سوجهرو سنگت (عورتن جي تنظيم): سنڌي عورتن جي تنظيم، جيڪا ستر جي ڏهاڪي جي شروعات ۾ دادي ڪملا مهتاڻيءَ جي سرپرستيءَ ۾ ٺھي. سنڌي عورتن، خاص ڪري مڊل ڪلاس جي عورتن ۾ سماجي سطح تي سجاڳي آڻي، کين سماج ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ اتساهڻ جو مقصد سامهون رکي هن سنگت جو بنياد رکيو ويو، ڪراچيءَ ۾ رهندڙ ڪيتريون ئي عورتون ان جون ميمبر بڻيون، جن ۾ دادي ڪملا مهتاڻي، زرين شورو، شيرين فاروقي، زهريٰ انصاري، زهريٰ مرزا، ارشاد قمر، فھميدہ ميمڻ، نرگس هود ٻائي، گلبانو سلطان ۽ ٻيون عورتون شامل هيون. هيءَ تنظيم مهيني ٻئي مهيني گڏجاڻيون ڪندي هئي، جيڪي گهڻو ڪري دادي ڪملا جي گهر ’راڪ هائوس‘ ۾ ٿينديون هيون. انهن گڏجاڻين ۾ هيٺئين طبقي جي پورهيت عورتن جي مالي سهائتا سان گڏ سندن روزگار لاءِ رٿابندي ٿيندي هئي ۽ عملي طور پڻ ان ڏس ۾ پيش رفت ٿيندي هئي. ان کانسواءِ ڪراچيءَ ۾ رهندڙ ڪٽنبن جي نوجوان ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن جي سڱابنديءَ لاءِ پڻ ڪوششون ڪيون وينديون هيون. سوجهرو سنگت جي گڏجاڻين ۾ اڪثر موسيقيءَ جي محفل بہ ٿيندي هئي، جنهن ۾ دادي ڪملا مهتاڻي، شاھہ ۽ ٻين صوفي شاعرن جو ڪلام ڳائيندي هئي. ان کانسواءِ هڪ ٻي فنڪارہ گل بانو پڻ حصو وٺندي هئي، جيڪا بعد ۾ ريڊيو پاڪستان تي پڻ سنڌي ڪلام ڳائڻ لڳي.
سوجهرو سنگت‘ طرفان انهيءَ عرصي ۾ ئي ’سوجهرو‘ نالي رسالو پڻ جاري ڪيو ويو، جنهن جو مالي طور ڪرتا ڌرتا دادا دولت مهتاڻي هو ۽ سندس گهر واري دادي ڪملا مهتاڻي ان جي سرپرستي ڪندي هئي. ان رسالي جو نعرو يا سلوگن هو ’هر گهر جو رسالو‘. ان ريت سٺي علمي، ادبي معيار سان گڏ عورتن جي دلچسپيءَ جا ڪيترائي موضوع هن ۾ شامل هوندا هئا، جن ۾ ويس وڳا، رڌپچاءُ وغيرہ شامل هئا. سوجهرو سنگت جي گڏجاڻين جي ڄاڻ ۽ رپورٽ پڻ هن رسالي ۾ شايع ڪئي ويندي هئي. هيءَ تنظيم گذريل ڪجهه سالن کان غير فعال آهي.