سوراج پرڪاش
سوراج پرڪاش (رسالو): هي ماهوار رسالو حڪيم سخي سنگهہ ٺاڪر داس، پهرين فيبروري 1916ع کان شڪارپور مان ڇپائي پڌرو ڪيو. هن رسالي جو ايڊيٽر اصل ڳوٺ پير بخش ڀٽو جو رهاڪو هو. هن رسالي جون 3 سئو ڪاپيون نڪرنديون هيون. هي رسالو 1917ع تائين باقاعدہ شايع ٿيندو رهيو، بعد ۾ بند ٿي ويو.