سوانح عمري/ سوانح حيات: نثري ادب جي هڪ اهڙي غير افسانوي صنف، جنهن ۾ ڪنهن شخصيت جي زندگـيءَ بابت تفصيلي احوال لـکـيـو وڃـي تـه ان کـي ’سـوانح عـمـري‘ چـيـو ويــنـدو آهـي. انگريـزيءَ ۾ هـن صـنـف کـي ‘Biography’ چـئبـو آهـي، جـنهـن جي اشتقاقي معنيٰ Bio= Life, Graphy= an inferring art of hand writing (ڪنهن شخصيت جي زندگيءَ بابت حقيقتن ۽ ڪارڻن مان نتيجي طور لکيل تحرير) آهي. هن صنف کي سنڌيءَ ۾ ’جيوني‘ به چوندا آهن. عام طور اردو ۽ سنڌيءَ ۾ ’سوانح عمري‘ سڏي وڃي ٿي.
هڪ ڪتاب جي صورت ۾ مختلف شخصيتن جي سوانح عمرين تي مشتمل ڪتاب کي ’شخصيتن جي ڊائريڪٽري‘ به چئي سگهجي ٿو، جنهن جا بهترين مثال مولانا دين محمد وفائيءَ جو سنڌي شخصيتن جي سوانح عمرين تي لکيل ڪتاب تذڪره ’مشاهير سنڌ‘ ۽ جي. ايم. سيد جو ’جن سين'>جنب گذاريم جن سين‘ (ٻه ڀاڱا) يا غلام رباني آگري جو ’جهڙا گل گلاب جا‘ ۽ ٽماهي مهراڻ جو ’سوانح نمبر‘ وغيره آهن. ڪنهن مشهور شخصيت جي سوانح، هڪ ڪتاب يا مختلف جلدن جي صورت ۾ به شايع ڪئي ويندي آهي. سوانح عمري/ سوانح حيات لکڻ جي فن کي ’سوانح نگاري‘ يا ’حيات نگاري‘ به چئبو آهي.
’انسائيڪلوپيڊيا برٽينيڪا‘ ۾ هن صنف جي وصف هيٺينءَ ريت بيان ڪيل آهي، ”غير افسانوي ادب جو هڪ قسم، جنهن جو موضوع فرد جي حياتي هوندو آهي. عام طرح سان هن ۾ آتم ڪهاڻي به اچي وڃي ٿي، جنهن جو موضوع خود ليکڪ جي پنهنجي تاريخ جو بيان هوندو آهي.“
ڊاڪٽر قاضي خادم، پنهنجي ڪتاب ’ادب ۽ روايتون‘ ۾ ’لٽرري بايوگرافي‘ ڪتاب جي ليکڪ ليئون ايڊل جو حوالو ڏيندي سوانح عمريءَ جي وصف هن ريت بيان ڪئي آهي: ”هيءَ صنف ادب جي ٻين مڙني صنفن کان لطيف آهي، سوانح عمري، ڪنهن شخصيت جي هوبهو زندگيءَ جي خصلت، سڀاءُ ۽ جذبن جي چنچل ۽ سادي اسلوب ۾ بيان آهي، عام طرح سان هيءَ هڪ تاريخي دستاويز جي اهميت رکندڙ پڻ آهي.“ هن وڌيڪ لکيو آهي ته: ” جيون ڪهاڻي (سوانح عمري) لکندڙ هڪ مورخ وانگر پنهنجن دستاويزن جو غلام آهي.“ ان راءِ جي وضاحت ڪندي ليئون ايڊل وڌيڪ لکيو آهي ته: ”ماڻهن جي حياتيءَ جي تاريخ ادب جي هڪ شاخ وانگر آهي.“
هڪ سوانح عمريءَ ۾ پڙهندڙن لاءِ ٻن قسمن جي ڪشش هوندي آهي: هڪ ته اها پڙهندڙ جي انساني حيثيت ۾، ٻئي انسان جي اندر جون حقيقتون ۽ سندس خوبيون توڙي ڪمزوريون ڄاڻڻ جي خواهش جي جذبي کي تسڪين ڏئي ٿي. ان ڏس ۾ مشهور سنڌي ليکڪ ۽ نقاد لعل پشپ لکيو آهي ته: ”جيوني لکڻ جي ڪلا جيتوڻيڪ ڊراما، ناول، ڪهاڻي ۽ شاعريءَ جي شاخن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان نئين ۽ جوان آهي ۽ اڻويهين صديءَ جي شروعات کان ساهتيه جي ان شاخ زبردست انتي (ترقي) ڪئي آهي.“
لعل پشپ جي مٿينءَ راءِ مان اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته سوانح عمري (جيون ڪهاڻي) ادب جي شاخ آهي. جڏهن ته يورپي ليکڪن جي راين توڙي سنڌي سوانح عمرين جي اڀياس مان هن صنف جو واسطو حقيقت سان هجڻ ڪري، اها تاريخ سان ڳانڍاپيل صنف ڄاڻائجي ٿي، جنهن ۾ ڪنهن ماڻهوءَ جي حياتيءَ جي تاريخ بيان ڪئي ويندي آهي.
