
سوراج پرڪاش گُپتا
سوراج پرڪاش گُپتا: هندستان جي نامياري محقق، عالم، آثار قديمہ ۽ فن تاريخ جي هن ماهر جو جنم 1931ع ڌاري ٿيو. ننڍپڻ ۾ هي راشٽريا سوايم سيوڪ سنگهہ جو ميمبر ٿي رهيو. هن سنڌو تھذيب جي هندستان ۾ مختلف ماڳن تي تمام گهڻي کوجنا ڪئي ۽ انهن ماڳن جي کوٽائيءَ ۾ حصو پڻ ورتائين. هندستان جي فن تاريخ تي کيس دسترس حاصل هئي. هندستان جا آثارِ قديمه، قديم فن ۽ تھذيب سندس دلچسپيءَ وارن موضوعن ۾ شامل هئا، جن متعلق دنيا جي 30 کان وڌيڪ ملڪن جي درسي ادارن ۾ خطاب/ ليڪچر ڏنائين. کيس ڪيترائي سونا ٻلا ۽ اوارڊ مليا.
1984ع ڌاري بي. بي لال (B. B. Lal) جي گڏيل تحقيق تي مشتمل ڪتاب Frontiers of the Indus Civilization، هندستاني آثارِ قديمہ سوسائٽيءَ طرفان نئين دهليءَ مان ۽ 1995ع ۾ The Lost Sarasvati and the Indus Civilization جوڌپور مان شايع ٿيا. هندستان جي سائنس، فلسفي، تھذيب ۽ ثقافت جي تاريخ جي حوالي سان گپتا جو تحرير ڪيل ڪتاب ‘The Dawn of Civilization’، جيڪو سال 1999ع ۾ Centre for Studies in Civilization پاران نئين دهليءَ مان شايع ٿيو. هن هندستاني آثارِ قديمہ سوسائٽيءَ پاران شايع ٿيندڙ خاص تحقيقي جرنل ’پورا تتوا‘ جي مختلف شمارن ۾ ايڊيٽر طور ڪم ڪيو. ڪجهہ وقت الھہ آباد ميوزيم ۾ ڊائريڪٽر جي عهدي تي فائز رهيو. سنڌو تھذيب بابت مٿئين اهم ڪتاب کان سواءِ سندس مشھور ڪتابن ۾ هيٺيان شامل آهن:
(1) Disposal of the Dead and Physical Types in Ancient
India, (1971),
(2) Tourism, Museum and Monuments, (1975).
(3) Archaeology of Soviet Central Asia and the Indian
Border Lands, Two Volumes, (1978).
(4) The Roots of Indian Art, (1980).
(5) Cultural Tourism in India (2002)
(6) Elements of Indian Art: Including Temple Architecture,
Iconography and Iconometry.
هندستان ۾ The Indian History and Culture Society نالي تحقيقي ادارو قائم ڪرڻ جو اعزاز بہ کيس حاصل آهي. آثارِ قديمہ جي ماهر ۽ مؤرخ طور هندستان ۾ کيس نمايان حيثيت حاصل آهي. هن جي قابليت ۽ خدمتن عيوض کيس ڪيترائي اوارڊ ۽ گولڊ ميڊل بہ مليا آهن، جن ۾ خاص طور Sir Mortimer Wheeler Prize for Excellence in Archaeology ۽ مڌيه پرديش رياست جي حڪومت پاران آثارِ قديمہ تي تحقيق ۽ والهانه وابستگيءَ جي بنياد تي پهرئين ’ڊاڪٽر وشنو شريڌر واڪنڪر نيشنل اوارڊ‘ سان نوازيو ويو.
هن نامياري محقق ۽ تاريخدان 2007ع ۾ وفات ڪئي. وفات کان ڪجهہ وقت اڳ هندستاني آثار قديمہ سوسائٽيءَ جو چيئرمئن ٿي رهيو.