سوامي ليلا شاھہ: مشھور سنت ليلا شاھہ ذات جو برهم کتري هو. هن 1881ع ڌاري ڳوٺ محراب چانڊئي ۾ جنم ورتو. ننڍپڻ ۾ سندس ماءُ ۽ پيءُ گذاري ويا، بعد ۾ چاچي سندس پالنا ڪئي. کيس ننڍپڻ کان ئي ڀڳتي ۽ سنتن جي شيوا سان چاھہ هو. ڌرمي ڪمن ۾ گهڻي دلچسپي هوندي هيس. ان ڪري ڪا بہ اسڪولي تعليم حاصل نہ ڪيائين ۽ سنتن جي صحبت ۾ رهڻ لڳو. هن کي سندس چاچي هڪ دڪان تي ملازمت ۾ رکرايو، پر اتي بہ گهڻو عرصو نہ رهيو ۽ وڃي ڀڳتن سان شريڪ ٿيو. چاچي ۽ ٻين عزيزن کيس پرڻائڻ لاءِ زور وڌو، پر هن انڪار ڪري ڇڏيو، پوءِ جلدي گهر ڇڏي ٽنڊي محمد خان جي ويدانتي مهاتما سوامي ڪيشوداس وٽ ويو ۽ ان وٽ رهي ويدانت جا سبق سکيائين. ويدانت جو اڀياس ڪرڻ سان گڏ وڏن وڏن سنتن سان رهاڻيون بہ ڪيائين. هو اتر ڪاڇي، ڪشمير، ٿٻيٽ ڪناري وڃي ساڌن ۽ مهاتمائن جو سنگ ڪندو هو ۽ ويدانت جي پرچار ڪندو هو. سوامي ليلا شاھہ سٺو سماج سڌارڪ بہ هو. سنڌ ۾ پئنچائتن جي ايڪي لاءِ گهر گهر وڃي پرچار ڪيائين. ورهاڱي بعد هندستان ۾وڃي رهيو. هن شادين ۾ ٿيندڙ غير ضروري خرچن ۽ پئسن عيوض سڱ ڏيڻ خلاف آواز اٿاريو. هن سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ پڻ عملي طور ڪم ڪيو ۽ نياڻين جي تعليم تي خاص زور ڏنائين. سندس محنتن جي نتيجي ۾ هندستان جي هر سنڌي وسنديءَ ۾ اسڪول ڌرمشالائون، ناري شالائون ۽ گئوشالائون جڙيون. هن سوامي ويدانت ۽ ڀڳتيءَ جي مقصد جا ڪيترائي ڪتاب ڇپرائي مفت تقسيم ڪيا.
سوامي ليلا شاھہ، 4 نومبر 1973ع ۾ پالڻپور ۾ پرلوڪ پڌاريو. سندس سماڌي آديپور جي ليلا شاھہ آشرم ۾ جوڙائي وئي، جيڪا سندس معتقدن لاءِ تيرٿ آسٿان بڻيل آهي.
1973.11.04 عيسوي
سوامي ليلا شاهه، 4 نومبر 1973ع ۾ پالڻپور ۾ پرلوڪ پڌاريو. سندس سماڌي آديپور جي ليلا شاهه آشرم ۾ جوڙائي وئي، جيڪا سندس معتقدن لاءِ تيرٿ آسٿان بڻيل آهي