
سوجهرو شام جو
سوجهرو شام جو (ڪتاب): هي ڪتاب هند ۽ سنڌ جي نامور شاعر ايم. ڪمل جي شاعريءَ (غزلن، قطعن، نغمن ۽ ڊائريءَ جي ورقن) تي مشتمل آهي. شاعر، هي ڪتاب، پنھنجي عظيم دوست ۽ عظيم ڪهاڻيڪار موهن ڪلپنا کي ارپيو آهي. پبلشر نوٽ ڪمل ڪتاب گهر جي پروپرائيٽر، ايم. ايم. بندراڻيءَ لکيو آهي. ايم ڪمل ’رچناڪار طرفان‘ ۾ لکيو آهي تہ: ”شعر جي ڪٿ، قدر ۽ اثر پڙهندڙن جي ذاتي پسنديءَ ۽ ناپسنديءَ تي رهي ٿو. مون گهر جون دريون، در بند ڪري، ڪنهن محبوبا جو تصور ڪندي، سندس حسن، عشق، وصل، فراق، لوڏ ۽ توڏ تي شاعري نہ ڪئي آهي، مان تہ گهر ڇڏي اچي گهٽيءَ ۾ بيٺو آهيان ۽ ماحول، جيڪو منهنجيءَ دل دماغ تي اثر ڇڏيو آهي، ان جو شعري اظهار ڪيو اٿم.“
ڪرائون سائيز جي 96 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب،
ڪمل ڪتاب گهر، الهاس نگر، نومبر 1992ع ۾ ڇپايو آهي ۽ ان جي قيمت 30 روپيا آهي.