
سوجهرو رسالو

سوجهرو رسالو
سوجهرو (رسالو): سنڌي ٻوليءَ جو هيءُ ادبي رسالو 1973ع جي آخر ڌاري جاري ٿيو، هن رسالي جي اجراء ۾ سنڌ جي نامور ليکڪائن جو وڏو هٿ هو. ان سلسلي ۾ ڪراچيءَ جي راڪ هائوس- گرو مندر ۾ دادا دولت مهتاڻي ۽ دادي ڪملا مهتاڻيءَ هڪ گڏجاڻي ڪوٺائي، جنهن ۾ فھميدہ ميمڻ (فھميدہ حسين)، شيرين فاروقي، زرين شورو، ارشاد قمر نرگس هود ٻائي، گلبانو سلطانہ وغيرہ شرڪت ڪئي. ان گڏجاڻيءَ ۾ مشاورت بعد فيصلو ڪيو ويو تہ ساڃھہ وند ۽ وچولي طبقي جي عورتن جي حقن ۽ جاڳرتا لاءِ تنظيم جوڙي هڪ رسالو ڪڍجي. ان رسالي کي جاري ڪرائڻ لاءِ مرد ليکڪن مان تاج بلوچ ۽ مشتاق شوري کي پڻ ساٿ ۾ کنيو ويو. هن رسالي جي ڊڪليئريشن گل بانو سلطان جي نالي تي وٺي، 1972ع جي پڇاڙيءَ ۾ رسالو جاري ڪيو ويو، جنهن جي ايڊيٽر طور نالو تہ گل بانو سلطان جو هو، پر ايڊيٽنگ جو ڪم گهڻو ڪري فھميدہ ميمڻ جي حوالي هوندو هو. رسالي جي ٻارن واري صفحي جي انچارج نرگس هود ڀائي، فيشن واري حصي جي انچارج زرين شورو، سوالن جوابن جي ارشاد قمر، عورتن جي مسئلن جي شيرين فاروقي ۽ انٽرويوئن ۽ ڪالمن جي ذميواري فھميدہ ميمڻ کي سونپي وئي. رسالي جي سٿ پاران ’سوجهرو سنگت‘ نالي سان عورتن جي تنظيم پڻ قائم ڪئي وئي، جنهن ۾ فھميدہ ميمڻ ۽ سندس همعصر ليکڪائن ڀرپور حصو ورتو. عورتازاد جي حوالي سان عملي ڪوششون شروع ٿيون. رسالي ۾ مختلف شخصيتن جا انٽرويو ڪيا ويا ۽ ڪيترن ئي رخن کان سنڌي علم ادب ۾ عورتن جي بھري وٺڻ واري نقطي کي فروغ ڏيڻ جي شعوري ڪوشش ڪئي وئي. انهن انٽرويوئن ۾ خاص طور سان ساران صديقي، زرينه بلوچ، مائي ڀاڳي، غلام رباني آگري، غزالا رفيق ۽ ٻين شخصيتن جا انٽرويو شروعاتي، اهميت وارا ۽ ان دور جا عڪاس هئا، جيڪي هن وقت بہ هڪ تاريخي دستاويز جي حيثيت رکن ٿا. سوجهري رسالي ۾ ان وقت عورتن جي حقن جي اپٽار ڪئي ويندي هئي. جڏهن سنڌي سماج غلاميءَ جي زنگ سبب عورت جي معقول حيثيت کان قاصر بڻيل هو. هن رسالي ۾ عورتن جي حوالي سان مواد کي اهميت ڏني ويندي هئي. اڳتي هلي هن رسالي ۾ مختلف تبديليون اينديون رهيون. هن رسالي جي معرفت عورتن جي تنظيم ۽ سوجهرو سنگت عورتن جي سجاڳي ۽ شعور بيدار ڪرڻ ۾ مکيہ ۽ بنيادي ڪم ڪيو. جنهن جي پليٽ فارم تان عورتن جي حقن لاءِ ڀرپور آواز اٿارڻ سميت نظرياتي محاذ جوڙي سنڌي عورتن کي ڄڻ تہ زبان ڏني. هڪ سال تائين رسالي جي ادارت جا عملي فرض فھميدہ ميمڻ پاران سرانجام ڏيڻ بعد رسالي جي سب ايڊيٽر طور نامور شاعرہ سحر بلوچ (سحر امداد) فرض نڀايا. ان دوران پڻ رسالي ڪافي مڃتا ماڻي ۽ ڪيترائي سلسلا پابنديءَ سان شايع ٿيندا رهيا. رسالي ۾ عورتازاد کي هٿي وٺرائڻ سميت نئين ٽهيءَ لاءِ شعوري طور نيون راهون گهڙڻ، سماجي مسئلن جي اپٽار کان ويندي نئين شعوري رَوَ طور جاڳرتا جا مقصد رکي رسالي ۾ مواد ڇاپيو ويو. ڪيترو عرصو هي رسالو شايع ٿيڻ بعد بند ٿي ويو.
1998ع ۾ ڪيترائي ڪتاب ترجمو ڪري سوجهري ۾ قسطوار شايع ڪرايا ويا.ڪيئي مستقل سلسله پڻ جاري رهيا جن ۾ پڙهندڙن جي خطن جو سلسلو ” مارن مون ڌي موڪليا“ ايڊيٽوريل بعد ناليواري اديب تاج بلوچ جي ادارت هيٺ ٻيهر ’سوجهرو‘ جاري ڪيو ويو. تاج بلوچ هن رسالي کي نج ادبي رسالي طور متعارف ڪرايو ۽ ادبي تنقيد کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ورتيون. هن رسالي جو هن وقت پڻ ايڊيٽر تاج بلوچ ۽ اسسٽنٽ ايڊيٽر شير مهراڻوي آهي. هن رسالي جا هن وقت تائين 140 کان مٿي پرچا شايع ٿي چڪا آهن.
هن رسالي جي معرفت ڪيترائي اديب ۽ اديبائون متعارف ٿيون، جن ادبي دنيا ۾ چڱو نالو ڪمايو. هيءُ رسالو پابنديءَ سان هر مهيني شايع ٿيندو رهي ٿو.