سوئي ڪندر جي مقام واري مسجد (ماڳ): هي مسجد، ضلعي سانگهڙ جي شھر ٽنڊي آدم کان چار ميل اتر اولھہ ۾ موجود آهي ۽ هن وقت زبون حال آهي. ڏسڻ ۾ هيءَ عمارت ٽه- کُڻي، مهاڙيءَ سان آهي. مسجد جي مٿان هڪڙو ئي گنبذ آهي. مهاڙيءَ جو وچون کڻ عام اڏاوتن کان وڌيڪ ٺاٺي وارو آهي ۽ وچون لنگهہ بہ پاسي وارن لنگهن کان ڪجهہ وڏو آهي. البت ٽنهي کُڻن جون ونگون ساڳيءَ شڪل جون آهن، جن جون چوٽيون نوڪدار ۽ پائر ڪمان اندر تي آماسيل آهن. ٽنهي ونگن جي مٿان اڀريل قابن سان چوڪ آهن. سڄي مسجد پڪ سري ۽ هن وقت بنا پلستر جي آهي. مهاڙي هيٺ کان مٿي تائين سادي يا ٻسي آهي. مسجد سنهين سرن جي ٺهيل آهي، اڌ گول گنبذ واري ڇت اٺڪنڊي ڳچ تي اڏيل آهي. مسجد جي اڳيان سادين قبرن جو چڱو تعداد موجود آهي. گنبذ جي چوٽيءَ تي نهايت ڪُڍنگي ڪلنگي لڳل آهي. سئي ڪندر ڀرسان ڏيرن جي ڳوٺ (واحد بخش ڏيري) ۾ شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جا ناناڻا رهندا هئا.