلو‘ جاري ڪيو. عبدالله شطار خراساني، اٺين صدي هجري/ چوڏهين صدي عيسويءَ ۾ خراسان مان هندستان آيو ۽ هتي اچي ’شطاريه (سهروردي) سلسلي‘ کي رائج ڪيائين. شيخ شرف الدين احمد منيري به ننڍي کنڊ ۾ آيو ۽ هتي فردوسيه (سهروردي) سلسلو جاري ڪيائين.
هن سلسلي کي پکيڙڻ ۾ شيخ ابونجيب کانسواءِ سندس ڀائٽيي شيخ شهاب الدين عمر ۽ سندس خليفن جو اهم ڪردار آهي. انهن خليفن برصغير ۾ سهروردي سلسلي جي واڌ ويجهه ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو. شيخ جا چوڏهن مکيه خليفا ٿي گذريا آهن، جن مان ڪجهه جا نالا هن ريت آهن: (1) شيخ خواجه عثمان هاروني، (2) شيـخ ضياء الـديـن رومي، (3) جلال الدين تبريزي، (4) قاضي حميد الدين ناگوري، (5) مخدوم نوح بکري، (6) شيخ بهاءُالدين زڪريا ملتاني ۽ (7) شيخ سعدي. 1258ع ۾ بغداد جي تباهيءَ کانپوءِ شيخ شهاب الدين عُمر جا ڳچ پوئلڳ ۽ خليفا هند ۽ سنڌ ۾ پهتا، جن سهروردي سلسلي جي ترقيءَ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي. لڏپلاڻ ڪندڙن ۾ شيخ شهاب الدين جو ڀاڻيجو فخرالدين عراقي به هو، جيڪو ملتان آيو ۽ شيخ بهاءُالدين زڪريا جو خليفو ٿيو. فخرالدين عراقيءَ جي شادي به بهاءُالدين زڪريا جي نياڻيءَ سان ٿي. شيخ شهاب الدين جي اولاد پڻ بغداد جي خون خرابيءَ (1258ع) کانپوءِ سنڌو ماٿريءَ ڏانهن لڏپلاڻ ڪئي ۽ ڪوٽ ڪروڙ (ملتان) ۾ اچي مقيم ٿيو.
بغداد جي تباهيءَ کانپوءِ خاص طرح سان سهروردي بزرگن جي برصغير طرف لڏپلاڻ جي ڪري، هن سلسلي کي سنڌ ۽ هندستان ۾ پکڙجڻ جو خاص موقعو مليو. سنڌ ۾ تصوف جي هن طريقي کي ابتدائي طور شيخ نوح بکريءَ مروج ڪيو. هي بزرگ شيخ زڪريا ملتانيءَ کان اڳ، ميان شهاب الدين عمر سهرورديءَ کان فيض وٺڻ بغداد ويو هو، جتي سندس نياز، نوڙت ۽ روحاني مرتبي کان گهڻو متاثر ٿيو هو. جڏهن بهاءُالدين زڪريا، شيخ عمر کان خلافت وٺي وطن موٽيو، تڏهن کيس هدايت ڪئي وئي ته ملتان وڃڻ کان اڳ بکر ۾ شيخ نوح بکريءَ سان ضرور ملي. شيخ زڪريا بکر آيو ته ان وقت تائين شيخ نوح بکري فوت ٿي چڪو هو. هن بزرگ سنڌ ۾ سهروردي سلسلي جا بنياد رکيا. ان کانپوءِ شيخ بهاءُ الدين زڪريا ملتانيءَ، سنڌ ۽ ملتان ۾ هن سلسلي کي وڌيڪ وسعت ڏني ۽ ان جو پرچار ڪيو. سنڌ ۾ سهروردي سلسلي جو ٻيو شروع وارو ڪردار سيد محمد مڪي ٿي گذريو آهي. پاڻ شيخ شهاب الدين جو ڏوهٽو هو. هن جي مزار به شيخ نوح وانگر بکر ۾ آهي. هي سيد هند ۽ سنڌ جي رضوي ساداتن جو جد امجد آهي. شيخ شهاب الدين عمر بغداد ۾ سن 1234ع ۾ فوت ٿيو. سندس مزار بغداد جي ’شيخ عمر‘ محلي ۾ آهي. آخري عباسي خليفي مستعصم باالله کي به سندس پيرانديءَ کان دفنايو ويو هو.
