سوده رضي الله عنها : اُم المومنين سوده رضي الله عنها، حضرت محمد صلي ﷲ عليہ وسلمجي ٻي گهر واري هئي. هيءَ بيبي حضرت خديجه رضي الله عنها جي وفات کانپوءِ نبي ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جي نڪاح ۾ آئي. بيبي سوده بنت زمعه جو نسبي تعلق ’عامر بن لوي‘ سان ملي ٿو. عامر، ڪعب جو ڀاءُ هو. ڪعب بن لوي نبي ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جي ’جد اعليٰ‘ خاندان جو وڏو هو. بيبي سوده پهرين السڪران بن عمرو جي گهر واري هئي، نبي ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جي نبوت جي اعلان کانپوءِ انهن ٻنهي اسلام قبوليو ۽ اسلام قبولڻ کانپوءِ السڪران پهرين حبش ۽ پوءِ مڪي ڏانهن هجرت ڪئي، مڪي ۾ ئي سندس وفات ٿي. بيبي خديجه رضي الله عنها جي وفات کانپوءِ اولاد جي سار سنڀال لاءِ حضرت خوله بنت حڪيم رضي الله عنه حضور اڪرم صلي ﷲ عليہ وسلم کي حضرت سوده رضي الله عنه بنت زمعه سان نڪاح ڪرڻ جو مشورو ڏنو. سندس مشوري تي نبي ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم نبوت جي ڏهين سال ئي بيبي سوده رضہ سان نڪاح ڪيو. بيبي سوده تقريباً 12 سال نبي ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم سان گڏ رهي ۽ نبي ڪريم صہ جي وصال کانپوءِ بہ 12 سال زندھہ رهي. کيس پهرئين مڙس مان هڪ فرزند ’عبدالرحمان هو، جنهن جنگ ’جلولاءَ‘ ۾ شهادت ماڻي. هن کي نبي ڪريم صہ مان ڪو اولاد نہ هو. روايتن مطابق بيبي سوده ٻين جي مدد ڪرڻ کي فرض سمجهندي هئي. هڪ ڀيري حضرت عمررضي الله عنه بيبي سوده لاءِ ’درهمن‘ جي ٿيلهي موڪلي، پر پاڻ اُهي حاجت مندن ۾ ورهائي ڇڏيائين (ابن سعد). ان کانسواءِ بيبي صاحبہ حاجين جي لاءِ احرام جو ڪپڙو تيار ڪندي هئي ۽ ان مان حاصل ٿيندڙ آمدنيءَ کي غريبن ۾ خرچ ڪندي هئي. بيبي سوده رضي الله عنه جي باري ۾ بيبي عائشہ رضي الله عنها جو چوڻ آهي تہ هن جي جسم ۾ ڄڻ تہ منهنجو روح آهي (ابن سعد). بيبي سودهرضي الله عنها 54ھہ/ 673ع ۾ وفات ڪئي. (حوالو: شاهڪار اسلامي انسائيڪلوپيڊيا)