سهڻي ۽ ميهار جي خيالي تصوير
سهڻي: سهڻي، ’سهڻي ميهار‘ جي مشهور نيم تاريخي ۽ عشقيه قصي جو مشهور ڪردارآهي. ’سهڻي ميهار‘جو قصو سنڌ ۽ پنجاب ۾ مروج آهي. ڪي روايتون ان قصي کي پنجاب سان تي ڪي وري سنڌ سان منسوب ڪن ٿيون. بهرحال ڪهاڻيءَ جا بنيادي پهلو ساڳيا آهن، صرف معمولي تفاوت آهن. سهڻيءَ جي ڪردار کي پنجاب واري روايت موجب گجرات شهر سان منسوب ڪيو وڃي ٿو، سندس پيءُ جو نالو تلا ڪنڀار هو. سهڻي پنهنجي نالي جيان سهڻي هئي، جنهن کي بخارا جي عزت بيگ نالي هڪ واپاريءَ سان محبت ٿي وئي، جيڪو سهڻيءَ سان ويجھڙائپ لاءِ پهريان تلا ڪنڀار جا ٿانو وٺي وڪڻندو رهيو ۽ جڏهن پئسو پائي ختم ٿي ويس ۽ تلا جو قرضي ٿي ويو ته تلا ڪنڀار وٽ مينهن چارڻ لاءِ سندس نوڪر ٿي بيٺو، جنهنڪري ميهار (پنجابي قصي ۾ ’مهينوال‘) سڏيو ويو. سهڻي ۽ ميهار جو پاڻ ۾ پيار ٿي ويو، سهڻيءَ جي مائٽن هڪ غير ذات جي ماڻهوءَ سان سندس پيار ڏسي سهڻيءَ جي شادي ’ڏم‘ نالي هڪ مائٽ سان ڪرائي ڇڏي، پر هوءَ پنهنجي هوڏ تان نه لٿي ۽ گهڙي تي رات جو درياهه تري ٻئي ڪناري ميهار سان ملڻ ويندي هئي. سندس ساهرن کي جڏهن ان ملاقات جي خبر پئي ته هنن سهڻيءَ جي پڪي گھڙي جي جاءِ تي ڪچو دلو رکي ڇڏيو. نتيجي ۾ جڏهن رات جو هوءَ درياهه ۾ گھڙي ته اڌ واٽ تي ڪچو گھڙو ڀـُرڻ ۽ ڳرڻ لڳو ۽ سهڻي ٻڏڻ لڳي. ان مهل هن ميهار کي مدد لاءِ پڪاريو، جنهن پڻ درياهه ۾ ٽپو ڏنو، ۽ ٻئي ڄڻا ٻڏي هڪ ٿي ويا.
سهڻيءَ جي ڪهاڻيءَ جي سنڌ واري روايت ۾ ٿورو فرق آهي. مرزا قليچ بيگ سهڻيءَ بابت هڪ روايت بيان ڪندي لکيو آهي ته: ”اها ذات جي ’واهوچي‘ هئي، جيڪا سنڌوءَ جي الهندي ڪناري تي رهندي هئي. ۽ سندس شادي ’ڏم‘ سان ٿي هئي، جيڪو ذات جو ’سامٽيو‘ هو ۽ ميهار جو اصل نالو ’ساهڙ‘ هو، جڏهن ته سهڻيءَ جي قبر شهدادپور ويجھو آهي.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ به هن قصي کي سنڌ جو قصو مڃي ٿو، جنهن لاءِ هن ڪيترائي دليل ڏنا آهن. هو سهڻيءَ کي ’جرڪت‘ يا ’جرڪس‘ نالي ذات جي هڪ ’سامٽيي‘ جي ڌيءَ چوي ٿو. جڏهن ته اتر سنڌ جي هڪ ٻيءَ روايت موجب سهڻي ذات جي ’وهيڻتي‘ هئي ۽ لال نالي کٽيءَ جي ڌيءَ هئي. ڪن سگھڙن لفظ ’وهيڻتي‘ کي درياهه جي وهڻ سان منسوب ڪيو آهي. بهرحال روايتن ۾ بيان ڪيل قصن ۾ ٿوري گھڻي فرق سان سهڻيءَ جو ڪردار هڪ بي ڊپي ۽ بهادر عورت جي ڪردار طور اڀري اچي ٿو، جنهن پنهنجي ازلي محبت لاءِ زندگيءَ جي پرواهه نه ڪندي، درياهه جي دهشت کي نه ليکيندي، پاڻ کي قربان ڪري ڇڏيو.
سهڻيءَ جي ڪردار کي سرائيڪي، پنجابي ۽ سنڌي شاعرن وڏي اهميت سان بيان ڪيو آهي، جو هن دلي محبت کي، زوريءَ مڙهيل سماجي رشتن تي ترجيح ڏني. سنڌي لوڪ ۽ روايتي شاعريءَ کان سواءِ ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ سهڻيءَ کي تمام گھڻو ساراهيو ويو آهي. خاص ڪري شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ کيس پنهنجي شاعريءَ ۾ تمثيلي حيثيت ڏني آهي ۽ سندس ميهار سان سچي سڪ ۽ زندگيءَ جي قربانيءَ کي اهميت سان ڳايو آهي. هن سهڻيءَ جي ميهار سان سڱ کي جائز سمجھيو آهي، ڇو ته شادي دلين جي راضپي جو نالو آهي ۽ نه سماجي زور زبردستيءَ واري نڪاح جو نالو. لطيف سائينءَ، ان ڪري ئي چيو آهي ته:
ساهڙ ڌاران سهڻي، نسوري ناپاڪ
-
ساهڙ ڌاران سهڻي، اَڌوتي آهي . . .
سهڻيءَ جي محبت ۽ عظمت کي لطيف هن طرح ڳايو آهي:
جان جان هئي جيئري، ورچي نه ويٺي،
وڃي ڀون پيٺي، ساريندي کي سڄڻين.