سيد محمد مڪي 1248ع ۾ فوت ٿيو. مير علي شير قانع ٺٽويءَ جي لکت موجب (حوالو: تحفة الڪرام) سندس خاص مزار بکر جي بادشاهي قلعي ۾ آهي. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جي اها روايت (پاڪستان ڪي صوفيانا تحريڪين، ص: 356، اردو) درست نه آهي ته سيد محمد مڪيءَ جي مزار سکر شهر ۾ آهي. سيد صاحب جي وڏي پٽ سيد بدرالدين پنهنجي نياڻي سيد جلال سرخ بخاريءَ جي نڪاح ۾ ڏني. سندس اها زال فوت ٿي ته وري ٻيءَ شادي به بدرالدين شاهه جي ٻي نياڻيءَ سان ڪيائين. سيد جلال اچ شريف کي آباد ڪيو. سيد محمد جي اولاد اڳتي هلي سڄيءَ سنڌ ۾ سهروردي ۽ ٻين صوفي سلسلن جو پرچار ڪيو. سيد محمد جو اولاد گهڻو وڌيو. روهڙي، سکر ۽ نصرپور جا رضوي سادات سندس اولاد مان آهن.
شيخ شهاب الدين عمر جو پٽ شيخ احمد عمادالدين (شيخ حمادي) به غالباً سنڌو ماٿريءَ ۾ آيو ۽ هتي سهروردي سلسلي جي پرچار ڪيائين. سندس ستين پيڙهيءَ مان شيخ شهاب الدين ثاني ٿي گذريو آهي، جنهن جي وفات سن 1488ع ۾ ٿي. هن بزرگ سنڌ جي قديم شهر پاٽ کي اچي وسايو ۽ اُهو سنڌ ۾ صديقي خاندان جو باني آهي. پاٽ، سيوهڻ ۽ برهانپور جا صديقي سندس اولاد آهن. سنڌ جي صديقي خاندان، سهروردي سلسلي جي پرچار لاءِ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي. شيخ شهاب الدين جي مشهور ڪتاب ’عوارف المعارف‘ جو سنڌي ترجمو پڻ پاٽ جي رهاڪو ميان عبدالجبار صديقيءَ ڪيو آهي، جيڪو 1998ع ۾ حيدرآباد مان ڇپيو. سهروردي سلسلي جي حوالي سان هن ڪتاب کي بنيادي اهميت حاصل آهي.
مخدوم نوح صديقي هالائي، سنڌ ۾ سهروردي سلسلي جو هڪ مکيه اولياءُ ٿي گذريو آهي. سندس وفات 1590ع ۾ ٿي. هُو ڄام نظام الدين
جي دور ۾ ڄائو. بلند درجي جو سهروردي بزرگ ٿي گذريو آهي. سندس همعصر سنڌي عالم مخدوم محمد جعفر بوبڪائي، مخدوم نوح جو پڳ مٽ يار هو. مخدوم نوح کانپوءِ سندس اولاد ۽ خليفن سهروردي سلسلي جي وڏي خدمت ڪئي.
موجوده پاڪستان جي سرحدن ۾ غوث بهاءُالدين (بهاءُالحق زڪريا ملتاني قريشي)، سهروردي سلسلي جي پرچار جو وڏو ذريعو ٿي گذريو آهي. سندس ولادت ۽ وفات جي تاريخن ۾ اختلاف آهن. البت گهڻن عالمن موجب هي بزرگ 1170ع ۾ ڄائو ۽ سن 1267ع ۾ وفات ڪيائين. غوث صاحب سنڌ ۽ ملتان ۾ اسلام جي اشاعت ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪيو. سندس خليفن ۽ خاص مريدن، تصوف جي هن طريقي لاءِ سنڌ ۾ تمام گهڻو ڪم ڪيو. غوث بهاءُ الدين، فريدالدين گنج شڪر، قلندر شهباز ۽ سيد جلال سرخ بخاريءَ ڪجهه موقعن تي سنڌ ۾ گڏجي سيرسفر به ڪيو ۽ دين اسلام جي تبليغ به ڪئي. سنڌ ۾ غوث صاحب جا ڪي خاص خليفا يا مريد هن ريت ٿي گذريا آهن: (1) حاجي اسحاق سنڌي، مخدوم صاحب