آتم ڪهاڻي به سوانح عمريءَ (جيون ڪهاڻيءَ) جو هڪ قسم آهي، جنهن ۾ لکندڙ پنهنجي زندگيءَ جي مختلف حالتن کي قلمبند ڪندو آهي. سوانح عمريءَ جي ڀيٽ ۾ آتم ڪهاڻيءَ جي صنف ۾ ڪي ڪمزوريون آهن، جهڙوڪ: (1) اهو ضروري ناهي ته آتم ڪهاڻيءَ جو ليکڪ پاڻ بابت مڪمل سچ تحرير ڪري، (2) ليکڪ لاءِ پنهنجين ڪمزورين جو بيان ڪرڻ ناممڪن نه، ته به مشڪل ضرور هوندو آهي،
(3) پنهنجي ساراهه ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ به انساني سڀاءَ جي خلاف آهي. ان کان سواءِ به ڪيتريون اهڙيون ڳالهيون آهن، جن ۾ ڪو شخص پنهنجي ڪردار، قول يا فعل جي باري ۾ پاڻ منصف نٿو بڻجي سگهي. ان هوندي به سنڌيءَ ۾ رئيس ڪريم نظاماڻي جي آتم ڪهاڻي ’ڪيئي ڪتاب‘ غير جانبداراڻي انداز ۾ لکيل بهترين آتم ڪهاڻي آهي.
آتم ڪهاڻيءَ کان مؤثر سوانح عمريءَ جي صنف آهي، جنهن ۾ هڪ غير جانبدار شخص، دستاويزن ۽ کوجنا جي آڌار تي ذاتي تعلقات ۽ جذبن جي بنيادن تي پنهنجي مشاهدي ۽ تخيل جي مدد سان ٻئي جي زندگيءَ جي تاريخ لکي ٿو، جيڪا ڪنهن حد تائين غير جانبدار ۽ سچي ٿي سگهي ٿي. سوانح عمريءَ جا ٽي قسم ڄاڻايا ويا آهن، جيڪي هيٺينءَ ريت آهن:
واقعاتي يا تاريخ وار سوانح عمري (Chronicle Biographies): هن قسم جي سوانح عمرين ۾ ليکڪ، دستاويزن ۽ واقعاتي شاهدين جي آڌار تي ڪنهن شخص جي زندگي ۽ ان جي مختلف پهلوئن جو تفصيلي جائزو وٺندا آهن. هن قسم جي سوانح عمرين (جيون ڪهاڻين) ۾ مواد جي فراهمي ۽ مواد جي تاريخ وار ترتيب تي گهڻو زور ڏنل هوندو آهي، تنهنڪري اها لکڻي مڪمل طور تحقيقي حيثيت رکندي آهي. سنڌيءَ ۾ هن قسم جون ڪيتريون سوانح عمريون شايع ٿيل آهن، جن ۾ حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ جي لکيل رسول پاڪصه جي سوانح عمري: ’حيات النبي‘، پروفيسر نرسنگهداس ڦيرواڻيءَ جي لکيل ’راڄ رشي ديوان ڏيارام گدو مل جو جيون چرتر‘، مرزا قليچ بيگ جي لکيل ’خانبهادر حسن علي آفنديءَ جي سوانح حيات‘، شيخ ابراهيم خليل جي لکيل رئيس شمس الدين بلبل جي سوانح حيات ’بلبلِ سنڌ‘ ۽ اهڙيون ٻيون سوانح عمريون، جن ۾ اهم شخصيتن جي زندگيءَ جو احوال تاريخ وار ترتيب سان پيش ڪيو ويو آهي.
