سوامي گنگارام: سوامي گنگارام ولد ڀاونداس 1865ع ڌاري چڪ، تعلقي سکر ۾ جنم ورتو. سندس ماءُ جو نالو اڱڻ ٻائي هو. ننڍپڻ ۾ گنگارام کي دڪان تي ويهاريو ويو، پر ڌنڌي سان سندس دل ڪا نہ لڳي. هميشہ پيو سريلي آواز ۾ ڀڄن ڳائيندو هو. روحاني رمز ڏسي سنتن کيس پنھنجي سنگ ۾ کنيو. زيارتون ڪندا، بھاولپور پهتا، جتي هڪ سنت چانڊورام کين گڏيو. چانڊورام ۾ وڏي مڻيا هئي، جنهنڪري گنگارام کيس پنهنجو مرشد مڃيو، جنهن کانپوءِ سوامي جدا جدا هنڌ گهمندو ۽ ڳوٺ ڳوٺ وڃي پرينءَ جي پچار ڪئي ۽ ڏکويل دلين کي آنند ڏنو. 1950ع ۾ هڪ ڏينهن اوچتو پنھنجي هڪ معتقد کي گهرائي چيائين تہ اڄ پاڻ هلون ٿا. ان ڳالھہ جو ڪنهن سان ذڪر نہ ڪجو ۽ لڙڪ نہ هارجو. ائين چئي سوامي گنگارام گهوڙي گاڏيءَ تي چڙهي سکر طرف روانو ٿيو ۽ واٽ تي ئي غائب ٿي ويو، ڪا خبر نہ پئي تہ هي ڪيڏانهن ويو.