جي خليفي شيخ موسيٰ آهنگر لاهوريءَ (وفات: 1555ع) جو مريد هو. (2) پير عمر سهروردي اصل سنڌي هو، پوءِ ملتان ويو، جتي پير بهاءُ الدين جو مريد ٿيو ۽ هميشه لاءِ ملتان ۾ رهيو ۽ فوت به اتي ٿيو. (3) شيخ اسماعيل قريشي عمرپوري، قريشي صديقي ڳوٺ حجره (سنڌ) سان تعلق رکندڙ، غوث بهاءُ الدين جو مريد ٿيو. ڪيترا سال ملتان ۾ رهيو. هن جو مقبرو ’عمرپور‘ ۾ آهي. (4) پير پٺو، اصل سنڌي، مڪلي ٽڪريءَ جي ڏاکڻين حصي تي رهندو هو ۽ غارن ۾ عبادت ڪندو هو. هڪ ڀيري غوث بهاءُ الدين ۽ قلندر لعل شهباز هن سان رهاڻ ڪرڻ لاءِ ٺٽي (مڪلي) آيا هئا. سندس ڳچ خليفا ۽ مريد هئا. شاهه جميعل گرناري سندس خاص پوئلڳ هو. پير پٺو 1248ع ۾ فوت ٿيو. مڪليءَ ۾ سندس مزار اتي آهي، جتي پاڻ رياضتون ۽ عبادتون ڪيائين. شاهه جميل جي مزار به اتي ئي آهي. (5) پير پٿورو اصل ميگهواڙ هو، پوءِ غوث بهاءُ الدين جي هٿ تي مسلمان ٿيو. ڪلهوڙا دور ۾ خواجه محمد زمان لواريءَ جي حڪم تي، مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي، پير پٿوري جي مزار تي ويو، جتي مقبرو ۽ مسجد ٺهرايائين.
(6) مخدوم جمار، غوث بهاءُ الدين جو مريد هو. سندس مقبرو راڻيپور جي ڏکڻ ۾ هڪ ميل جي مفاصلي تي، قومي شاهراهه لڳ موجود آهي. مقبري جي ڀرسان گڏيجي شهر آهي (حوالو: پاڪستان ۾ صوفياڻه تحريڪون: ميمڻ عبدالمجيد سنڌي). (7) سچل سرمست سنڌ جو مشهور صوفي شاعر ٿي گذريو آهي. سچل سرمست جو تعارف مخدوم ابوسعيد جي خاندان سان هو.
شيخ بهاءُ الدين جي پٽ صدرالدين ’عارف‘ (وفات: 1309ع) ۽ پوٽي رڪن عالم (وفات: 1334ع)، پڻ پنهنجي دور ۾ سنڌ ۾ ڪيترائي ڀيرا آيو ۽ سهروردي سلسلي کي وڌائڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. سندن خاندان ۾ جڏهن وسعت آئي، تڏهن گهراڻي جي مختلف فردن ملتان کي ڇڏي سنڌ جي جدا جدا علائقن ۾ پهچڻ شروع ڪيو. ان ڪري سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ بهاءُ الدين جي اولاد جون قبرون ۽ قبا ملن ٿا. اهڙن ديندار ماڻهن، سنڌ ۾ سهروردي سلسلي جي واڌ ويجهه لاءِ ڪم ڪيو. ترخان دور ۾ هن خاندان جو شيخ عالي، سير سفر لاءِ ٺٽي آيو ۽ هتي اچي شادي ڪيائين ۽ هميشه لاءِ ٺٽي جو ٿي ويو. هن 1589ع ۾ وفات ڪئي. سندس مزار مڪليءَ تي آهي. شيخ ڪالو قريشي، غوث بهاءُ الدين جي اولاد مان هو. ترخان دور ۾ ٺٽي آيو. مشهور ترخاني امير مرزا خسرو چرڪس جي نياڻيءَ سان شادي ڪيائين. شيخ جِيو به ملتاني پيرن جي اولاد مان هو. ٺٽي پهچي مڪلي وسايائين. هن جو مقبرو به مڪليءَ جي تاريخي قبرستان ۾ موجود آهي. سيد حسام الدين راشديءَ، ’مڪلي نامه‘ جي حاشين ۾، شيخ ڪالو، شيخ عالي ۽ شيخ جيو (جيئو) متعلق مناسب مواد ڇڏيو آهي.