تصوير ڪشيءَ جي انداز ۾ لکيل (Portrait): هن قسم جي سوانح عمرين ۾ ڪنهن شخصيت جي باري ۾ اهڙيءَ ريت احوال بيان ڪيل هوندو آهي، جو ان شخصيت جي هڪ مڪمل تصوير اڀري اچي ٿي. هن قسم جي جيون ڪهاڻيءَ ۾ انگن اکرن کان وڌيڪ تصوير ڪشيءَ تي زور ڏنو ويندو آهي. سنڌي ادب ۾ هن قسم جا ڪيترا جيون خاڪا، جدا ڪتابن جي صورت ۾ شايع ٿيڻ کان اڳ مختلف سوانح نمبرن ۾ اديبن ۽ عالمن تحرير ڪيا. ان ڏس ۾ سائين جي. ايم. سيد جا جديد ’سياست جا نو رتن‘ ۽ ’جن سين'>جنب گذاريم جن سين‘ ڪتاب ۽ علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جو ’چونڊ سوانحي خاڪا‘، ٽماهي مهراڻ جا ’سوانح نمبر‘، الرحيم جو ’12 صديءَ جا مشاهير نمبر‘، خادم حسين چانڊئي جو ڪتاب ’مارو جي ملير جا‘ ۽ ان قسم جون مختلف جيون ڪهاڻيون اچي وڃن ٿيون، جن کي جيون خاڪا پڻ چئي سگهجي ٿو.
ادبي سوانح عمريون (Literary Biographies): هن قسم جي سوانح عمرين ۾ واقعاتي ۽ شخصي يا تصويري جيون ڪهاڻين کان وڏيون سوانح عمريون اچي وڃن ٿيون. هن قسم جي سوانح عمرين ۾ تحقيق کان وڌيڪ تخيل جو حصو هوندو آهي. ان تحرير جو انداز ناول وانگر دلچسپ ۽ جذبات سان ڀريل هوندو آهي. سنڌي نثر ۾ جيون خاڪن کان هٽي ادبي خاڪن تي پڻ طبع آزمائي ڪئي وئي آهي، انهن ادبي خاڪن کي پڻ سوانح عمرين جي زمري ۾ ڳڻجي ٿو. انهن ۾ پير علي محمد راشديءَ جو ’اهي ڏينهن اُهي شينهن‘، علي احمد بروهيءَ جو ’ڄام ڄاموٽ ۽ ڄامڙا‘، طارق اشرف جو ’جيل گهاريم جن سان‘ عبدالقادر جوڻيجو جو ڪتاب ’شڪليون‘، موهن ڪلپنا جي آتم ڪهاڻي ’بک، عشق، ادب‘ ماهتاب محبوب جا ڪتاب: (1) جيءَ جهروڪا، (2) چنڊ چهرا (2010ع)، غلام رباني آگري جا ڪتاب ’ماڻهو شهر ڀنڀور جا‘ ۽ ’جهڙا گل گلاب جا‘، لڇمڻ ڪومل جي آتم ڪٿا ’وهي کاتي جا پنا‘، ريٽا شهاڻيءَ جو ڪتاب ’آڪاش گنگا‘ (2013ع) ۽ عبدالواحد آريسر جو ڪتاب ’ماڻهو ميگهه ملار‘ وغيره تخليقي لکڻيون آهن، جن ۾ تخيل ۽ ذاتي راءِ کي وڏو دخل آهي. نه صرف ايترو پر هن قسم جي جيون ڪهاڻين ۽ خاڪن ۾ واقعن جي پيشڪش ۾ تاريخ وار ترتيب جو خيال ڪو نه رکيو ويندو آهي، بلڪ ليکڪ لکڻ مهل ڪنهن وقت ماضيءَ جو بيان ڪندو آهي ته اوچتو وري حال ۾ هليو ويندو آهي. ليکڪ واقعي مان واقعو به بيان ڪندو آهي ته وقت سر گذري يا اوچتو ياد آيل ڳالهيون به هن ۾ جوڙيندو ويندو آهي، تنهنڪري ليکڪ جو تحريري انداز تحقيق کان وڌيڪ تخليقي بنجي پوي ٿو.
سوانح عمرين جا نقاد انهيءَ خيال جا آهن ته سوانح عمري لکندڙ ۾ تخيل جي قوت به هئڻ گهرجي، جنهن سان ليکڪ ماضيءَ کي به ڏسي ۽ محسوس ڪري سگهي، پر ان سان گڏوگڏ کيس واقعن جي پروڙ به هئڻ گهرجي، جنهن جو سبب واقعن کي بلڪل تصوراتي انداز ۾ پيش ڪرڻ نه هوندو آهي. ان ڏس ۾ اهو به ضروري آهي ته جڏهن ڪنهن گذاري ويل شخص جي سوانح عمري لکجي ته سچ ئي لکڻ گهرجي. سوانح عمريءَ جي ليکڪ لاءِ اهو به ضروري آهي ته هو جنهن شخصيت جي سوانح عمري لکڻ جو ارادو ڪري، تنهن جي حياتي، ماحول، ڪم ۽ مزاج کان واقف هجي، جيڪڏهن ڪنهن سياستدان جي سوانح عمري لکڻ ويهي ته هو ان دور جي سياست کان به واقف هجي ۽ جيڪڏهن ڪنهن ادبي ۽ ثقافتي شخصيت جي حياتي جو احوال تحرير هيٺ آڻي ته ان دور جي ادبي ۽ ثقافتي تحريڪن ۽ سرگرمين جي معلومات به هجيس. خاص ڪري سائنسي ۽ سياسي شخصيتن جون سوانح عمريون کوجنا ۽ مواد جي فراهميءَ کان سواءِ لکڻ ممڪن نه آهن. اهي سوانح عمريون انگن اکرن جي آڌار تي ئي لکي سگهن ٿيون، پر جتي صرف ڪنهن شخصيت جو ذاتي احوال ڏيڻ ئي مقصد هوندو ته پوءِ ان جي باري ۾ ذاتي معلومات کي وڏو دخل هوندو آهي، جنهن ۾ ٻيو مواد صرف بنيادي ڪم ڏيندو آهي.
سوانح عمرين جي تحرير وقت کوجنا، تاريخي واقعن جي ترتيب، مواد ۽ تخليقي ڪوشش کي نظر ۾ رکندي سوانح عمريرن جي ترتيب هيٺينءَ ريت هوندي آهي:
• واقعاتي يا تاريخي ترتيب سان لکيل سوانح عمري.
• شخصي جيون ڪهاڻيون، آتم ڪهاڻيون ۽ جيون خاڪا.
• تصويري جيون ڪهاڻيون ۽ ادبي خاڪا.
