سوائي

سوائي (ذات): سمن، سهتن، جاڙيجن ۽ شيخن جي هڪ پاڙي جو نالو ’سوائي‘ آهي. ان کانسواءِ هندن جي هڪ ڪيڙ جو نالو بہ ’سوائي‘ آهي، جيڪي اوڌ جي سوائي مانسنگهہ بھادر ۽ سوائي مهراج اڌيراج جو اولاد آهن. هي پاڻ کي سري رام چندر جي وڏي پٽ ڪش جو اولاد، سورج ونسي ڪل مان کتري راجپوت، ديوي جا پوڄاري سڏائين ٿا. ان کانسواءِ ڀڳت آڪھہ بہ هنن مان آهي، جن جو لقب ’سوائي‘ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو