سوئيڊن

سوئيڊن

سوئيڊن

سوئيڊن (Kingdom of Sweden): سوئيڊن، اتر يورپ ۾ اسڪينڊينويا جو هڪ ملڪ آهي. هن ملڪ جو سرڪاري نالو (Kingdom of Sweden) آهي. هن جي گاديءَ جو هنڌ اسٽاڪ هوم (Stock Holm) آهي. هتان جي آبادي 9,354,462 آهي. سوئيڊن جي آزاديءَ جو ڏهاڙو 6 جون 1859ع آهي. هن ملڪ گڏيل قومن جي اداري UNO جي ميمبرشپ 19 نومبر 1946ع تي حاصل ڪئي. سوئيڊن جو ڪرنسي يونٽ ڪرونا (Krona) آهي. هن جي پکيڙ 411479 چورس ڪلوميٽر (158830 چورس ميل) آهي.
سوئيڊن دنيا جي انتهائي اتر ۾ موجود يورپ جو سڀ کان ڊگهو ملڪ آهي. هن جي اتر کان ڏکڻ طرف ڊيگهہ 1575 ڪلوميٽر (980 ميل) ۽ اوڀر کان اولھہ طرف ويڪر 500 ڪلوميٽر (310 ميل) آهي. هن ملڪ جي اتر اولھہ واري سرحد سان گڏ ملڪ جي 25 سيڪڙو ايراضي جابلو آهي. وچيون ۽ ڏاکڻو علائقو سنئون ۽ ميداني آهي، ڏکڻ ۾ ڪيتريون وڏيون ڍنڍون آهن، جن ۾ يورپ جي ٽين وڏي ڍنڍ (2157 چورس ميل) بہ شامل آهي. سوئيڊن گهاٽن، سرسبز ٻيلن، زرخيز وادين، ڍنڍن ۽ جبلن جو ملڪ آهي. بالٽڪ سمنڊ ۽ ٻہ ٻيٽ گاٽ لينڊ ۽ اولينڊ بہ سوئيڊن جي ملڪيت آهن.
هن جي زميني پکيڙ 411،000 چورس ڪلوميٽر ۽ ڍنڍ جي پکيڙ 39000 چورس ڪلوميٽر آهي. ڪناري جي ڊيگهہ 7600 ڪلوميٽر
(4700 ميل) آهي. سوئيڊن جي سرڪاري ٻولي سويڊش (فنش) آهي. سوئيڊن جي وڏن شهرن ۾ گوٽي بورگ، مالمو، اپسالا، لنڪو پنگ، آرپسرو، واسٽراس، بوراس، هالم اسٽاڊ، ڪارل اسٽاڊ شامل آهن. سڀ کان مٿانهون هنڌ ڪيبني ڪائسي (بلندي: 2123 ميٽر) آهي. هتي عيسائي مذهب جي اڪثريت آهي، جيڪي 95 سيڪڙو آهن. سوئيڊن جي انتظامي ورهاست 24 ڪائونٽيز ۾ ٿيل آهي. هتي گرمين ۾ نهايت ئي خوشگوار موسم ٿئي، جڏهن تہ سردين جي موسم ڊگهي هوندي آهي، اتر ۾ سخت سيءُ پوندو آهي.
هتان جي مکيہ زرعي پيداوار ۾ پٽاٽا، ڪڻڪ، جوَ، ميوا، ڀاڄيون، سڪل گاھہ وغيرہ شامل آهن. مکيہ صنعتن ۾ لوھہ، ڪوئلي، ٽامي، شيهي، جست، مينگانيز، سون ۽ چانديءَ جون صنعتون شامل آهن. هتي 42 هوائي اڏا آهن. قومي هوائي ڪمپنيءَ جو نالو اسڪينڊينوين ايئر لائنز آهي. هتي اسٽاڪ هوم، گوٽي برگ ۽ مالمو نالي سان ٽي بندرگاھہ آهن. سوئيڊن ۾ آئيني بادشاهت آهي ۽ پارلياماني طرز جي حڪومت آهي. بادشاھہ رياست جو مملڪتي اڳواڻ ۽ هٿياربند فوج جو ڪمانڊر انچيف آهي.
هن وقت سوئيڊن جو بادشاھہ ڪارل سورهون (Carl XVI) آهي. حڪومت جو اڳواڻ وزيراعظم آهي. بادشاھہ پارليامينٽ جي منظوريءَ سان اڪثريتي پارٽيءَ جي ليڊر کي وزيراعظم نامزد ڪندو آهي. وزيراعظم ڪابينا جي چونڊ ڪندو آهي، جنهن جي منظوري بادشاھہ ڏيندو آهي. وزيراعظم چيف ايگزيڪيٽو ۽ انتظامي اختيارن جو مالڪ هوندو آهي. هن وقت سوئيڊن جي وزيراعظم فريڊڪ رين فيلڊٽ (Fredrik Reinfeldt) آهي.
هتي قانونسازيءَ جو اختيار هڪ ايواني پارليامينٽ (Riksday) کي حاصل آهي، جنهن جا 349 ميمبر 4 سالن لاءِ عوام جي ووٽن وسيلي چونڊيا ويندا آهن. پارليامينٽ کي اهم اختيار مليل هوندا آهن.


لفظ سوئيڊنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو