سوائن فلو: اها هڪ اهڙي بيماري آهي، جيڪا هڪ وائرس ذريعي پکڙجي ٿي. ڪنهن شخص کي ڇھڻ سان يا هوا جي ذريعي ڦهلبي آهي. هن بيماريءَ ۾ بخار کنگهہ، گلي جي خرابي، جسم ۾ سُور، مٿي ۾ سور، سردي لڳڻ ۽ ٿڪاوٽ محسوس ٿيندي آهي. هي بيماري هڪ نئين وائرس مان پيدا ٿئي ٿي. هي هڪ انسان کان ٻئي انسان ڏانهن ستن ڏينهن اندر ڦهلجڻ شروع ٿئي ٿي. سوائن فلو جي دوران ڪڏهن الٽي ۽ دست بہ ٿيندا آهن. سوائن فلو جون نشانيون عام فلو جهڙيون ئي آهن، جنهن ۾ بخار، کنگهہ، جسم ۾ سور، گلي جي خرابي، مٿي ۾ سُور، الٽي، دست، سردي لڳڻ ۽ ٿڪاوٽ شامل آهن. هي علامتون ٻين ڪيترن ئي بيمارين ۾ بہ ظاهر ٿي سگهن ٿيون، پر هيءَ عام فلو کان گهڻي خطرناڪ آهي.