ڪيترين سوانح عمرين توڙي آتم ڪهاڻين ۾ هڪ شخصيت جو ذڪر هلندي هلندي ڪنهن ٻي اهم شخصيت جو ضمني ذڪر ملي ويندو آهي، جنهن جي حيثيت ڪڏهن ادبي ته ڪڏهن جيون خاڪي واري هوندي آهي. سنڌي ادب ۾ جيون خاڪا توڙي ادبي خاڪا گهڻي وقت کان لکيا پيا وڃن، خاص ڪري پيغمبرن، ولين، درويشن ۽ صوفين جا خاڪا توڙي سياستدانن جي باري ۾ لکيل خاڪا گهڻي تعداد ۾ ملن ٿا. جيون ڪهاڻين ۽ آتم ڪهاڻين ۾ جن خاص ڳالهين جو ذڪر هوندو آهي، اهي هن ريت آهن:
(1) ذاتي زندگي: سوانح عمرين ۾ ڪنهن به شخصيت جي ذاتي زندگيءَ جي احوال کي اوليت حاصل هوندي آهي. هن احوال ۾ انهن شخصيتن جو پڻ ذڪر اچي ويندو آهي، جن جو واسطو ڄاڻايل شخصيت سان ڪنهن ذاتي ناتي سان هوندو آهي. شخصيت جا مٽ مائٽ، دوست عزيز، همعصر، واسطيدار شخص، آفيسر يا ماتحتن جو به تفصيلي ذڪر هوندو آهي، تنهنڪري ليکڪ لاءِ اهو ضروري آهي ته هو اهڙن ڪردارن مان به چڱيءَ طرح واقف هجي ته جيئن سوانح عمريءَ جي مک ڪردار سان انصاف ڪري سگهجي.
هن قسم جو ذڪر ڪردار جي حسب نسب، پيدائش، اوائلي ترتيب، اوائلي تعليم ۽ عملي زندگيءَ ۾ داخل ٿيڻ جي بيان تي ٻڌل هوندو آهي. سوانح عمرين جا لکندڙ اهڙو احوال تاريخن، تذڪرن يا ان شخص جي مٽن مائٽن ۽ دوستن کان به حاصل ڪري سگهندا آهن.
(2) شخصي آزمودا: سوانح عمريءَ جي ڀيٽ ۾ آتم ڪهاڻين اندر شخصي آزمودا بيان ڪيل هوندا آهن. جيئن ته اهي هر فرد کي مختلف انداز ۾ حاصل ٿين ٿا، تنهنڪري اهي دلچسپ ٿين ٿا ۽ پڙهندڙ ۾ تجسس ۽ انجام ڄاڻڻ جو شوق پيدا ڪن ٿا. اهڙين لکڻين مان ئي پڙهندڙ سبق پرائين ٿا. اهي ئي لکڻيون ڪنهن دور جي حقيقي تصوير پيش ڪن ٿيون.
(3) ماحولياتي تجزيو: سوانح عمرين ۽ آتم ڪهاڻين جا ليکڪ خانداني ۽ سماجي پسمنظر پيش ڪرڻ لاءِ ماحوليات جو تجزيو پڻ ڪندا آهن. ان ڪري ليکڪ جيستائين ڪنهن دور جي مخصوص معاشري جو ماحول واضح نه ڪندو ته کيس مذڪوره شخصيت بابت صحيح معلومات نه ملي سگهندي. ڪن خاص حالتن ۾ ڪا به شخصيت پنهنجي مخصوص ماحول جي تجزئي کانسواءِ سڃاڻي نٿي سگهجي. سوانح عمريءَ کي پڙهڻ مان اهوئي فائدو آهي ته پڙهندڙ هڪ نئين ماحول مان واقف ٿئي ٿو ۽ هن ۾ ان ماحول سان پنهنجي ماحول کي ڀيٽڻ جي خوبي پيدا ٿئي ٿي.
(4) سياسي ۽ سماجي پسمنظر: سوانح عمريون ۽ آتم ڪهاڻيون هڪ ئي وقت سياسي، سماجي، ثقافتي ۽ تاريخي زندگيءَ جو اهڙو احوال ڏين ٿيون، جيڪو ڪم مصلحتن سبب تاريخ ۾ به ڪو نه ملندو آهي، تنهنڪري هن صنف کي ادب ۾ چڱي اهميت حاصل آهي. سوانح عمرين کي ماضيءَ جي ادب واري حيثيت ئي حاصل آهي، جيڪي تخيل کان وڌيڪ حقيقت سان واسطو رکن ٿيون. ان کي پڙهندڙ، ماضيءَ جي حقيقي ماحول ۾ پهچي وڃي ٿو ۽ ان دور جي حالتن سان روشناس ٿئي ٿو. انهن ئي مختلف سياسي دورن جي عڪاسي به ڪيل هوندي آهي.
