
سوامي سائين سروانند
سوامي سائين سروانند: سائين سروانند'>سوامي سائين سروانند جو جنم ڀٽ شاھہ ۾ ڀڳت شيوڪرام وشنداس ڌنجاڻيءَ جي گهر ۾ ٿيو. سندس جنم جو نالو ’سيرو‘ هو. سوامي سروانند چوڏهن سالن جي عمر ۾ سوامي گرمکداس سان گڏ سنڌ جي مشھور ستگرو سوامي ٽيئونرام مهراج کان گرو سکيا ورتي. سندس گرو سوامي ٽيئون رام جي پرلوڪ ٻڌارجڻ بعد کيس گروءَ جي گاديءَ تي ويهاريو ويو، تنهن بعد هن سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ ۾ وڃي پنھنجي پرماتما جو پرچار ڪيو. سوامي سائين پنھنجي گرو جي سموري شاعري گڏ ڪري ’ پريم‘، پرڪاش‘، ’گرنٿ‘ ۾ ظاهر ڪئي. هن ڪيترائي ڀڄن سنڌي ۽ هندي زبان ۾ چيا آهن ۽ هن مشھور قصا جن ۾: ’راجا شکر ڌوج‘، ’چوڙ لاجي ڪٿا‘، ’يمراج‘، ’نچڪيتا جي ڪٿا‘، ’واهن پلي جو قصو‘ پڻ هنديءَ ۾ لکيو آهي. ورهاڱي کان پوءِ سوامي وڃي هردوار ۽ پوءِ جئپور ۾ رهائش پذير ٿيو.
هن 21 جولاءِ 1977ع ڌاري وفات ڪئي.
1977.07.21 عيسوي
سوامي سائين سروانند هن 21 جولاءِ 1977ع ڌاري وفات ڪئي.