سوده رضہ: اُم المومنين سوده رضه، حضرت محمدصه جي ٻي گهر واري هئي. هيءَ بيبي حضرت خديجهرضه جي وفات کانپوءِ نبي ڪريمصه جي نڪاح ۾ آئي. بيبي سوده بنت زمعه جو نسبي تعلق ’عامر بن لوي‘ سان ملي ٿو. عامر، ڪعب جو ڀاءُ هو. ڪعب بن لوي نبي ڪريمصه جي ’جد اعليٰ‘ خاندان جو وڏو هو. بيبي سوده پهرين السڪران بن عمرو جي گهر واري هئي، نبي ڪريمصه جي نبوت جي اعلان کانپوءِ انهن ٻنهي اسلام قبوليو ۽ اسلام قبولڻ کانپوءِ السڪران پهرين حبش ۽ پوءِ مڪي ڏانهن هجرت ڪئي، مڪي ۾ ئي سندس وفات ٿي. بيبي خديجهرضه جي وفات کانپوءِ اولاد جي سار سنڀال لاءِ حضرت خوله بنت حڪيم رضہ حضور اڪرمصه کي حضرت سوده رضہ بنت زمعه سان نڪاح ڪرڻ جو مشورو ڏنو. سندس مشوري تي نبي ڪريم صہ نبوت جي ڏهين سال ئي بيبي سوده رضہ سان نڪاح ڪيو. بيبي سوده تقريباً 12 سال نبي ڪريمصه سان گڏ رهي ۽ نبي ڪريم صہ جي وصال کانپوءِ بہ 12 سال زندھہ رهي. کيس پهرئين مڙس مان هڪ فرزند ’عبدالرحمان هو، جنهن جنگ ’جلولاءَ‘ ۾ شهادت ماڻي. هن کي نبي ڪريم صہ مان ڪو اولاد نہ هو. روايتن مطابق بيبي سوده ٻين جي مدد ڪرڻ کي فرض سمجهندي هئي. هڪ ڀيري حضرت عمررضه بيبي سوده لاءِ ’درهمن‘ جي ٿيلهي موڪلي، پر پاڻ اُهي حاجت مندن ۾ ورهائي ڇڏيائين (ابن سعد). ان کانسواءِ بيبي صاحبہ حاجين جي لاءِ احرام جو ڪپڙو تيار ڪندي هئي ۽ ان مان حاصل ٿيندڙ آمدنيءَ کي غريبن ۾ خرچ ڪندي هئي. بيبي سوده رضہ جي باري ۾ بيبي عائشہ رضہ جو چوڻ آهي تہ هن جي جسم ۾ ڄڻ تہ منهنجو روح آهي (ابن سعد). بيبي سودهرضه 54ھہ/ 673ع ۾ وفات ڪئي. (حوالو: شاهڪار اسلامي انسائيڪلوپيڊيا)