سنڌي ادب ۾ سوانح عمرين جي ابتدا: سنڌي ٻولي ۽ ادب ۾ هن صنف جي شروعات ويهين صديءَ جي شروعات ۾ ٿيل ٿي ڏسجي. سنڌيءَ ۾ پهرين سوانح عمري پاڻ سڳورن صلي الله عليه وسلم جي حياتيءَ ۽ سيرت بابت 1911ع ۾ لال چند امرڏنيمل، ’محمد رسول الله صلي الله عليه وسلم‘ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرائي. هن ڪتاب ۾ ليکڪ نهايت عزت ۽ احترام سان حضور صلعم جن جي بابرڪت زندگيءَ جو احوال لکيو آهي. 1914ع ۾ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جو حضور پاڪ صلعم جي شخصيت متعلق هڪ اهم ڪتاب ’حيات النبي صلي الله عليه وسلم‘ شايع ٿيو، جنهن ۾ پڻ پاڻ سڳورن جي حياتيءَ جي مختلف پهلوئن جو مڪمل احوال ڏنو ويو آهي. هن ڪتاب جا سنڌي ادبي بورڊ ڪيترا ڇاپا شايع ڪيا آهن.
ان کانسواءِ هن دور ۾ ڪيترن بزرگن، اوليائن، سنتن ۽ رشين جون جيون ڪهاڻيون لکيون ويون، جن ۾ انهن شخصيتن بابت تاريخي احوال، انگ اکر ۽ اعتقاد جي بنياد تي گڏ ڪيل مواد ترتيب ڏئي ڇپايو ويو آهي. هن ئي دور ۾ جواهر جيوني، مهاتما گانڌي، سڀاش چندربوس جو جيون چرتر، ديوان ڏيارام ڄيٺمل جو جيون چرتر ۽ ٻين ولين، صوفي بزرگن ۽ ڪلاسيڪي شاعرن جهڙوڪ: شاهه عنايت شهيد، شاهه عبداللطيف ۽ سچل سرمست جون سوانح عمريون، ڪلام سان گڏ سندن سوانح به جدا جدا رسالن ۾ قلمبند ڪيون ويون. ان ڏس ۾ شاهه لطيف جي سوانح مير عبدالحسين سانگيءَ ’لطائف لطيفيءَ‘ نالي ڪتاب ۾ 1888ع ۾ ڌار صورت ۾ تصنيف ڪئي. ساڳئي دور ۾ سنڌ جي هڪ اهم هستي ۽ سماجي شخصيت ديوان ڏيارام گدومل جي سوانح عمري ’راڄ رشي ديوان ڏيارام گدومل جو جيون چرتر‘ جي عنوان سان پروفيسر شيوارام نرسنگهداس ڦيرواڻيءَ لکي. هن جيون ڪهاڻي/ سوانح عمريءَ ۾ ويهين صديءَ جي شروعات واري سنڌ جو چٽو احوال ملي ٿو، خاص ڪري ڪراچي، حيدرآباد ۽ سنڌ جي ٻين شهرن جي سماجي، سياسي، ثقافتي توڙي تعليمي سرگرمين ۽ ارتقا جو تفصيل احوال ملي ٿو. هن سوانح عمريءَ کي سنڌ جي سياسي، سماجي، ثقافتي توڙي تعليمي ميدان ۾ هڪ مستند دستاويز (Document) جي حيثيت حاصل آهي. هن سوانح عمريءَ ۾ ديوان ڏيارام گدو مل سان گڏ هن دور جي ٻين اهم شخصيتن جو به تفصيلي ذڪر موجود آهي.
