سومرو سودائي
سودائي سومرو : سنڌي ٻوليءَ جي نامور مزاحيه شاعر ۽ نثر نويس سومري سودائيءَ جو اصل نالو غلام رسول ولد محمد يوسف سومرو هو. هن 10 اپريل 1938ع تي آخوند پاڙي دادوءَ ۾ جنم ورتو. شاعريءَ ۾ سندس سڃاڻپ ’سومري سودائي‘ طور ٿي. هن پرائمري تعليم ڳوٺ ڀائي خان لاشاريءَ ۾ ورتي، جتان ورنيڪيولر فائنل جو امتحان 1950ع ۾ پاس ڪري، 1954ع ۾ پرائمري ماستر ٿيو، 1956ع تائين هن ماستري ڪئي، جنهن کانپوءِ اها ملازمت ڇڏي تعلقي ميونسپل ڪميٽي دادوءَ ۾ آڪٽراءِ ڪلارڪ جي نوڪري ورتي. هي ڪجهه وقت قلندري پرنٽنگ پريس دادوءَ ۾ ڪمپازيٽر ۽ مشين مئن به ٿي رهيو. انهيءَ کانسواءِ روزنامه نواءِ سنڌ ۽ روزاني مهراڻ جو نمائندو به ٿي رهيو. ان دور ۾ دادو ۾ ’انجمن آفتاب ادب‘ پنهنجي علمي، ادبي سرگرمين سبب عروج تي هئي. ٽائون هال دادوءَ ۾ ماهوار مشاعرا ٿيندا هئا، جن ۾ نامور شاعر جمع خان ’غريب‘، علي حيدر حيدري، نواز علي ’ناز‘ جعفري، استاد بخاري، اسحاق راهي ۽ ٻين جي صحبت ۾ کيس ويهڻ جو موقعو مليو، خاص ڪري محمد علي دائودپوٽي، ميوي خان ’رفيق‘ ۽ محمد اشرف ’منصور‘ دائودپوٽي جي صحبت ۾ شاعري شروع ڪيائين ۽ 1954ع کان ’سومري سودائيءَ‘ جي نالي سان مزاحيه شاعر طور نمودار ٿيو. سنڌ جي مزاحيه مشاعرن ۾ پهرين صف ۾ شاعر شمار ڪيو ويندو هو، توڙي جو اُن وقت شمس الدين ’بلبل‘ ۽ امام الدين ’ضامن‘ مزاحيه شاعريءَ جا وڏا نالا هئا، پر پوءِ به هن پنهنجي حيثيت ٺاهي ورتي. سومري سودائيءَ جي مزاحيه شاعريءَ جو پهريون مجموعو ’چهنڊڙيون‘ 1964ع ۾ احسن پبليڪيشن دادوءَ پاران بزرگ شاعر حافظ محمد احسن چنا ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن سماج جي ستل ضمير کي ڪافي جاڳايو. سندس شاعري صرف مزاحيه ئي نه، پر معاشري ۾ ٿيندڙ هر انياءَ ۽ هر ڏاڍ جي ڀرپور عڪاسي ڪندڙ آهي. سندس مزاحيه نثر پڻ پنهنجو مٽ پاڻ هو. دادوءَ جي اخبارن: اظهار، شهباز، دادو گزيٽ ۽ قلندر ۾ مزاحيه ڪالم لکيائين. حافظ احسن چنا ۽ نور عباسيءَ کي پنهنجو استاد سمجهندو هو. هو خود لکي ٿو ته ”محترم نور عباسيءَ کي ئي پنهنجيءَ سموري تخليق جو استاد سمجهان ٿو.“ سومري سودائيءَ جي مزاحيه شاعريءَ جو ٻيو ڪتاب ’ٽاڪوڙا‘ پڻ احسن پبليڪيشن دادوءَ، 1966ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. سندس ٻنهي ڪتابن جون پنجن کان ڇهن هزارن تائين ڪاپيون مختصر عرصي ۾ وڪرو ٿي ويون. سندس مزاحيه شاعريءَ جو ٽيون ڪتاب ’تنهنجا ڏاڍ، منهنجي ماٺ‘ 1974ع ۾ ڇپيو. سندس هنن ٽنهي ڪتابن جا نوان ڇاپا 2007ع ۾، روشني پبليڪيشن ڪنڊياري ٻيو ڀيرو ڇپائي پڌرا ڪيا. سندس هڪ ڪتاب جيترو مواد اڻ ڇپيل پونيرن وٽ موجود هو، جنهن جو هن ’دادو آهي جادو‘ نالو رکيو هو، پر اهو ڇپجڻ کان اڳ برساتن ۾ لڙهي ويو. سومرو سودائي مزاحيه شاعريءَ جو هڪ نرالو ۽ منفرد نالو هو ۽ دادوءَ جي محفلن کي سندس شرڪت چار چنڊ لڳائي ڇڏيندي هئي. 1962ع ۾ طالب الموليٰ هاءِ اسڪول دادوءَ ۾ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي صدارت ۾ هڪ مشاعرو ٿيو، جنهن جي طرح هئي: ’الائي ڇا حشر ٿيندو، جي رشوت بند ٿي هاڻي‘“ ان وقت قاضي فضل الله، وزيرِ آبپاشي هو ۽ رشوت جي ختم ڪرڻ جا زوردار بيان ڏيندو هو، مشاعري ۾ سومري سودائيءَ جڏهن هيٺيون بند ته مير مجلس جناب طالب الموليٰ کيس تمام گهڻو داد ڏنو: اسان جي پوئتان قاضي هي فضل الله ڇو پيو آ، ٻڌائج تون ئي سودائي، اسان ير ڏوهه ڇا ڪيو آ، جو صبح ۽ شام ويٺو اسان جي ڳالهه کي تاڻي، الائي ڇا حشر ٿيندو، جي رشوت بند ٿي هاڻي! سومرو سودائي، صف اول جو مزاح نگار، شاعر ۽ اديب هو. هڪ هنڌ پنهنجو تعارف هن ريت ڪرايو اٿس: ”صفا سولي سنڌيءَ ۾، سُٿڻ قميص ۾ سُريلو پيو لڳان! حرڪت صرف اها اٿم، جو رستي ويندي پاڻ سان ڳالهائيندو آهيان، ڄڻ ته ٻه ڄڻا لڳا ٿا وڃون!“ (حوالو: ٽاڪوڙا، 1966ع، ص: 15). سومري سودائيءَ اسٽيج ڊرامن جي هدايتڪاري به ڪئي، پر ان شعبي کي غربت سبب وقت ڏئي نه سگهيو. هو سٺو اداڪار پڻ هو. دادوءَ جي اسٽيج ڊرامن ۾ چڱو بهرو ورتائين. عثمان ميمڻ، غلام حسين ڏيپر ۽ منان عباسيءَ جي ڊرامن جو اسٽيج ڊائريڪٽر پڻ رهيو. هن 1970ع ۾ شادي ڪئي، جنهن مان کيس ٽن پٽن ۽ هڪ نياڻيءَ جو اولاد ٿيو. سومري سودائيءَ، 14 اپريل 1992ع تي وفات ڪئي.
1938.04.10 عيسوي
سنڌي ٻوليءَ جي نامور مزاحيه شاعر ۽ نثر نويس سومري سودائيءَ جو اصل نالو غلام رسول ولد محمد يوسف سومرو هو. هن 10 اپريل 1938ع تي آخوند پاڙي دادوءَ ۾ جنم ورتو.
1992.04.14 عيسوي
سودائي سومري، 14 اپريل 1992ع تي وفات ڪئي.