سنڌ ۾ سهروردي سلسلي جو هڪ وڌيڪ سگهارو ڪردار، مخدوم بلاول سمون پڻ نامور سهروردي صوفي ٿي گذريو آهي. هن سمن جي دور ۾ ٽلٽيءَ ۽ باغبان ۾ مدرسا جاري ڪيا ۽ درس ۽ تدريس ۾ مشغول رهيو. جمالي دهلوي، حج تي ويندي سنڌ مان گذريو هو. جمالي ۽ مخدوم بلاول جي پاڻ ۾ روح رهاڻ ٿي هئي. ان وقت مخدوم بلاول مشهور سهروردي ڪتاب ’عوارف المعارف‘ جو اڀياس ڪري رهيو هو. 1520ع ۾ ارغونن سنڏ فتح ڪئي ۽ ڄام نظام الدين جو سپهه سالار دولهه دريا خان شهيد ٿي ويو. ان کانپوءِ مخدوم بلاول، وطن جي بچاءَ لاءِ ڌارين سان معرڪا ڪيا. کيس 1522ع يا 1524ع ۾ شاهه بيگ ارغون گهاڻي ۾ پيڙائي شهيد ڪرائي ڇڏيو. مشهور سياستدان ۽ اديب جي. ايم. سيد، مختلف ڪتابن ۽ زباني روايتن جي مدد سان، پنهنجي ڪتاب ’سنڌ جا سورما‘ ۾ مخدوم بلاول جي سوانح جو خاڪو پيش ڪيو آهي. ان سان گڏ مخدوم صاحب جي خليفن جو ذڪر به ڪيو آهي، جيڪي سنڌ جي جدا جدا ماڳن تي، ارغونن ۽ ترخانن سان جنگ ۽ جدل ۾ مصروف رهيا.
سهروردي سلسلي بابت تمام گهڻو مواد موجود آهي. ان عنوان تي ڳچ ڪتاب لکيا ويا آهن. سنڌ ۾ سهروردي طريقي جي تاريخ ۽ ڪردار بابت مختصر طور مکيه مکيه ڳالهين کي هيٺ پيش ڪجي ٿو:
تصوف ۽ ان جا مکيه سلسلا، اصل ۾ مُلن جي سخت گير پاليسين جي اصلاح لاءِ وجود ۾ آيا، ته جيئن وڌ ۾ وڌ ماڻهن کي دين اسلام جي دائري ۾ آڻي سگهجي. ان ڏس ۾ خاص طور هندستان جي حوالي سان صوفين جو وڏو ڪردار آهي. چشتي ۽ سهروردي صوفين کي دهلي سلطنت جي خاص مدد حاصل رهي. ملتان ۽ اچ جي صوفين کي اهم رتبو حاصل هو، جو بعض موقعن تي انهن سياسي معاملن ۾ به رياست جي مدد ڪئي. اچ ۽ ملتان جي سهروردين جا مقبرا، دهلي سلطنت جي توجهه سان تعمير ٿيا. انهن مان ڪي اڄ به شان ۽ شوڪت سان موجود آهن. ان کان سواءِ سهروردي صوفين ’سماع‘ جي محفلن جي نه رڳو اجازت ڏني، پر اهڙين مجلسن ۾ پاڻ به شريڪ ٿيندا هئا. ان ريت ثقافتي سرگرمين جي واڌويجهه ۾ مدد ملي. پير حسام الدين راشدي ’مڪلي نامھ‘ ۾ ڪلهوڙا دور ۾ ٺٽي ۽ مڪليءَ تي سماع جي محفلن جو خاص ذڪر ڪيو آهي.
ڊاڪٽر انصار زاهد خان (هسٽري اينڊ ڪلچر آف سنڌ)، سنڌ ۾ سهروردي بزرگن جي سرگرمين ۽ اثر بابت بهتر طريقي سان لکيو آهي. سهروردي سلسلي برصغير ۾ وڏيون تبديليون آنديون. اهڙيءَ طرح سنڌ ۾ سهروردي سلسلي جا ڪيئي مثبت پاسا سامهون اچن ٿا.
جيئن ته ابتدائي سهروردي صوفي، دهليءَ جي بادشاهن کي گهڻو ويجهو هئا، ان ڪري انهن جي وفات کانپوءِ، سندن مزارن تي عاليشان مقبرا تعمير ٿيا. بهاءُالدين زڪريا ۽ سندس پوٽي رڪن عالم جي مزارن تي تعمير ٿيل مقبرا فن تعمير جي لحاظ کان وڏي اهميت رکن ٿا، ان کان سواءِ اڄ جي اوليائن جا مقبرا به دهلي سلطنت جي سعيي سان اڏيا ويا هئا.