ان دور جي ٻي اهم جيون ڪهاڻي ’خانبهادر حسن علي آفندي‘ جي سوانح حيات آهي، جيڪا شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ، خانبهادر سان ذاتي واقفيت، تعلق ۽ سندس زندگيءَ جي دستاويزي احوال کي بنياد بنائي لکي، جيڪا پوءِ ’خان بهادر حسن علي آفنديءَ جي سوانح حيات‘ جي عنوان سان 1958ع ڌاري ٽماهي مهراڻ ۾ شايع ٿي. خانبهادر حسن علي آفنديءَ جي اها سوانح عمري، ورهاڱي کان اڳ واري دور ۾ مسلمانن جي تعليمي ۽ معاشرتي جدوجهد جي ڪهاڻي آهي، ان سان گڏوگڏ خانبهادر جي خاندان، پيدائش، اوائلي تعليم ۽ زندگيءَ ۾ ترقيءَ جا ڏاڪا طئي ڪندي هڪ عام شخص مان سنڌ جو تمام وڏو وڪيل بنجڻ جو احوال به ڏنل آهي.
ان کانسواءِ مرزا قليچ بيگ جي حياتيءَ بابت ’قرب قليچ‘ نالي ڪتاب محمد صديق مسافر تحرير ڪيو، جيڪو مسلم ادبي سوسائٽي، حيدرآباد طرفان 1936ع ۾ شايع ٿيو. تنهن کانپوءِ مرزا قليچ بيگ جي سوانح حيات تي هڪ ٻيو اهم ڪتاب ’حيات قليچ‘، مرزا قليچ جي فرزند مرزا همايون بيگ ’فائق‘ لکيو، جيڪو 1938ع ۾ ڇپيو. ان کان سواءِ مرزا قليچ بيگ جي حياتيءَ بابت ڪيترا جيون خاڪا، مضمون ۽ مختصر توڙي مفصل سوانح عمريون لکيون ويون.
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ طرفان 1984ع ۾ ’مرزا قليچ بيگ‘ نالي سان ڪرائون سائيز مرزا قليچ جي مختصر سوانح ڇپرائي وئي، جيڪا محمد قاسم ٻگهيي لکي هئي. تنهن کانپوءِ سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتي 1990ع ڌاري ٻارن جي معلومات لاءِ 6 ڪتابڙا سوانح تي ڇپايا هئا، جن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو، سراج، پير حسام الدين راشدي، فهميده حسين، مرزا قليچ بيگ، نواز علي شوق ۽ ٻيا شامل آهن.
مشهور سنڌي اديب تيرٿ وسنت، ڀڳت ڪنور رام جي جيون ڪهاڻي ’ڪنور‘ جي نالي سان ۽ ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جي حضرت لعل شهباز قلندر جي زندگيءَ بابت تفصيلي سوانح عمري ’تذڪره شهباز‘ کي سنڌي نثر ۽ ادب ۾ خاصي اهميت حاصل آهي.
سوانح عمريءَ جي صنف ۾ محمد بخش مجنونءَ جي لکيل ڪتاب ’مسڪين جهان خان کوسو‘ کي به وڏي اهميت حاصل رهي آهي. هن سوانح عمريءَ ۾ ٿر جي پسمنظر ۾ هڪ مسڪين شخص ۽ سماجي ڪارڪن مسڪين جهان خان کوسي جي زندگيءَ جو احوال تمام دلچسپ نموني ۾ بيان ڪيل آهي.
سنڌي ادب ۾ سياسي ۽ ادبي شخصيتن تي به سوانح عمريون لکيون ويون آهن، جن مان ڪجهه اهم سوانح عمريون هيٺينءَ ريت آهن:
1) ’شيخ عبدالمجيد سنڌي'> شيخ عبدالمجيد سنڌي‘ (خان محمد پنهور: 1984ع)، (2) ’جن سين'>جنب گذاريم جن سين‘ (ٻه جلد: جي. ايم. سيد: 1967ع، 2004ع)، (3) ’علامه عمر بن محمد دائود پوٽو‘ (غلام مصطفى دادوي: 1993ع)، (4) ’يادِ رفتگان‘: مخدوم محمد زمان طالب المولى؛ (5) ’امامِ انقلاب- مولانا عبيد الله سنڌي‘ (پير علي محمد راشدي: 1992ع)؛ (6) ’منهن تهين مشعل‘ (تنوير عباسي: 1990ع)؛ (7) ’دنيا جون عظيم انقلابي عـورتـون‘ (تاج جـويـو: تـرجمـو: 1989ع)؛ (8) ’گهـڙيـون گهاريم جن سين‘ (ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: 1994ع)؛ (9) ’سيد فتح محمد شاهه اڄناڻي سوانح ۽ ڪلام‘ (مخدوم جميل الزمان: 1993ع)؛ (10) ’جهـڙا گل گلاب جا‘ (ٻه جُلد: غلام رباني آگرو: 1991ع)، (11) ’ڊاڪٽر بلوچ- هڪ مثالي عالم‘ (تاج جويو: 2001ع)، (12) ’آزادي جو امام- مولانا تاج محمود امروٽي‘ (سيد محبوب علي شاهه بخاري: 1995ع)؛ (13) ’علامه آءِ. آءِ. قاضي‘ (قاضي فيض محمد: 1991ع)؛ (14) ’ڏيپلائي- سنڌ جو ڪهنه مشق صحافي‘ (نور محمد عباسي: 1985ع)؛ (15) ’آديسي استاد- استاد بخاري ڏات ۽ ذات ۾‘ (علي دوست عاجز: 2005ع)؛ (16) ’جيجي‘ (’جيجي زرينه بلوچ- شخصيت ۽ فن‘، ترتيب: نصير مرزا: 2006ع)؛ (17) ’ڀيرومل مهرچند جي جيون ڪٿا‘ (هيرو ٺڪر: 2007ع)؛ (18) ’وڏو ڪهاڻيڪار، وڏو انسان: نسيم کرل‘ (تاج جويو)، (19) ’ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي سوانح حيات ۽ عملي خدمتون‘ (عبدالرسول قادري: 2006ع)؛ (20) ’اسان جا اديب، اسان جا شاعر‘ (صحبت بلوچ: 1983ع)؛ (21) ’علامه غلام مصطفى قاسمي سوانح ۽ علمي ڪاوشون‘ (مرتب: قاضي خادم: 2011ع)؛ (22) ’ٽي عظيم شاعر‘ (هولارام هـنـس: 2011ع)؛ (23) ’سـنڌ جـو بيـباڪ صحافي ۽ عظيم انسان: محمد عـثـمـان ڏيـپـلائي‘ (تاج جـويـو)، (24) ’سـٻاجهـو ساڃهه وند: محمد ابراهيم جـويـو‘ (تاج جويو)، (25) ’ ڪلياڻ آڏواڻي‘ (اي. جي. اتم)، (26) ’مير معصوم بکري‘ (پير حسام الدين راشدي: 1979ع)،
(27) منگهارام ملڪاڻي (اي. جي. اتم)، (28) ’پير حسام الدين راشدي- سوانح ۽ علمي ڪارناما‘ (سيد مصباح الدين، ترجمو: امام راشدي ۽ آزاد قاضي: 2011ع)؛ (29) ’ماڻهو شهر ڀنڀور جا‘: غلام رباني آگرو (2012ع)؛ (30) ’انيس انصاري، فن ۽ شخصيت‘ (اشتياق انصاري: 2008ع)، (31) ’قلم جو سپاهي: ڪرمچند (هيرو ٺڪر)، (32) آفتاب انقلاب: پـرچـو وديـارٿـي (موهن ڪلپنا)، (33) ادبي تصويـرون (جڳديش لڇاڻي)، (34) ’عزيز: شخص ۽ اديب‘ (پوپٽي هيراننداڻي)، (35) لينن: دنيا جي عظيم انقلابي شخصيت (ڪيرت ٻاٻاڻي: 1980ع)، (36) لينن جي سوانح (ارجن سڪايل)، (37) اندرا گانڌي (ارجن سڪايل)، (38) مهاتما ۽ لينن (اي. جي. اتم) وغيره.
انهن سوانح عمرين کان سواءِ سنڌيءَ ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي سوانح عمريون ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل صورت ۾ موجود آهن.